Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس ڪراچي ۾ رينجر جي غير قانوني ۽ غير آئيني ڪاروائين تي پاڻ مرادو نوٽس وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس ڪراچي ۾ رينجر جي غير قانوني ۽ غير آئيني ڪاروائين تي پاڻ مرادو نوٽس وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 7/30/2016
سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس ڪراچي ۾ رينجر جي غير قانوني ۽ غير آئيني ڪاروائين تي پاڻ مرادو نوٽس وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
چيف جسٽس انور ظهير جمالي غير قانوني ۽ غير آئيني ڪاورائين تي ڊي جي رينجر بلال اڪبر ۽ ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري جو حڪم به ڏين
جيڪڏهن اهي بلال اڪبر ۽ رائو انوار جي گرفتاري جو حڪم نه ٿا ڏيئي سگهن ته پوءِ اهي پنهنجي عهدي تان استعيفٰي ڏيئي ڇڏين. جناب الطاف حسين
آمريڪا، ڪينيڊا، بيلجيئم ۽ برطانيه ۾ اجتماعن کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: 30 جولائي 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪراچي ۾ رينجر جي غير قانوني ڇاپن، ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ غير قانوني ڪاروائين تي پاڻ مرادو نوٽس وٺن. انهن خيالن جو اظهار انهن آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه ۽ بيلجيئم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پاڻ مرادو نوٽس وٺي ڪري ڊي جي رينجر بلال اڪبر جي سربراهي ۾ رينجر جي غير قانوني ڇاپن، ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ ايس ايس پي ملير رائو انوار جي ڪوڙن بيانن تي انهن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏين ۽ جيڪڏهن اهي غير قانوني ۽ غير آئيني ڪاروائين تي بلال اڪبر ۽ رائو انوار جي گرفتاري جو حڪم نه ٿا ڏيئي سگهن ته پوءِ اهي پنهنجي عهدي تان استعيفٰي ڏيئي ڇڏين. جناب الطاف حسين فرمايو ته چيف جسٽس انور ظهير جمالي تحقيقات ڪرائين ته چار ديواري جي اندر ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي پرامن اجتماعن تي رينجر ڇو ۽ ڪهڙي قانون جي تحت ڇاپو هنيو. انهن انساني حقن جي تنظيمن ۽ اين جي اوز جي نمائندن کي به اپيل ڪئي ته اهي به پاڪستان ۾ مهاجرن جي ماورائي عدالت قتلن، مهاجرن جي فريڊم آف اسيمبلي، اظهار رائي جي آزادي تي پابندي ، انساني حقن جي بدترين خلاف ورزين ۽ مهاجرن جي بي ڏوهي گرفتارين جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن. انهن فرمايو ته رينجر مهاجرن تي ظلم جي انتها ڪري ڪشميري مسلمانن تي ڀارتي ظلمن کي به مات ڏيئي ڇڏي آهي. انهن فرمايو ته هندستان جي فوج مقبوضه ڪشمير ۾ جيڪي ظلم ڪري رهي آهي ان کان وڌيڪ ظلم ته پاڪستاني فوج مهاجرن تي ڪري رهي آهي.



4/19/2024 6:01:57 AM