Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وسيم اختر ۽ رئوف صديقي کي جيل جون ڀتيون گهڻو وقت قيد رکي نه ٿيون سگهن ۽ جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته پوءِ اسان پنهنجن فيصلن ۾ آزاد هونداسين. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي


وسيم اختر ۽ رئوف صديقي کي جيل جون ڀتيون گهڻو وقت قيد  رکي نه ٿيون سگهن ۽ جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته پوءِ اسان پنهنجن فيصلن ۾ آزاد هونداسين. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي
 Posted on: 7/22/2016
وسيم اختر ۽ رئوف صديقي کي جيل جون ڀتيون گهڻو وقت قيد  رکي نه ٿيون سگهن ۽ جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته پوءِ اسان پنهنجن فيصلن ۾ آزاد هونداسين. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي
اسان جو ميئر وسيم اختر ئي هوندو ۽ اسان مفتوحه قوم جا فرزند نه آهيون جو جهڪي وڃون. محفوظ يار خان
ڪراچي پريس ڪلب تي وسيم اختر ۽ رئوف صديقي سميت سوين ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ گمشدگين جي خلاف احتجاجي مظاهري کي خطاب
ڪراچي: 22 جولائي 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي وسيم اختر کي ڪراچي جو ميئر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ئي بڻايو آهي ان جي ڪري انهن کي انهن ڪوڙن ڪيسن جي باوجود هرگز به ميئر جي نامزدگي کان هٽائي نه ٿو سگهجي. انهن چيو ته اسان اعلٰي عدالتن جا دروازا کڙڪائي رهيا آهيون ۽ اسان انصاف ملڻ جي لاءِ آخري حد تائين انتظار ڪنداسين. پر پوءِ به جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته پوءِ اسان روڊن تي هونداسين ۽ ڏاڍ جون زنجيرون جيڪڏهن اسان جي هٿان ٽٽيون ته پوءِ اهو سڄو نظام به ويڙهجي ويندو. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب تي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. جيڪو وسيم اختر ، رئوف صديقي ۽ ايم ڪيو ايم جي سوين ڪارڪنن جي گرفتارين جي خلاف ڪيو ويو هو .ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪن به هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان انصاف جي لاءِ عدالتن جي دروازي جي بجاءِ ميڊيا جي دروازي تي بيٺا آهيون. انهن چيو  ته جڏهن ماڻهو انصاف جي دروازي کان مايوس ٿي وڃن ته پوءِ ان جو مطلب اهو آهي ته ان معاشري مان انصاف کڄي چڪو آهي. انهن چيو ته انصاف جي حوالي سان پاڪستان ۾ وڏا وڏا حادثا ٿي چڪا آهن ۽ انصاف کي بار بار قتل به ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته جي آئي ٽي جنهن جي انصاف جي حوالي سان ڪائي به اوقات نه آهي ۽ هتي هڪ هڪ ڪيس ۾ چار چار جي آئي ٽيز بڻجن ٿيون ۽ پوءِ بار بار تبديل به ٿين ٿيون. انهن چيو ته پر اهو شخص جيڪو پنهنجو ايمان وڪڻي ڇڏي ته ان جو جي آئي ٽي مان نالو فورن نڪري وڃي ٿو. انهن چيو  ته ايم ڪيو ايم جي طاقت اها آهي ته ان کي جڏهن به دٻايو ويو آهي ته اها اوتري ئي طاقت سان اٿي آهي ۽ اها مضبوط کان مضبوط تر ٿيندي وئي آهي. انهن چيو ته ڪورٽ ۾ ضمانت جي منسوخي جو فيصلو جڏهن جج صاحبه  پڙهي رهي هئي ته انهن جي زبان به ساٿ نه ڏيئي رهي هئي. انهن چيو ته وسيم اختر کي جيل ۾ وجهي ڪري ڇا توهان ان فڪر کي روڪي سگهو ٿا جيڪا انهن کي جناب الطاف حسين ڏني آهي. وسيم اختر پهرين به جيلن ۾ رهيا آهن ۽ انهن کي ڪيترائي سال اڊيالا جيل ۾ به رکيو ويو آهي پر اهي ڪمزور نه ٿيا هئا.انهن چيو ته اوهان رئوف صديقي جي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان محبت ۽ وفاداري جي باري ۾ اڃان صحيح طريقي سان نه ٿا ڄاڻيو. انهن چيو ته اسان جي اڳيان انهن جيلن جي ڪائي به حيثيت نه آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن صحيح جمهوريت هجي ته ان ۾ فيصلو ووٽ ڪري ٿو، انهن چيو ته اسان 

خبردار ڪريون ٿا ته جيڪڏهن فيصلو ووٽ جي ذريعي نه ٿيو ته پوءِ روڊن جي ذريعي ئي ٿيندو. انهن چيو ته اڄ اهي روڊ عوام سان ڀريل آهن پر جيڪڏهن اهي توهان ڏانهن اٿليا ته پوءِ اهي ايوان نه بچندا.انهن چيو ته وزير اعلٰي سنڌ اهو چئي رهيا آهن ته رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن ڪرڻ جو اختيار آهي ته هتي ويٺل هزارين ماڻهو انهن کان سوال ڪن ٿا ته جيڪڏهن رينجر کي اندرون سنڌ ۾ اوهان آپريشن ڪرڻ جو اختيار نه ٿا ڏيو ته پوءِ ان کي ڪراچي ۾ آپريشن ڪرڻ جو اختيار ڇو ڏيئي رهيا آهيو. ڇا اهو کليل تعصب نه آهي ان جو وزير اعلٰي سنڌ جواب ڏين. انهن چيو ته ائين ڪري وزير اعلٰي سنڌ عملي طور تي پاڻ ئي سنڌ کي ورهائي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محفوظ يار خان خطاب ڪندي چيو ته اهو مظاهرو انهن جي لاءِ ٿي رهيو آهي جن رينجر جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪري ڳالھھ ڪئي هئي. انهن چيو ته اسان جو ميئر وسيم اختر ئي هوندو ۽ مخالف ڀلي ڪيتريون ئي سازشون ڪري وٺن پر اهو شهر ۽ صوبو مهاجرن جو ئي آهي ۽ رهندو. انهن چيو ته ڪراچي ۾ امن و امان جي لاءِ ايندڙن قبضو ڪري ورتو آهي. انهن چيو ته اسان ڪي فتح ڪيل قوم جا پٽ نه آهيون جو اسان جهڪي وڃون. انهن چيو ته اسان جي وڏن هن ملڪ کي لکين جانيون ڏيئي ڪري بڻايو هو ۽ هاڻي به اسان هن ملڪ جي لاءِ پنهنجو رت ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي چيو ته ڀلي ڪيترائي ڪوڙا ڪيس اسان تي داخل ڪري وٺجن پر جناب الطاف حسين جي فڪر کي دٻائي نه ٿو سگهجي. ان موقعي تي نامزد ڊپٽي ميئر ارشد وهرٰي ۽ اسيمبلي ميمبر هير سوهو به خطاب ڪيو.
*****

4/19/2024 4:06:12 PM