Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي ظلم ڪرڻ وارا حقيقي جا دهشت گرد قانون جي پڪڙ کان آزاد آهن ۽ کلي عام ڦرندا پيا وتن. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين


ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي ظلم ڪرڻ وارا حقيقي جا دهشت گرد قانون جي پڪڙ کان آزاد آهن ۽ کلي عام ڦرندا پيا وتن. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين
 Posted on: 4/29/2016
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي ظلم ڪرڻ وارا حقيقي جا دهشت گرد قانون جي پڪڙ کان آزاد آهن ۽ کلي عام ڦرندا پيا وتن. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين
 لانڍي ٽائون آفيس ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 29 اپريل 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد حسين چيو آهي ته لائينز ايريا، لانڍي، ملير ، ڪورنگي ۽ شاھ فيصل ڪالوني ۾ حقيقي جي ڏوهاري دهشت گردن غنڊه گردي جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ انهن علائقن ۾ حقيقي جا دهشت گرد ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهر وارن کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن لانڍي ٽائون آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محمد ڪمال، اسيمبلي ميمبر ساجد احمد، اقبال محمد علي، خالد افتخار، نديم رازي، نشاط ضياء قادري ۽ وقار شاھ به موجود هئا. محمد حسين چيو ته لا نڍي ، ڪورنگي، ملير، لائينز ايريا ۽ شاھ فيصل ڪالوني جي عوام هر  اليڪشن ۾ حقيقي جي دهشت گردن کي بري طرح سان رڌ ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ ئي انهن علائقن جي ڪارڪنن ۽ عوام تي حقيقي جا دهشت گرد ظلم ڪري رهيا آهن. انهن چيو  ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي. ۽ هتان ئي پاڪستان جو خزانو به ڀريو وڃي ٿو. جيڪڏهن اهڙي طرح ئي حقيقي جي دهشت گردن کي کليل چوٽ ڏيئي ڪري ڪراچي کي نقصان پهچائڻ جو عمل جاري رهيو ته اهو عمل ملڪ جي لاءِ به سٺو نه آهي ۽ ڪراچي ۽ پاڪستان جي معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيندو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ڏوهاري ماڻهن ۽ دهشت گردن جي خاتمي جي لاءِ پاڻ آپريشن جو مطالبو ڪيو هو، پر ان آپريشن جو رخ جيٽ بليڪ دهشت گردن ۽ ڏوهاري ماڻهن ڏانهن ڪرڻ جي بجاءِ ايم ڪيو ايم ڏانهن ئي موڙيو ويو آهي. انهن چيو  ته  انهن علائقن ۾ حقيقي جي دهشت گردن جي کليل دهشت گردي ڪنهن جي سرپرستي ڪرڻ کان سواءِ ممڪن نه آهي. انهن چيو ته جڏهن حقيقي جا دهشت گرد ناڪام ٿيا ته هاڻي هڪ ٻئي ضمير فروش ٽولي کي ڪراچي جي عوام تي مسلط ڪيو ويو آهي.انهن چيو ته حقيقي جي دهشت گردن جي لڳاتار ظلمن جي باوجود انهن علائقن جي عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ساٿ نه ڇڏيو آهي. انهن چيو ته اليڪشن واري ڏينهن لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن ٽائون آفيس تي حملو ڪيو ۽ لانڍي ۽ ملير ۾ حقيقي جي دهشت گردن ضمير فروش ٽولي جا بينر به هنيا. انهن چيو ته حقيقي ۽ ضمير فروش ٽولي جي فلم جو ڊائريڪٽر هڪ ئي آهي پر سينيمائون الڳ الڳ آهن.انهن سمورن حڪومتي ادارن سميت آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي کان سوال ڪيو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو حقيقي جي دهشت گردن کي لائينز ايريا، ملير، ڪورنگي، لانڍي ۽ شاھ فيصل ڪالوني ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ سرگرم ڪيو پيو وڃي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان انهن علائقن ۾ ڪارڪنن ۽ عوام تي ظلم روڪرائين ۽ ڏوهاري حقيقي دهشت گردن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن جي سرڪاري سرپرستي جو غير قانوني ۽ غير آئيني عمل به بند ڪيو وڃي. 
*****

4/26/2024 3:49:29 AM