Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار رينجر جي طرفان حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين، ڇاپن ۽ امڙين ۽ ڀينرن جي بي حرمتي جو فوري طور تي نوٽس وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار رينجر جي طرفان حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين، ڇاپن ۽ امڙين ۽ ڀينرن جي بي حرمتي جو فوري طور تي نوٽس وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 5/15/2016
آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار رينجر جي طرفان حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين، ڇاپن ۽ امڙين ۽ ڀينرن جي بي حرمتي جو فوري طور تي نوٽس وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ ۽ سانگهڙ زونل آفيسن ۾ ذميوارن ، ڪارڪنن، امڙين ۽ بزرگن کي فون تي خطاب
لنڊن: 15 مئي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حيدرآباد ۾ رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي عهديدارن سهيل مشهدي، رفيق اجميري ۽ راحيل فهيم جي گرفتاري ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي رينجر جي طرفان انهن گرفتارين، ڇاپن ۽ ڇاپن جي دوران امڙين ۽ ڀينرن جي بي حرمتي جو فوري طور تي نوٽس وٺن. ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيل اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. ۽ گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين. انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ ۽ سانگهڙ زونل آفسين ۾ ذميوارن، ڪارڪنن، امڙين ۽ بزرگن کي فون تي هڪ ئي وقت خطاب ڪندي فرمايو.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪالھھ ايم ڪيو ايم جي چار رڪني وفد جي ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد انهن کي ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين ۽ ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪرڻ سان گڏو گڏ ملير، لانڍي ۽ لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن جي ڪاروائين ۽ حيدرآباد ۾ ضمير فروش ٽولي جي ڏوهارين جي طرفان  ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي حملي ۽ ڪارڪنن تي تشدد ۽ فائرنگ جي واقعن کان به آگاھ ڪيو . جنهن تي ڊي جي رينجر انهن شڪايتن جو نوٽس وٺڻ سان گڏو گڏ اهو يقين به ڏياريو ته هاڻي ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به بي ڏوهي ڪارڪن ۽ عهديدار کي گرفتار نه ڪيو ويندو. ان خاطري کي 24 ڪلاڪ به نه گذريا هئا ته ڇنڇر ۽ آچر جي وچ رات رينجر حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون. رينجر ايم ڪيو ايم جي مقامي  اڳواڻڻ سهيل مشهدي، رفيق اجميري ۽ راحيل فهيم کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ٻين ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن  تي به ڇاپا هنيا ويا. انهن ڇاپن جي دوران رينجر جي اهلڪارن وٽ گرفتاري جو ڪوئي به وارنٽ نه هو ۽ انهن سان ڪائي عورت اهلڪار به گڏ نه هئي. رينجر اهلڪارن انهن جي گهرن ۾ داخل ٿي ڪري امڙين ۽ ڀينرن جي بي حرمتي ڪئي ۽ بزرگن سان بدتميزي به ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو  ته جن ڏوهارين ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي حملو ڪري ڪارڪنن کي ماريو انهن کي گرفتار ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ته ٺهيو. پر  ابتڙ ايم ڪيو ايم جي عهديدران ۽ ڪارڪنن کي ئي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جناب الطاف حسين زونن کي آگاھ ڪيو ته رابطا ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته حيدرآباد ۾ رينجر جي طرفان عهديدران جي گرفتارين ۽ ٻين ڪيترن ئي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ ڇاپن جي دوران عورتن ۽ بزرگن سان بدتميزي ڪرڻ جي خلاف حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ ۽ سانگهڙ ۾ اڄ بروز آچر تي پريس ڪلبن تي پرامن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. انهن فرمايو ته تمام تر ظلمن جي باوجود حيدرآباد جا ڪارڪن، امڙيون ، ڀينرون ۽ بزرگ ڄميل آهن ۽ اڄ مظاهرا ڪري ٻين شهرن جا ڪارڪن ۽ امڙيون ، ڀينرون ۽ بزرگ دنيا کي ٻڌائي ڇڏيندا ته اهي به حيدرآباد جي عوام سان گڏ آهن. ان موقعي تي سمورن ڪارڪنن، عهديدارن، عورتن ۽ بزرگن زوردار نعرا هڻي ڪري پنهنجي جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو ۽ جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته اهي حيدرآباد جي مظلوم ڪارڪنن ۽ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندا ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف پرامن احتجاج ڪندا. ان موقعي تي جناب الطاف حسين فرمايو ته ساٿين، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن جو اهو  جذبو ان ڳالھھ جو کليل مظهر آهي ته ڇاپن،گرفتارين ۽ ظلمن سان ڪراچي کان سکر تائين ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ عوام بلڪل به خوفزده نه آهن.بلڪه انهن جو جذبو اڄ به تازو آهي. انهن فرمايو ته اسان انهن گرفتارين ۽ ڇاپن سان سڄي دنيا جي انساني حقن جي ادارن کي به لڳاتار آگاھ ڪري رهيا آهيون ۽ انهن کي اپيلون ڪري رهيا آهيون ته اهي به انهن ظلمن جي خلاف آواز اٿارين. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کان مطالبو ڪيو ته اهي رينجر جي طرفان انهن گرفتارين، بي ڏوهي ڇاپن ۽ ڇاپن جي دوران امڙين ۽ ڀينرن جي بي حرمتي جو فوري طور تي نوٽس وٺن. ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيل عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين ۽ گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين. ان موقعي تي سنڌي ڳالهائڻ وارن ڪارڪنن به جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته اهي به احتجاج ۾ شريڪ آهن. جناب الطاف حسين ان کي ساراهيندي فرمايو ته انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم ئي سنڌي ڳالهائڻ وارن کي ظالم جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظلمن کان نجات ڏياريندي. 
*****

4/18/2024 7:08:09 PM