Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سرڪاري ادارن جي حراست ۾ هائي پروفائيل مبينه ڏوهي خالد شميم جو ويڊيو بيان چينلن تي نشر ٿيڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيئي ٿو. ڊاڪٽر فاروق ستار.


سرڪاري ادارن جي حراست ۾ هائي پروفائيل مبينه ڏوهي خالد شميم جو ويڊيو بيان چينلن تي نشر ٿيڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيئي ٿو. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 4/28/2016
سرڪاري ادارن جي حراست ۾ هائي پروفائيل مبينه ڏوهي خالد شميم جو ويڊيو بيان چينلن تي نشر ٿيڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيئي ٿو. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ اهو خاص اهتمام ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڪڇليو ۽ ڪمزور ڪيو وڃي ۽ ان جو ميڊيا ٽرائل ڪيو وڃي. 
وزير اعظم ۽ وفاقي وزير داخلا ان ڊرامي جو حصو نه آهن ته اهي پويان لڪڻ ڇڏي ڏين
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 28 اپريل 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي تحويل ۾ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل جي هائي فروفائيل ڪيس ۾ ملوث مبينه ڏوهي خالد شميم جي ويڊيو  پيغام جو چينلن تي نشر ٿيڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيئي ٿو. انهن سوال ڪيو ته آخر هڪ شخص جو جيڪو هائي پروفائيل قتل جي الزام ۾ سرڪاري ادارن جي تحويل ۾ آهي. ان جو ويڊيو بيان ڪنهن ريڪارڊ ڪيو؟ خالد شميم کي اهو اسڪرپٽ ڪنهن فراهم ڪيو ۽ ڪنهن اهو بيان ريڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ ٽي وي چينلن تي جاري ڪيو؟ انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محمد ڪمال، مطيع الرحمٰن ۽ ارشد حسن به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ رياستي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي ۽ خصوصي طور تي سيپٽمبر 2013 کان وٺي ڪري ڪراچي ۾ بدامني ، لاقانونيت ۽ ڏوهارين جي خلاف جيڪو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ان جي آڙ ۾ اهو خاص اهتمام ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڪڇليو ۽ ڪمزور ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت کي عوام ۽ ڪارڪنن کان پري ڪيو وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ آئين ۽ قانون جون کليون خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن. انساني حقن کي لتاڙيو پيو وڃي ۽ ان تي طرح طرح جا ظلم ڪيا پيا وڃن ۽ ان جو ميڊيا ٽرائل به ڪيو  پيو وڃي. ان تي اسان پنهنجن تحفظن ۽ خدشن جو کلي عام اظهار ڪيو آهي ۽ اسان ان جي نشاندهي به ڪئي آهي ته اهو اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھھ عناصر ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف اهو بيهوده ۽ ڪوڙن الزامن جو سلسلو اڳ به جاري هو ۽ اڄ به جاري آهي ۽ ڪالھھ به هڪ اهڙو ئي بيهوده ۽ شرانگيز ڊرامو ڪجھھ چينلن جي ذريعي رچايو ويو. قوم جي سامهون هڪ ڊرامو پيش ڪيو ويو ۽ هڪ هائي فروفائيل مرڊر جي تحقيقات جي حوالي سان هڪ هائي فروفائيل ڏوهي جو بيان حراست جي دوران منظر عام تي آندو ويو ۽ ميڊيا تي هلايو ويو. انهن چيو ته شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ٿيل مبينه ڏوهي خالد شميم جو اهو ويڊيو بيان اعترافي بيان نه آهي. بلڪه اهو هڪ ويڊيو پيغام آهي. جيڪو قوم جي سامهون نشر ڪيو ويو. ان ڳالھھ جو فرق محسوس ڪيو وڃي. انهن چيو ته خالد شميم هن وقت قانون نافذ ڪرڻ وارن جي قيد ۾ آهن. اتان هڪ ويڊيو پيغام منظر تي اچڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيئي ٿو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جي ڪري ان قسم جون ويڊيو هلايون وڃن ٿيون. پر ميڊيا جو اهو به ڪم آهي ته اها ان ويڊيو جي حوالي سان قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن  ۽ حڪومت کان به ڪجھھ سوال ڪري. انهن سوال ڪيو ته آخر هڪ هائي فروفائيل مرڊر جي الزام ۾ جيڪو سرڪاري ادارن جي تحويل ۾ آهي ان جو ويڊيو بيان ڪنهن هلايو. اهو ويڊيو پيغام ڇا اوهان جي مرضي سان ليڪ ٿيو؟ ان جي قانوني حيثيت ڇا آهي.انهن چيو ته ميڊيا جي جن چينلن اهو ويڊيو بيان هلايو آهي. انهن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري ڇا آهي. ان جو به جواب قوم کي ضرور ڏنو وڃي. انهن ٻيو سوال ڪيو ته آخر ڪنهن خالد شميم کي اهو اسڪرپٽ ڏنو؟ انهن ٽيون سوال اهو ڪيو ته ڪنهن اهو بيان ريڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ ٽي وي چينلن کي جاري ڪيو؟ انهن چيو ته ڪورٽون ان معاملي تي سوموٽو ايڪشن وٺن. انساني حقن جون تنظيمون، سپريم ڪورٽ ۽ هائي ڪورٽ بار جي به اها اخلاقي ذميواري بڻجي ٿي ته اهي به اهو سوال پچن ته هڪ زير حراست ڏوهي جو ويڊيو بيان ڪيئن ٻاهر آيو.انهن چيو ته ان ويڊيو پيغام جو نشر ٿيڻ عوام کي ايم ڪيو ايم ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کان پري ڪرڻ جي هڪ سازش آهي. انهن چيو ته ويڊيو بيان کي منظر عام تي آڻي انصاف ۽ قانون جو مذاق اڏايو ويو آهي. انهن سوال ڪيو ته ڇا اهڙي طرح زير حراست ڏوهي جو بيان منظر عام تي آڻي سگهجي ٿو جيڪو اڃان ڪورٽ ئي نه پهتو هجي. ائين ڪري ڪورٽ سڳوري جي به توهين ڪئي وئي آهي.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته اهي ان ڊرامي جو حصو آهن  ته اهي اهو به واضع ڪن ۽ جيڪڏهن ان ڊرامي جو حصو نه آهن ته ان جو انهن کي فوري طور تي نوٽس وٺي ڪري ان جي تحقيقات ڪرائڻ گهرجي. انهن مطالبو ڪيو ته جيڪي سرڪاري اهلڪار ان ۾ ملوث آهن انهن کان به تفتيش ڪئي وڃي ۽ انهن جي خلاف به ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان به مطالبو ڪيو ته جهڙي طرح انهن ايف سي جي اعلٰي آفيسرن جي خلاف سخت ايڪشن ورتو آهي اهڙي طرح اهي اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھھ آفيسرن ۽ عناصر جيڪي پنهنجن مذموم مقصدن جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف پنهنجن عهدن جو ناجائز استعمال ڪري رهيا آهن. انهن جي خلاف به نوٽس وٺي ڪري سخت ايڪشن وٺن. انهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحب کي به اپيل ڪئي ته اهي به ان سنگين معاملي جو نوٽس وٺن. انساني حقن جون تنظيمون به ان جي خلاف احتجاج ڪن، انهن قانون ۽ انصاف سان تعلق رکڻ وارن وڪلا تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي به ان مسئلي کي اٿارين ۽ احتجاج ڪن. انهن صحافين، تجزيه نگارن، ليکڪن ۽ دانشورن کي به اپيل ڪئي ته اهي به ان معاملي تي احتجاج ڪن. انهن عوام کي به اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي اتحاد کي قائم رکن. ان بيهودگي، شرانگيزي، اشتعال انگيزي تي صبر جو دامن نه ڇڏين، ايم ڪيو ايم دشمن عناصر ڀلي ڪيتريون ئي سازشون ڪري وٺن پر اهي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿا سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن نذير حسين يونيورسٽي کان 600 ماڻهن کي جعلي ڊگريون ڏيئي ڪري ٻاهر موڪلڻ ۽ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هجڻ جي به سختي سان ترديد ڪئي. 
*****

4/19/2024 3:38:47 AM