Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي ايس پي ڇڏي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي ڏوھ ۾ پي ايس پي جي دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم ڪورنگي يوسي 25 جي ڪارڪن فيصل سعيد جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار

 Posted on: 7/24/2016

ڪراچي: 24 جولائي 2016 
                   ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پي ايس پي ڇڏي ڪري واپس ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيندڙ ايم ڪيو ايم ڪورنگي يوسي 25 جي ڪارڪن فيصل سعيد کي پي ايس پي جي دهشت گردن جي طرفان فائرنگ ڪري شهيد ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته فيصل سعيد ڪورنگي ۾ هڪ شادي جي تقريب ۾ ويا هئا ته پي ايس پي سان تعلق رکندڙ دهشت گردن انهن کي ڇتي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. رابطا ڪميٽي چيو ته پي ايس پي ڇڏي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي ڏوھ ۾ فيصل سعيد جو پي ايس پي جي دهشت گردن جي هٿان وحشياڻي قتل سان پي ايس پي جي ضمير فروشن جو اصل چهرو سڀني جي سامهون اچي ويو آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن ۽ انهن کي وفاداريون مٽائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف پي ايس پي ڇڏي ڪري واپس اچڻ وارن کي پي ايس پي جي دهشت گردن جي طرفان کليل دهشت گردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي سوال ڪيو ته آخر ڪڏهن پي ايس پي جي دهشت گردن جي خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کان مطالبو ڪيو ته اهي پي ايس پي جي دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم ڪورنگي جي ڪارڪن فيصل سعيد جي شهادت جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ پي ايس پي جي دهشت گردن جي خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ فيصل سعيد کي شهيد ڪندڙ پي ايس پي دهشت گردن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. 
*

4/17/2024 11:18:28 PM