Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ دهشت گردي ۽ قتل و غارتگري جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 5/22/2014
ڪراچي ۾ دهشت گردي ۽ قتل و غارتگري جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ بي گناھ شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
اڄ دهشت گردن فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن ۽ گلستان جوهر ۾ هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر کي قتل ڪري چڏيو آهي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 22 مئي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ دهشت گردي ۽ قتل و غارتگري جي مسلسل واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ٺوس قدمَ کنيا وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ بي گناھ شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ اڄ وحشي دهشت گردن ناظم آباد نمبر 4 ۾ ٻن سڳن ڀائرن ۽ گلستان جوهر ۾ هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر کي قتل ڪري چڏيو جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته واپارين، دڪاندارن، اسڪولن جي مالڪن ۽ استادن کان ڀتي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي ۽ ڀتو نه ڏيڻ تي انهن کي گولين جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف دهشت گرد عام شهرين کي به دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن، پر انهن دهشت گردن جي خلاف ڪابه ڪاروائي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي.ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪراچي جي ماڻهن کي دهشت گردن، ڀتي خورن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي . رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد،وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ، ڊي جي رينجر سنڌ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشت گردي ۽ قتل و غارتگري جو نوٽس ورتو وڃي ۽  بي گناھ شهرين جي جان و مال سان کيڏڻ وارن دهشت گردن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. رابطا ڪميٽي ٻن سڳن ڀائرن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪر جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو.


5/4/2024 6:40:18 AM