Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين،ماورائي عدالت قتل، لاپتا ڪيل ڪارڪنن ۽ پروفيشنلن جي قتل جي واقعن جي خلاف17 اپريل خميس تي ڪراچي ۽ 18اپريل جمعي تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪري چڏيو.


 Posted on: 4/15/2014
اسڪيم 33ڪنڙي ٽاورز کان ايم ڪيو ايم جي پنجن ڪارڪنن ۽ ذميوارن علي حيدر، سمير، سلمان،شعيب ۽ فيضان  کي ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارگرفتار ڪري کڻي ويا جن جو هن مهل تائين ڪو به پتو نه آهي ۽ 13اپريل تي 9 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا چئن کي تشدد ڪرڻ کان پوءِ اڇلايو ويو ۽ پنجن کي انکين تي پٽي ٻڌي ڪري ڪڻي ويا۽ 46 ڪارڪنن جي باري ۾ ڪائي به خبر نه آهي . حيدر عباس رضوي.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان گڏجي پرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب.
ڪراچي؛15اپريل2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي بغير رجسٽريشن ۽ بغير نمبر پليٽن وارين ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ سوار ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين ، انهن کي سرڪاري حراست ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ ، ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل ، درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ لاپتا ڪرڻ ۽ پروفيشنلن کي چونڊي چونڊي قتل ڪرڻ جي واقعن جي خلاف ۽ ان ۾ ملوث عناصر جي خلاف قانوني ڪاروائي جي لاءِ 17اپريل بروز خميس تي ڪراچي ۽ 18اپريل بروز جمعي تي سڄي ملڪ ۾ پرامن مظاهرن جو اعلان ڪري چڏيو آهي.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخله چوڌري نثار، ڊي جي رينجر رضوان اختر،آئي جي سنڌ ۽ ڪراچي پوليس چيف شاهد حيات کان پرزور مصالبو ڪيو آهي ته غير قانوني ڪاروائين ۾ ملوث اهلڪارن  جي خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪئي وڃي. ڪارڪنن جي پونئرن کي فوري طور تي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ انهن جي لاءِ معاوضي جو اعلان به ڪيو وڃي ۽ ڪارڪنن کي بازياب ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ۽ فرض ادا ڪن.انهن خيالن جو اظهار حيدر عباس رضوي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪنور نويد جميل، عبدالرشيد گوڏيل، سيف يار خان،عادل خان، گلفراز خان خٽڪ ۽ اسلم آفريدي سان گڏجي هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.حيدر عباس رضوي چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا اڳ آگاه ڪري چڪا آهيون ته ڪراچي ۾ ساده لباس ۾ ملبوس سرڪاري اهلڪار جن جي گاڏين جو ڪوئي به رجسٽريشن نمبر نه آهي ، اهي وڏين ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي نه صرف گرفتار ڪري رهيا آهن بلڪه انهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو به بڻائي رهيا آهن ۽ پوءِ انهن جي لاشن کي دوردراز وارن علائقن ۾ اڇلائي رهيا آهن.13اپريل تي ڪراچي جي علائقي اسڪيم 33 ڪنڙي ٽاورز ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جتي ايم ڪيو ايم جي پنجن ڪارڪنن ۽ ذميوارن علي حيدر، سمير، سلمان، شعيب ۽ فيضان کي ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن گرفتار ڪيو. ان کان پهرين به ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو جن جي باري ۾ ڪائي خبر نه آهي ته اهي ڪٿي آهن. انهن چيو ته اها صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ آهي.انهن چيو ته ان کان اڳ به 15ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو جن جي باري ۾ ڪائي به خبر نه آهي ته اهي ڪٿي آهن. 13اپريل تي گرفتار ٿيندڙ ڪارڪنن مان چئن کي سخت تشدد ڪرڻ کان پوءِ اڇلايو ويو ۽ پنجن کي اکين تي پٽيون ٻڌي ڪري کڻي ويا.انهن چيو ته هن مهل تائين ٽوٽل 46 ڪارڪن آهن جن جي باري ۾ ڪائي به خبر نه آهي ته اهي ڪٿي آهن.انهن چيو ته انهن ڪارڪنن جي لاءِ ايم ڪيو ايم هر قانوني و آئيني رستو اختيار ڪندي ۽ سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ان حوالي سان پٽيشنون به داخل آهن .انهن چيو ته پي پي او جي حوالي سان جيڪا هاڻي پي پي اي آهي ايم ڪيو ايم ان تي پنهنجن سخت ترين خدشن جو اظهار ڪندي رهي آهي ۽ ان کي باقائده نفاذ ايڪٽ بڻجڻ کان پهرين ئي ڪراچي ۾ شروع ڪيو ويو آهي ،90 ڏينهن جي حراست جو ڪو به جواز نه ٿو بڻجي ۽ انهي ڪاري قانون پي پي اي جي تحت ايم ڪيو ايم جا 18 ڪارڪن90 ڏينهن جي ريمانڊ تي آهن،انهن پاڪستان جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ظلم جي خلاف ٿيندڙ مظاهرن ۾وڌ کان وڌ تعداد ۾ پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائين.انهن پاڪستان جي سول سوسائٽي جي ادارن،اين جي اوز ، هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن ، يونين آف جرنلسٽس ، وڪيلن ۽ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن کي به اپيل ڪئي ته اهي به مظاهرن ۾ شرڪت ڪري ڀائيچاري جو اظهار ڪن. 


5/1/2024 12:33:37 PM