Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڇاپي جي دوران ڪارڪن عامر بيگ جي گهر ۾ موجود عورتن سان بدتميزي ڪرڻ ۽ ليڊيز پوليس کان سواءِ ئي انهن کي موبائيل ۾ ويهاري ڪري گهمائڻ جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عامر معين پيرزادو


ڇاپي جي دوران ڪارڪن عامر بيگ جي گهر ۾ موجود عورتن سان بدتميزي ڪرڻ ۽ ليڊيز پوليس کان سواءِ ئي انهن کي موبائيل ۾ ويهاري ڪري گهمائڻ جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عامر معين پيرزادو
 Posted on: 8/10/2016
ڇاپي جي دوران ڪارڪن عامر بيگ جي گهر ۾ موجود عورتن سان بدتميزي ڪرڻ ۽ ليڊيز پوليس کان سواءِ ئي انهن کي موبائيل ۾ ويهاري ڪري گهمائڻ جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عامر معين پيرزادو
جيڪي اسان جا محافظ آهن اهي ئي اسان جي عزتن سان کيڏي رهيا آهن ۽ اسان جا ٻار ڪيستائين غير محفوظ رهندا.ڪارڪن عامر بيگ جي امڙ محترمه رابعه
ڪورنگي ٽائون جي ڪارڪن علي بيگ جي گهر تي پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 10 آگسٽ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي ميمبر سنڌ اسيمبلي عامر معين پيرزادي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گهرن تي بي پناھ ڇاپن ۽ گرفتارين جي واقعن کان پوءِ هاڻي ڪارڪنن جي گهرن ۾ موجود امڙين ۽ ڀينرن سان بدتميزي جا واقعا به ٿي رهيا آهن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن واقعن جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحب کي پاڻ مرادو نوٽس به وٺڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن عامر بيگ جي گهر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر رڪن الدين، اڪرم راجپوت، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. عامر معين پيرازدي چيو ته ڪالھھ ڪورنگي ٽائون يوسي 25 جي ڪارڪن عامر بيگ جي گهر تي ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن جيڪي ڊبل ڪيبن ۾ سوار هئا ڇاپو هنيو ۽ عامر بيگ جي نه  ملڻ تي انهن جي گهر واري، ڀينرن حنا ۽ صائمه ۽ والده محترمه کي پاڻ سان گڏ موبائيل ۾ ويهاري کڻي ويا. جڏهن ته انهن جي ننڍي ڀاءُ اظهر کي به بي ڏوهي گرفتار ڪري وٺي ويا. موبائيل ۾ ويهارڻ کان پوءِ ڪجھھ دير کان پوءِ ڀيڻ حنا ۽ والده کي ڇڏي ڏنو ويو پر ننڍي ڀيڻ صائمه کي ٻئي ڪار ۾ ويهاري انهن سان لڳاتار بدتميزي ڪندا رهيا ۽ انهن کان اهو به معلوم ڪندا رهيا ته هٿيار ڪٿي لڪايا ويا آهن. انهن چيو ته عامر بيگ جي خلاف ڪوئي به ڪيس نه آهي انهن جو ڏوھ صرف اهو آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جا سرگرم ڪارڪن آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن لڳاتار ڇاپن ۽ گرفتارين تي صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهن پر جڏهن ڪارڪنن جي گهرن ۾ موجود عورتن سان ان قسم جو سلوڪ ڪيو ويندو ته پوءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ته اهو سلوڪ ڪير برداشت ڪندو ۽ ان جا نتيجا تمام خطرناڪ نڪري سگهن ٿا.ان موقعي تي عامر بيگ جي ڀيڻ صائمه ٻڌايو ته ٻٽ ٻڌل اهلڪار انهن جي گهر ۾ داخل ٿيا. جن منهنجي ننڍي ڀاءُ کي تمام گهڻو ماريو ۽ پوءِ انهن کي پاڻ سان گڏ گرفتار ڪري وٺي ويا. منهنجي ٽن سالن جي ڀائيٽي ۽ ڏيڍھ سالن جي ڀاڻيجي کي به انهن ٿپون هنيون ۽ انهن جي مٿان پير رکي ڪري اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته اسان انهن کي ماري ڇڏينداسين . ان موقعي تي عامر بيگ جي والده چيو ته جيڪي اسان جا محافظ آهن اهي ئي اسان جون بي عزتيون ڪري رهيا آهن ته پوءِ هن ملڪ جو ڇا حال ٿيندو. ان موقعي تي حق پرست ڪائونسلر قره العين چيو ته اهو واقعو جيڪڏهن ڪنهن فوجي جي ڀيڻ سان ٿيو هجي ها ته ڇا اهي پوليس وارا اهڙي طرح آزاد گهمي رهيا هجن ها. آخر ۾ عامر معين پيرزادي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ان واقعي جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ اسان کي انصاف ڏيارين. 

4/16/2024 1:59:16 PM