Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

يوٽيوب سماجي رابطي جو اهم ذريعو آهي جنهن سان علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿي وڃي ٿي.سينيٽر نسرين جليل.


يوٽيوب سماجي رابطي جو اهم ذريعو آهي جنهن سان علم ۽ ڄاڻ  حاصل ڪرڻ  ۾ آساني ٿي وڃي ٿي.سينيٽر نسرين جليل.
 Posted on: 5/18/2014
يو ٽيوب تي پابندي کي فورن ختم ڪيو وڃي ،يوٽيوب جي بندش جي متعلق سينيٽر نسرين جليل جو وزير اعظم ميان نواز شريف کي خط.
ڪراچي؛ 18 مئي 2014 
          متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر نسرين جليل پنهنجي هڪ خط جي ذريعي وزير اعظم ميان نواز شريف کي پاڪستان ۾ سماجي ويب سائيٽ يو ٽيوب جي مستقل بندش جي متعلق عوام ۾ پائي ويندڙ ڳڻتي کان آگاھ ڪيو آهي. سينيٽر نسرين جليل وزير اعظم کي پنهنجي خط ۾ چيو ته ملڪ ۾ يوٽيوب جي مستقل بندش سان ملڪ جي عوام ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي . انهن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪميٽي برائي انساني حقوق به يوٽيوب تي پابندي جي خاتمي جي قرارداد منظور ڪري چڪي آهي.جڏهن ته لاهور هائي ڪورٽ به انفارميشن منسٽري کي  يوٽيوب تان پابندي هٽائڻ جو حڪم ڏيئي چڪي آهي. نسرين جليل چيو ته يوٽيوب سماجي رابطي جو هڪ اهم ذريعو آهي ۽ اڄ جي جديد دور ۾ ان جي ذريعي علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. پر پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي يوٽيوب تي پابندي عائد آهي ،جڏهن ته اڄ ملڪ ۾ ٿري جي ۽ فور جي ٽيڪنالاجي جي اجرا کان پوءِ پاڪستان تيز رفتار رابطي جي ڊوڙ ۾ به شامل ٿي چڪو آهي . انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کي چيو ته اهي عوامي احساسن،عوامي گهرجن ۽ اڄ جي جديد دور جي ضرورت کي محسوس ڪندي ملڪ ۾ يوٽيوب تي عائد پابندي جو نوٽس وٺندي ان تان پابندي کي فورن ختم ڪرائين ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪن.


5/1/2024 8:14:04 AM