Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي يونيورسٽي جي زمينن تي قبضا ختم ڪرائي انهن زمينن تي شاگردن جي لاءِ ريسرچ سينٽر قائم ڪنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار


ڪراچي يونيورسٽي جي زمينن تي قبضا ختم ڪرائي انهن زمينن تي شاگردن جي لاءِ ريسرچ سينٽر قائم ڪنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 4/20/2016
ڪراچي يونيورسٽي جي زمينن تي قبضا ختم ڪرائي انهن زمينن تي شاگردن جي لاءِ ريسرچ سينٽر قائم ڪنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي اختتامي تقريب جي موقعي تي پريس بريفنگ
ڪراچي: 20 اپريل 2016 
ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي انهن زمينن تي شاگردن جي لاءِ ريسرچ سينٽر قائم ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام 14 هين امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي اختتامي تقريب جي موقعي تي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي اي پي ايم ايس او جي وائيس چيئرپرسن وجيهه رئوف، جوائنٽ سيڪريٽري زونه نقوي ۽ ٻيا به موجود هئا. ڪرڪيٽ ميچ جو فائنل اڪنامڪس ۽ هيلٿ اينڊ فزيڪل ڊپارٽيمنٽ جي ٽيمن جي وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ اڪنامڪس جي ٽيم فتح حاصل ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ 65 سيڪڙو نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. ان مان ثابت آهي ته ڪراچي يونيورسٽي نياڻين جي يونيورسٽي آهي. انهن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي زمينن تي جيڪي عناصر قبضا ڪري رهيا آهن. انهن زمينن تان قبضا ختم ڪرائي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ريسرچ سينٽر قائم ڪنداسين. انهن چيو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن ۾ جيڪي رڪاوٽون هيون اهي هاڻي دور ٿي ويون آهن ۽ هاڻي اسان کي تعليم جو سٺو نظام ڏيڻو آهي. پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏو گڏ رانڌين جي سرگرمين کي به پروموٽ ڪرڻو آهي. انهن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي پاليسي ٺاهڻ وڏيرن جو ڪم نه آهي بلڪه ان جي پاليسي ٺاهڻ ڪراچي يونيورسٽي جي استادن جو ڪم آهي. انهن چيو ته ضمير فروش ٽولو وڪيٽون ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. پر مان انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڀلي اهي ڪيتريون ئي وڪيٽون ڪيرائي وٺن پر جڏهن 2018 جي اليڪشن ۾ عوام انهن جون وڪيٽون ڪيرائڻ شروع ڪيون ته پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو .آخر ۾ انهن کٽندڙ ٽيم کي ٽرافي ۽ رانديگرن ۾ انعام به ورهايا.  


4/19/2024 5:46:56 PM