Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ سابق صوبائي وزير شعيب احمد بخاري ايڊووڪيٽ کي سوين آلين اکين سان گڏ ياسين آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ سابق صوبائي وزير شعيب احمد بخاري ايڊووڪيٽ کي سوين آلين اکين سان گڏ ياسين آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
 Posted on: 7/20/2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ سابق صوبائي وزير شعيب احمد بخاري ايڊووڪيٽ کي سوين آلين اکين سان گڏ ياسين آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا،فيصل ايڌي، صوبائي وزير قيوم سومري، حافظ احمد علي، علي حسن، مطلوب اعواڻ، رابطا ڪميٽي ميمبرن، حق پرست سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي
ڪراچي: 20 جولائي 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ سابق صوبائي وزير سيد شعيب احمد بخاري کي سوين آلين اکين سان گڏ ياسين آباد جي شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ مرحوم جي جنازي نماز جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا،عبدالستار ايڌي مرحوم جي فرزند فيصل ايڌي، صوبائي وزير قيوم سومري، مولانا سميع الحق گروپ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حافظ احمد علي، علي ڪرار نقوي، علامه اطهر مشهدي، مرزٰي يوسف، مطلوب اعواڻ چيئر مين آل پاڪستان سني تحريڪ ، مجلس وحدت المسلمين جي علي حسن، رابطا ڪميٽي ميمبرن،حق پرست سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن ۽ مرحوم جي مٽن مائٽن کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم جي جنازي نماز مولانا تبشير الحق ٿانوي پڙهائي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ چيو ته شعيب بخاري مرحوم اڄ اسان ۾ نه آهن پر اهي مرڻ گهڙي تائين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان وفادار رهيا. انهن چيو ته مرحوم جيل جون تڪليفون به برداشت ڪيون پر اهي ڪڏهن به نه جهڪيا . انهن چيو ته مرحوم جي سڃاڻپ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم ئي هئي. انهن چيو ته مرحوم جڏهن گرفتار ٿيا هئا ته انهن تي سخت تشدد ڪيو ويو هو جنهن جي ڪري اهي اڪثر بيمار رهندا هئا ۽ انهي بيماري جي ڪري اڄ انهن جي وفات ٿي آهي. 
*****


4/19/2024 9:35:38 AM