Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سوشل ميڊيا تي هلندڙ جنهن وڊيو کي جواز بڻائي ڪري رينجر جي طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ان سان امين الحق ۽ شعبه اطلاعات جي ميمبرن يا ايم ڪيو ايم جو ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


سوشل ميڊيا تي هلندڙ جنهن وڊيو کي جواز بڻائي ڪري رينجر جي طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ان سان امين الحق ۽ شعبه اطلاعات جي ميمبرن يا ايم ڪيو ايم جو ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 6/15/2016
سوشل ميڊيا تي هلندڙ جنهن وڊيو کي جواز بڻائي ڪري رينجر جي طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ان سان امين الحق ۽ شعبه اطلاعات جي ميمبرن يا ايم ڪيو ايم جو ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
ايم ڪيو ايم هڪ ذميوار سياسي جماعت آهي ۽ اها اهڙي طرح جي غير ذميوارانه عمل تي يقين نه ٿي رکي.نديم نصرت
لنڊن: 15 جون 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت رابطا ڪميٽي جي ميمبر امين الحق جي خلاف رينجر جي طرفان سوشل ميڊيا تي هلندڙ هڪ اڻ ڄاتل ويڊيو جي بيناد تي ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته انٽرنيٽ سان تورڙي به واقفيت رکڻ وارو ماڻهو اها ڳالھھ چڱي نموني ڄاڻي ٿو ته سوشل ميڊيا هڪ اهڙو  آزاد ميڊيا آهي جنهن تي ڪوئي به ماڻهو ڪنهن جي به نالي سان ڪنهن به قسم جو ڪوئي به نغمو،تصوير يا مواد بڻائي جاري ڪري سگهي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ روزانو بي شمار جعلي مواد سوشل ميڊيا تي هلي رهيو هوندو آهي. جنهن تي ڪنهن جو به ڪوئي وس نه هوندو آهي. پر اها ڳالھھ انتهائي افسوسناڪ آهي ته رينجر بغير ڪنهن تحقيق جي سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڪنهن مواد کي جواز بڻائي ڪري ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ميمبر ۽ ميڊيا سيل جي انچارج امين الحق جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي. جيڪا نهايت ئي کل جوڳي ۽ بدنيتي تي ٻڌل ڳالھھ آهي. نديم نصرت واضع لفظن ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي هلڻ واري جنهن ويڊيو کي جواز بڻائي ڪري رينجر جي طرفان امين الحق جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ان سان امين الحق ، شعبه اطلاعات جي ميمبرن يا ايم ڪيو ايم جو ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم هڪ ذميوار سياسي جماعت آهي، اها اهڙي طرح جي غير ذميوارانه عمل تي يقين نه ٿي رکي. ايم ڪيو ايم جيڪڏهن ڪنهن اداري جي ڪنهن غلط ڪم کي غلط چوي ٿي ته اها کلي ڪري چوي ٿي. ان کي اهڙي طرح جي ويڊيو يا نغما بڻائڻ جي ڪائي به گهرج نه آهي. نديم نصرت چيو ته بدقسمتي سان سرڪاري ايجنسين ۾ هڪ ايم ڪيو ايم مخالف مائينڊ سيٽ موجود آهي. جنهن جي تحت ڪراچي ۾ ٿيندڙ هر واقعي جو الزام بغير ڪنهن تحقيق، ثبوت ۽ شاهدين جي ايم ڪيو ايم جي مٿي تي ٿوپيو پيو وڃي. انهي بنياد تي ان جو ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪروڙين ماڻهن جي جماعت کي بدنام ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ڪنهن وقت ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن تي ڪوڙا ڪيس گهڙڻ جي لاءِ طرح طرح جون ڪهاڻيون به بڻايون وڃن ٿيون. انهن چيو ته رينجر هڪ ذميوار ادارو آهي ان جي حڪام کي گهرجي ته اهو بغير ڪنهن تحقيق جي الزام عائد ڪرڻ ۽ اهڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪري جيڪي عوام ۾ انهن جي مذاق بڻجڻ جو سبب بڻجن.نديم نصرت مطالبو ڪيو ته امين الحق جي خلاف ڪوڙو ڪيس واپس ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، عهديدارن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ بغير ڪنهن تحقيق جي هر واقعي جو الزام ايم ڪيو ايم جي مٿان ٿوپڻ ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ هر واقعي ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي روش کي ختم ڪيو وڃي. 
*****


4/19/2024 10:00:23 PM