Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ٺاهڻ وارن جي اولادن کي انهن جا ئي رياستي ادارا بغير ڪنهن ڏوھ جي گرفتار ڪري ماورائي عدالت قتل ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ٺاهڻ وارن جي اولادن کي انهن جا ئي رياستي ادارا بغير ڪنهن ڏوھ جي گرفتار ڪري ماورائي عدالت قتل ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 7/24/2016
اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ٺاهڻ وارن جي اولادن کي انهن جا ئي رياستي ادارا بغير ڪنهن ڏوھ جي گرفتار ڪري ماورائي عدالت قتل ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
آمريڪا ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون مظاهري کي خطاب
 واشنگٽن ڊي سي: 24 جولائي 2016 
                 ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته ايم ڪيو ايم نه صرف هڪ سياسي جماعت آهي بلڪه اها پنهنجي پاڻ ۾ هڪ تحريڪ به آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن آمريڪا ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون هڪ وڏي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. نديم نصرت چيو ته تحريڪن جي بنياد مضبوط نظريي تي هوندي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته تحريڪن ۾ شامل ماڻهو هميشه تحريڪ جي نظريي جي خالق سان وفادار رهن ٿا. انهن چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ٺاهڻ وارن جي اولادن کي انهن جا ئي رياستي ادارا گرفتار ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ماورائي عدالت قتل به ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي لاپتا به ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جيتريون قربانيون ڏنيون آهن ايتريون ٻئي ڪنهن به  جماعت جي ڪارڪنن نه ڏنيون آهن. ان کان پوءِ هڪ خصوصي رسالي جو اجرا به ڪيو ويو. اهو اجرا ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت ڪيو.


4/19/2024 11:27:03 AM