Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي بورڊ آفيس ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو ۽ مهاجر آفيسرن ۽ ملازمن کي خوفزده ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ڪراچي بورڊ آفيس ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو ۽ مهاجر آفيسرن ۽ ملازمن کي خوفزده ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 8/12/2016
ڪراچي بورڊ آفيس ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو ۽ مهاجر آفيسرن ۽ ملازمن کي خوفزده ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
پي پي جي سنڌ حڪومت ڪرپشن جي آڙ ۾ ڪراچي جي ادارن ، مهاجر آفيسرن ۽ ملازمن  کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي. رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 12 آگسٽ 2016 
                   ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي بورڊ آفيس ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس جي ڇاپي ، گرفتارين ، مهاجر آفيسرن ۽ ملازمن کي خوف زده ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ کان ڪرپشن جو خاتمو چاهي ٿي. پر ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ صرف ڪراچي جي ادارن ۽ شهرين کي نشانو بڻائڻ سراسر ظلم ۽ انتقامي ڪاروائي آهي ۽ اها سراسر مهاجر دشمني آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته عوام ان حقيقت کان چڱي نموني واقف آهن ته ڪرپشن جو ناسور سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پکڙجي چڪو آهي. پر ڪاروائيون صرف ڪراچي ۾ ڪيون پيون وڃن جيڪو وڏو ظلم آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ ۾ پي پي جا وزير لکين روپين جي رشوت وٺي ڪري ڪراچي بورڊ آفيس ۾ آفيسر تعينات ڪري رهيا آهن ۽ پيسن جي عيوض سرڪاري نوڪريون وڪڻي رهيا آهن ۽ فقط ڪاغذن ۾ اندرون سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا ڏيکاري ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪري رهيا آهن ، سوين اسڪول وڏيرن جون ذاتي اوطاقون بڻيل آهن ، ٿاڻڻ ۾ ايس ايڇ اوز تعينات ڪري وڏي رشوت وصول ڪئي پئي وڃي ۽ اندرون سنڌ ۾ عوام صحت ، صفائي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي ، روڊن ۽ بنيادي تعليم کان محروم آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته پي پي جي اڳواڻڻ ۽ وزيرن جي ڪرپشن سان فائيلون ڀريون پيون آهن. پر سنڌ جي تعصب پرست حڪومت پنهنجن ماڻهن جي احتساب کان ڄاڻي واڻي لنوائي ڪرپشن جي آڙ ۾ صرف ڪراچي جي سرڪاري، نيم سرڪاري، مڪاني ادارن ، مهاجر آفيسرن ۽ ملازمن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪالھھ ئي پي پي جي تعصب پرست حڪومت جي مرضي تي اينٽي ڪرپشن پوليس ڪراچي بورڊ آفيس تي ڇاپو هنيو ۽ اتان مهاجر آفيسرن ۽ ملازمن کي گرفتار ڪيو ۽ انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪري خوف زده ڪيو .جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن پي پي جي حڪومت ڪرپشن جي خاتمي ۾ واقعي مخلص آهي ته اها سڀني کان پهرين پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسي ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ لکين روپيا رشوت وٺي ڪري ڪرپٽ ترين آفيسرن کي تعينات ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري ۽ ڪرپشن جي آڙ ۾ ڪراچي جي ادارن ، مهاجر آفيسرن ۽ ملازمن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪري.

4/19/2024 7:35:06 PM