Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سچي محبت ۾ عيوضي جي تمنا نه ڪئ ويندي آ ھي ـ جناب الطاف حسين ـ


سچي محبت ۾ عيوضي جي تمنا نه ڪئ ويندي آ ھي ـ جناب الطاف حسين ـ
 Posted on: 4/14/2014
سنڌ جا ماڻھو هڪ ڀيرو الطاف حسين جو ھٿ جھلي ڏسن،جيڪڏھن اھي سنڌ کي شاھ لطيف جي خوابن جي سرزمين نه بڻائي چڏين ته پوءِ انهن جو نالو به نه وٺجو.
سنڌ سان اسان جي سچي محبت جو ثبوت اھو آھي ته ايم ڪيو ايم عزيز آباد جي علائقي کان ھڪ سنڌي کي ٽڪيٽ ڏيئي ڪري اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو،اها ئي سچي محبت آهي.
نئين ۽ پراڻي سنڌي جو جهيڙو ختم ڪيو وڃي ۽ سڀني کي سنڌ ڌرتي جو پٽ تسليم ڪيو وڃي.
جيڪو به سنڌ ۾ مستقل طور تي آباد آهي ۽ جنهن جو جيئڻ مرڻ سنڌ سان وابسته آهي اهو سنڌي آهي.جناب الطاف حسين.
حيدرآباد ۾ فلسفه محبت جي سنڌي ترجمي جي تقريب رونمائي جي شرڪاء کي خطاب.
لنڊن:14اپريل2014 
                   متحده قومي قومي جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته حقيقت ۾ محبت جي خواهش نه ڪئي ويندي آهي ،سچي محبت ۾ عيوضي جي تمنا به نه ڪئي ويندي آهي، امڙپنهنجي اولاد سان بي لوث ۽ بي غرض محبت ڪري ٿي. ۽ اها پاڻ کي بکيو رکي ڪري پنهنجي اولاد کارائيندي آهي، انهن سنڌ جي عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي هڪ ڀيرو الطاف حسين جو هٿ جهلي ڏسن جيڪڏهن اهي سنڌ کي شاھ لطيف جي خوابن جي سرزمين نه بڻائي چڏين ته توهان انهن جو نالو به نه وٺجو.انهن فرمايو ته هرجڳھ تي جهيڙا ٿين ٿا پر گهڻو ٿي چڪو،خدا جي واسطي هاڻي جهيڙا ختم ڪريو۽ هڪ ٻئي جو هٿ جهليو،انهن فرمايو ته سنڌ سان اسان جي محبت جو ثبوت اهو آهي ته ايم ڪيو ايم عزيز آباد جي علائقي کان هڪ سنڌي کي ٽڪيٽ ڏيئي ڪري اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو،اها ئي سچي محبت آهي، روئڻ سان نه ته حق ملن ٿا ۽ نه ئي ڳالهين گهڙڻ سان مسئلا حل ٿيندا آهن،اسان کي حق صرف انهي صورت ۾ ملي سگهن ٿا جڏهن اسان سنڌ ڌرتي سان محبت جا فقط دعوٰي ئي نه ڪريون بلڪه سنڌ جي حقن جي لاءِ عملي جدوجهد به ڪريون.انهن خيالن جو اظهار انهن آچرجي ڏينهن انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ پنهنجي تصنيف فلسفه محبت جي سنڌي ترجمي جي تقريب رونمائي جي شرڪاء کي ٽيليفون تي خطاب ڪندي فرمايو. تقريب ۾ معروف دانشورن ، اديبن، شاعرن مصنفن،سينئر صحافين ، ليکڪن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. محبت جي عنوان تي ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته محبت جو لفظ عام طور تي ايترو استعمال ٿيڻ لڳو آهي جو ماڻهو ان جي معنٰي  ۽ گهرائي کي پٺتي اڇلائي ڪري بس عام طور تي استعمال ڪن ٿا.مختلف مورخن ۽ اسلامي اسڪالرن حضرت آدم عليه السلام ۽ بي بي حوا جي باري ۾ لکيو آهي ته جڏهن انهن کي پيدا ڪيو ويو ته الله تعالٰي انهن کي هڪ ميوي کائڻ کان منع ڪيوپر انهن ان ميوي کي کاڌوجنهن تي الله تعالٰي انهن کي بطور سزا جنت کان ڪڍي زمين تي موڪلي چڏيو،حضرت آدم ۽ بي بي حوا الله تعالٰي جي حضور ٻاڏائي ڪري فريادون ڪندا رهيا،ڪن تاريخدانن لکيو آهي ته جڏهن معافي نه ملي ته آدم ۽ بي بي حوا الله تعالٰي کي ٻاڏائيندي عرض ڪيو ته جڏهن اسان جي پيدائش ٿي هئي ته اسان اتي هڪ نالو مبارڪ لکيل ڏٺو هو لااله الا الله محمد رسول الله ان جي صدقي اسان کي معاف فرمائي،ان تي انهن کي معافي ملي وئي، جناب الطاف حسين فرمايو ته ان واقعي مان صاف ظاهر آهي ته الله تعالٰي انسان کي پيدا فرمائڻ کان اڳ ئي پنهنجو محبوب چونڊي ورتو هو،يعني پهرين خدا جي محبت جنم ورتو ۽ پوءِ ان محبت اڳتي هلي ڪري انسان جي شڪل ۾ اشرف المخلوخات جي حيثيت سان جنم ورتو، اڄ انسانن سان گڏو گڏ جانور، پکي ۽ ٻئي مخلوقات به آهي ۽ جيڪو اهو حياتي جو کاروبار آهي اهو انهي جو نتيجو آهي . انهن فرمايو ته حقيقت ۾ محبت ۾ عيوضي جي خواهش ڪئي ويندي آهي ۽ نه صلي جي تمنا ڪئي ويندي آهي، الله تعالٰي هر جاندار کي ان جي ڪري رزق نه ٿو ڏيئي ته اهو ان جي بدلي ۾ ان جي عبادت ڪندو، محبت کي سمجهڻ جي لاءِ ماءُ جي مثال ڏيئي سگهجي ٿي ته اها پنهنجي منه جو گره به ڪڍي ڪري پنهنجي ٻچي جي منه ۾ وجهي ٿي، دنيا جي ڪائي به ماءُ پنهنجي اولاد سان ان جي ڪري محبت نه ٿي ڪري ته اها بدلي ۾ ان کي هيرن جا هار پارائيندي، انهن فرمايو ته هر سال الله تعالٰي جي حضور دعائون گهرڻ جي باوجود اڄ پوري ملت اسلاميه غلام بڻيل آهي، جڏهن ته مڊل ايسٽ جي ننڍڙي ملڪ اسرائيل جو سڀني عرب ملڪن تي رعب ۽ دبدبو آهي، انهن سنڌ جي صورتحال جو ذڪرڪندي فرمايو ته اسان صبح  شام وايلا ڪريون ٿا ته سنڌ ڌرتي سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي ،سنڌ کان تيل ۽ گيس نڪري ٿو ، ٻاهر کان ايندڙ ماڻهو فيڪٽريون هڻن ٿا پر هٿان جي ماڻهن کي روزگار نه ٿو ملي ، انهن شرڪاء کان دريافت ڪيو ته ڇا روئڻ سان اسان کي حق ملندا، جنهن تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو  ته بلڪل نه، انهن فرمايو ته اسان کي حق صرف انهي صورت ۾ ملي سگهن ٿا جڏهن اسان سنڌ جي حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪنداسين،انهن سنڌي ڳالهائڻ وارن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي هڪ ڀيرو الطاف حسين جو هٿ جهلي ڏسن، اسان سڀ سندھ ڌرتي جا پٽ آهيون اوهان ٽي سو سال پراڻا سنڌي آهيو ته اسان ستر سال پراڻا سنڌي آهيون ،ان سان ڪوئي به فرق نه ٿو پوي، ڇو ته هڪ گهر ۾ رهڻ وارا ڪوئي وڏو ڀاءُ هوندو آهي ته ڪوئي ننڍو ڀاءُ هوندو آهي، جيتوڻيڪ نئين ۽ پراڻي سنڌي جو جهيڙو ئي ختم ڪيو وڃي ۽ سڀني کي سنڌ ڌرتي جو پٽ تسليم ڪيو وڃي.انهن فرمايو ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ ڌرتي جي اردو ڳالهائڻ وارن جي مسئلي کي هڪ پاسي رکي ڪري انهن حقيقتن تي غور ڪيو وڃي ته سنڌين جي حقن کي ڪنهن ڇنيو آهي ، لاڙڪاڻي ، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ اندرون سنڌ جي ٻين شهرن جي بدترين حالتن جو ذميوار ڪير آهي، انهن فرمايو ته انهن علائقن ۾ تعليم، صحت ۽ صفائي جي حالت اوهان ڏٺي آهي،سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سنڌ تي حڪمراني ڪنهن جي آهي؟ شرڪاء جواب ڏنو ته سنڌين جي حڪومت آهي.انهن فرمايو ته جيڪڏهن سنڌين جي حڪومت آهي ته ان حڪومت جو ڪهڙو فائدو جنهن ۾ سنڌ جو هاري ۽ مزور پنهنجن بنيادي حقن کان به محروم هجي،اڄ جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو حق نه ملڻ جي ڪري دانهن ڪري رهيا آهن ته ان جي وجه صرف اها آهي ته سنڌين جي صحيح رهنمائي ڪرڻ وارو ڪوئي نه آهي.مان سنڌ جي ماڻهن کي چوان ٿو ته اهي هڪ ڀيرو الطاف حسين جو هٿ جهلي ڏسن، جيڪڏهن اهي سنڌ کي شاھ لطيف جي خوابن جي سرزمين نه بڻائي ڇڏين ته پوءِ توهان ان جو نالو به نه وٺجو،انهن فرمايو ته ڪجه نام نهاد قوم پرستن بهاري نه کپن ، بهاري نه کپن لکي لکي سندھ جون ڀتيون ڪاريون ڪري چڏيون پر سنڌ ۾ اچڻ وارن لکين افغانين جي باري ۾ اهو ڪنهن نه لکيو ته افغاني نه کپن، ڇا اوهان ڪنهن قوم پرست کي ان جي خلاف ڪو جلوس ڪڍندي ڏٺو . جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ پاڪستان جو اهو صوبو آهي جيڪو محبت ۽ مهمانداري جي اعلٰي مثال رکي ٿو ، شاھ لطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته 
سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
يعني اي منهنجا پيارا الله سنڌ تي پنهنجي رحمت وسائي ۽ سنڌ سان گڏو گڏ ساري جهان کي آباد ڪر. شاھ لطيف سائين ته سنڌ سان گڏو گڏ ساري جهان کي دعا ڏني آهي ته اهي ڪير آهن جيڪي صرف اهو چاهين ٿا ته سنڌي ڳالهائڻ وارا ته خوش رهن پر اردو ڳالهائڻ وارا خوش نه  رهن. انهن فرمايو ته ڪجھ ماڻهن کي منهنجيون ڳالهيون بري لڳنديون پر مون کي ڪنهن جي به سرٽيفيڪيٽ جي ضرورت نه آهي، جيڪڏهن اوهان سنڌ جا پٽ آهيو ته  مان به سنڌ جو پٽ آهيان. انهن فرمايو ته اهي اردو ڳالهائڻ وارا ئي هئا ، اها ايم ڪيو ايم ئي هئي جنهن اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌجي جائز حصي تي مردن وانگر ڄمي ڪري اسٽيمپ لڳرايو،انهن فرمايو ته سنڌ جا ماڻهو مرن ٿا ته اهي سنڌ ۾ ئي دفن ٿين ٿا ، ٻاهر وڃي ڪري ڪمائين ٿا ته اهي مني آرڊرجي صورت ۾ سنڌ ۾ ئي موڪلين ٿا پر جيڪڏهن سنڌ تي ڪنهن ظلم ڪيو آهي ته اهو ٻاهر وارن نه بلڪه سنڌ وارن ئي ڪيو آهي. انهن فرمايو ته جيڪو ڪجھ مان چئي رهيو آهيان اهو سچي دل سان چئي رهيو آهيان .جيڪڏهن منهنجي ڪائي به ڳالھ بري لڳي ته مون کي معاف ڪري چڏجو.انهن فرمايو ته مون کي جلاوطن ٿئي ٻاويھه سال ٿي ويا آهن ۽ ان دوران مان پنهنجن ساٿين سان مسلسل رابطي ۾ رهيو آهيان ۽ ايم ڪيو ايم ترقي ڪري رهي آهي .انهن فرمايو ته سنڌ سان اسان جي سچي محبت جو ثبوت اهو آهي ته ايم  ڪيو ايم عزيز آباد جي علائقي مان هڪ سنڌي کي ٽڪيت ڏيئي ڪري اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو.ڪجھ ماڻهو جلدي جلدي نماز پڙهن ٿا انهن جي ڪوشش اها هوندي آهي ته جلدي نماز پڙهي ڪري ايترو ثواب ڪمائي وٺن جو جهنم کان بچي وڃون. بدقسمتي سان اسان جي عالمن عوام کي درس ئي اهو ڏنو آهي ته ماڻهو سجدن ۾ لڳا رهن ٿا ۽ خدا سان سچي محبت  جي بجاءِ جهنم جي خوف ۽ جنت جي لالچ ۾ عبادت ڪن ٿا. انهن ان  موقعي تي خدا سان سچي محبت جي حوالي سان حضرت بي بي بصره جي اها حکايت بيان فرمائي جنهن جي مطابق هڪ ڏينهن اها غضب جي عالم ۾ بازار مان ان حال ۾ گذري رهي هئي جو انهن جي هڪ هٿ ۾ باھ ۽ ٻئي هٿ ۾ پاڻي جو ٿانو هو ،ماڻهن جي پچڻ تي انهن فرمايو ته مان باھ سان جنت کي ساڙڻ ۽ ان پاڻي سان جهنم جي باھ کي وسائڻ وڃي رهي آهيان ته ماڻهو جهنم جي خوف ۽ جنت جي لالچ کان بي نياز ٿي ڪري صرف ۽ صرف الله تعالٰي جي محبت ۾ ان  جي عبادت ڪن.انهن فرمايو ته اڄ اسان کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان نفرتن جو خاتمو ڪنداسين ۽ ڪنهن لالچ يا خوف کان سواءِ هڪ ٻئي سان سچي محبت ڪنداسين اهو ئي الطاف حسين جو فلسفه محبت آهي.انهن تقريب جي توسط سان تمام سنڌين ۽ مهاجرن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اچو پاڻ ۾ هٿ ۽ دليون ملايو ۽ عهد ڪريو ته اسان هڪ ٻئي سان گڏجي ڪري پنهنجن حقن جي لاءِ جدوجهد ڪنداسين. انهن حاظرين کي فرمايو ته اوهان سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ وڃي ڪري اردو ۽ سنڌي مشاعره ڪرايو اهڙي طرح آهستي آهستي اوهان اردو ۽ اسان سنڌي سکي وٺنداسين. انهن تمام سنڌي شاعرن ، دانشورن ۽ رهنمائن کي مخاطب ڪندي انهن کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان هڪ ٻئي کي دل سان قبول ڪري سگهو ٿايا نه؟جيڪڏهن ڪري سگهو ٿا ته اچو ۽ واضع طور تي چئو ته ڀلي سنڌي ڳالهائڻ وارا هجن يا اردو ڳالهائڻ وارا هجن ، ڀلي پنجابي هجن يا پختون هجن، ڪهڙي به زبان ڳالهائڻ واروهجي جيڪو به سنڌ ۾ مستقل طور تي آباد آهي، جنهن جو جيئڻ مرڻ سنڌ سان وابسته آهي ۽ جيڪو ڪمائي ٿو اهو اٿي ئي خرچ ڪري ٿو.انهن تقرير جي اختتام تي دعا فرمائي ته اي الله تعالٰي امن ، محبت ۽ ڀائيچاري جي لاءِ اسان جي نيڪ ڪوششن کي قبول فرمائي، سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيڇارو پيدا ڪر ۽ هتي هر قسم جي نفرتن جو خاتمو فرمائي ۽ اسان جي وچ ۾ اهڙو اتحاد قائم ڪر جو اسان سڀ گڏجي ڪري سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِڪم ڪريون ڇو ته سنڌ جي ترقي ٿيندي ته پاڪسان جي ترقي ۽ خوشحالي به ٿيندي. 


5/1/2024 3:21:19 PM