Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسمبلي جا حق پرست ميمبر فوري طور تي اهڙا قانون منظور ڪرائين جن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ جعلي پيرن، عاملن ، ڪارو جادو ڪرڻ وارن ۽ جادو جو ٽوڙ ڪرڻ وارن جي ڪاروبار کي غير قانوني قرار ڏيئي سگهجي ۽ اهڙو عمل ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين.


اسمبلي جا حق پرست ميمبر فوري طور تي اهڙا قانون منظور ڪرائين جن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ جعلي پيرن، عاملن ، ڪارو جادو ڪرڻ وارن ۽ جادو جو ٽوڙ ڪرڻ وارن جي ڪاروبار کي غير قانوني قرار ڏيئي سگهجي ۽  اهڙو عمل ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/15/2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسيمبلين جي تمام حق پرست ميمبرن کي هدايت فرمائي آهي ته اهي پنهنجن متعلقه ايوانن کان فوري طور تي اهڙا قانون منظور ڪرائين جن جي ذريعي پوري ملڪ ۾ جعلي پيرن، عاملن، ڪارو جادو ڪرڻ وارن ۽ جادو جو ٽوڙ ڪرڻ جا دعوٰي ڪرڻ وارن جي ڪاروبار کي غير قانوني قرار ڏيئي ڪري اهڙو عمل ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪري سگهجي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته دنيا جي تمام مهذب ۽ تعليم يافته ملڪن ۽ معاشري ۾ ڪاري علم ۽ ڪاري جادو جي ڪاروبار تي مڪمل پابندي عائد آهي. پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ انهن ماڻهن جو ڪاروبار عروج تي آهي ، هر شهر ۽ ڳوٽ جون ڀٿيون انهن جعلي پيرن ، عاملن ۽ ٻيهر جوان ڪرڻ وارن جعلي حڪيمن جي اشتهارن سان ڀريل آهن جن جي ذريعي اهي عوام کي ڌوڪو ڏيئي ڪري نه صرف انهن کي لٽي رهيا آهن بلڪه موت جي منه ۾ به ڌڪي رهيا آهن. گذريل چند ڏينهن ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعن انهن جعلي پيرن ، عاملن ۽ حڪيمن جي خراب ڪردار جا وا ضع ثبوت آهن. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ان خراب ڪاروبار جي خلاف سخت ترين قانون بڻائي جعلي پيرن ، عاملن ۽ جعلي حڪيمن جيڪي زهريلي دوائون وڪڻي رهيا آهن انهن جي خلاف مستقل بنيادن تي ڪاروائي ڪئي وڃي . انهن فرمايو ته ضرورت ان ڳالھ جي به آهي ته جن علائقن ۾ جعلي پيرن ، عاملن ۽ جعلي حڪيمن جو ڪاروبار هلي رهيو آهي اتان جي پوليس جي خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي. 
5/1/2024 4:01:47 PM