Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

باوردي آفيسرن جي طرفان ايم ڪيو ايم اڳواڻڻ کي وفاداريون تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش آئين جي خلاف آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر واسع جليل


باوردي آفيسرن جي طرفان ايم ڪيو ايم اڳواڻڻ کي وفاداريون تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش آئين جي خلاف آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر واسع جليل
 Posted on: 4/20/2016
باوردي آفيسرن جي طرفان ايم ڪيو ايم اڳواڻڻ کي وفاداريون تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش آئين جي خلاف آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر واسع جليل
واشنگٽن: 20 اپريل 2016 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر واسع جليل چيو آهي ته پاڪستان ۾ متحده قومي موومينٽ ۽ مهاجرن تي ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي ۽ مهاجرن جي واحد نمائنده جماعت کي ڪڇلڻ جي لاءِ هر هٿڪنڊو استعمال ڪيو پيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي آمريڪا جا سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف، سينيئر جوائنٽ سينٽرل آرگنائيزر عارف صديقي ۽ ٻيا به موجود هئا. واسع جليل چيو ته ايم  ڪيو ايم جو ڏوھ اهو آهي ته اها وسيلن جي برابري جي سطح تي ورهاست ۽ عوامي اختيارن جي ڳالھھ ڪري ٿي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي غلطي اها آهي ته ان باطل قوتن جي طرفان هر پرڪشش پيشڪش کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي ۽ وڪامجڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پهرين ئي ڏينهن کان مقتدر قوتون ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن.انهن چيو ته ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم کي بار بار ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اهي ئي پراڻيون شرارتون ۽ من گهڙت ڪهاڻيون شروع ڪيون ويون آهن. انهن چيو ته ڪجھھ جنرلن ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جا خواب ڏٺا هئا ۽ هاڻي وري ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اهي پنهنجيون وفاداريون تبديل ڪن نه ته انهن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ان موقعي تي خطاب ڪندي متين يوسف چيو ته ڪرمنلائزيشن جي پاليسي جي تحت ايم ڪيو ايم ۽ پوري مهاجر قوم کي ڏوهاري ۽ را جو ايجنٽ بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. جنهن جي مهذب معاشري ۾ ڪائي به مثال نه ٿي ملي.ان موقعي تي عارف صديقي خطاب ڪندي چيو ته مهاجر قوم پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ به پاڪستاني هئي ۽ مهاجر ڄاڻيندا هئا ته اهي جنهن وطن جي خاطر جدوجهد ڪري رهيا آهن. ان کي انهن علائقن ۾ قائم نه آهي ٿيڻو جتي اهي صدين کان رهندا پيا اچن.


4/20/2024 1:21:54 AM