Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وسيم اختر پوليس جي ڪوڙي اعترافي بيان جي ترديد ڪري سڄي حقيقت بيان ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر


وسيم اختر پوليس جي ڪوڙي اعترافي بيان جي ترديد ڪري سڄي حقيقت بيان ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر
 Posted on: 7/28/2016
وسيم اختر پوليس جي ڪوڙي اعترافي بيان جي ترديد ڪري سڄي حقيقت بيان ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر
ڪراچي: 28 جولائي 2016 
 قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته اها پوليس جي طرفان ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر سان 12 مئي جي حوالي سان منسوب ڪوڙو بيان جاري ڪرڻ جو پاڻ مرادو نوٽس وٺي ۽ وسيم اختر کي پوليس جي جانبداراڻه سياسي انتقام کان تحفظ به فراهم ڪري.  پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته 12 مئي جي حوالي سان وسيم اختر پوليس جي ڪوڙي اعترافي بيان جي ترديد ڪري سڄي حقيقت بيان ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته وسيم اختر کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان سچي محبت ۽ عقيدت ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري رياستي آپريشن جي خلاف ڳالهائڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم تي ڪوڙن الزامن کان پوءِ ڪوڙا اعترافي بيان ٿوپڻ وارا پاڻ آئين ، قانون ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهن.انهن چيو ته اهو عجيب تماشو آهي ته سپريم ڪورٽ 12 مئي جي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ان جي اڳواڻڻ کي ڪليئر ڪري چڪي آهي ، پر جانبدار ۽ تعصب پرست پوليس کي هاڻي 9 سالن کان پوءِ وسيم اختر جي گرفتاري جو خيال آيو آهي. انهن چيو ته 27 ڊسمبر تي محترمه بي نظير ڀٽو جي شهادت جو واقعو ٿيو ۽ جڏهن ته ذوالفقار مرزٰي، لياري گينگ وار ۽ ڪٽي پهاڙي جي واقعن جي دوران جيڪي ماڻهو حڪومتي عهدن تي فائز هئا انهن کان اهو سوال ڇو نه ٿو ڪيو وڃي ته انهن پوليس کي اتي عوام جي تحفظ جي لاءِ ڇو نه موڪليو. انهن چيو ته وسيم اختر کي ڪراچي جي لکين ماڻهن چونڊيو آهي ۽ انهن سان اهو سلوڪ ڪرڻ تعصب ۽ سياسي انتقامي ڪاروائي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن صدر مملڪت ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي وسيم اختر جي حوالي سان پوليس جي اعترافي ڪوڙي بيان جو نوٽس وٺن ۽ وسيم اختر کي سياسي انتقامي ڪاروائي ۽ تعصب واري سلوڪ کان تحفظ فراهم ڪرائين. 

4/19/2024 2:11:39 AM