Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب ۾ ٻارن جي اغوا جي وڌندڙ وارداتن تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


پنجاب ۾ ٻارن جي اغوا جي وڌندڙ وارداتن تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 7/28/2016
پنجاب ۾ ٻارن جي اغوا جي وڌندڙ وارداتن تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 28 جولائي 2016 
  ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پنجاب ۾ ٻارن جي اغوا جي  وڌندڙ وارداتن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پنجاب ۾ ٻارن جي اغوا جي وڌندڙ وارداتن تي سپريم ڪورٽ به پاڻ مرادو نوٽس ورتو پر ان جي باوجود پنجاب جي حڪومت ٻارن جي اغوا جي لڳاتار وارداتن تي نه صرف خاموش تماشائي بڻيل آهي پر انهن وارداتن جي روڪٿام جي لاءِ به ڪي قدم نه کڻي رهي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته پنجاب ۾ گذريل ستن مهينن ۾ 768 ٻارن کي اغوا ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته ٻارن جي والدين جي طرفان جڏهن ٿاڻڻ سان رجوع ڪيو وڃي ٿو ته ٻارن جي اغوا جا ڪيس به داخل نه ٿا ڪيا وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ستن مهينن ۾ سوين ٻارن جي اغوا جي وارداتن مان ثابت آهي ته پنجاب ڏوهن جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي جنهن تي پنجاب حڪومت ۽ پوليس کي شرم اچڻ گهرجي ۽ پنجاب ۾ به رينجر جي آپريشن جو مطالبو تسليم ڪندي عوام ۽ ٻارن جي زندگين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي ٻارن جي والدين سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو ۽ ٻارن جي جلد بازيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي پنجاب ۾ ٻارن جي اغوا جي معاملي جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ ٻارن کي فوري طور تي بازياب ڪرائين. 

4/18/2024 10:11:22 AM