Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف خاطري ڪرائي هئي ته ڪنهن به سياسي جماعت جي خلاف آپريشن نه ٿيندو پر هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم سان ڌوڪو ڪيو ويو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف خاطري ڪرائي هئي ته ڪنهن به سياسي جماعت جي خلاف آپريشن نه ٿيندو پر هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم سان ڌوڪو ڪيو ويو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/18/2016
وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف خاطري ڪرائي هئي ته ڪنهن به سياسي جماعت جي خلاف آپريشن نه ٿيندو پر هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم سان ڌوڪو ڪيو ويو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
مان گذريل پوين ڏينهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي هڪ خط به لکيو هو پر هن مهل تائين اسان کي انصاف نه مليو آهي
تمام تر ڌمڪين ۽ ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم جا ذميوار ۽ ڪارڪن خوفزده نه ٿيا آهن بلڪه ثابت قدم آهن ۽ پنهنجي حلالي هجڻ جو ثبوت ڏيئي رهيا آهن
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ سانگهڙ ۾ چونڊيل نمائندن ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن جي اجلاسن کي هڪ ئي وقت خطاب
لنڊن: 18 اپريل 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان کي وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف خاطري ڪرائي هئي ته ملڪ ۾ ڪنهن به سياسي جماعت جي خلاف آپريشن نه ٿيندو بلڪه اهو آپريشن انهن بليڪ جيٽ دهشت گردن جي خلاف هوندو. جيڪي مسجدن، امام بارگاهن، فوجي تنصيبات ۽ بازارن ۾ بم ڌماڪا ڪن ٿا. پر هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم سان ڌوڪو ڪيو ويو ۽ آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو. مان گذريل پوين ڏينهن ۾ آرمي چيف کي خط لکيو هو پر هن مهل تائين اسان کي انصاف نه مليو آهي. اسان انصاف صرف چاهيون ئي نه ٿا پر انصاف ٿيندو ڏسڻ به چاهيون ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي، حيدرآباد،ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ سانگهڙ ۾ حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، نامزد ميئر ، ڊپٽي ميئر، يوسي چيئرمينن، ڪائونسلرن ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن جي اجلاسن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب  الطاف حسين فرمايو ته 2013 کان رياستي ادارن، بيوروڪريسي، فوجي ادارن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي طرفان ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جو سلسلو جاري آهي. ان مقصد جي لاءِ نه صرف رياستي مشينري ۽ طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي پر ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اربين ۽ کربين روپيا به خرچ ڪيا پيا وڃن. ايم ڪيو ايم جي خلاف بدترين رياستي آپريشن جي دوران بي گناھ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو ۽ هزارين ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.پر تمام تر ظلمن، ڇاپن ۽ گرفتارين جي باوجود ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ، سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر، مڪاني نمائندا، ذميوار ۽ ڪارڪن اڄ به ثابت قدم آهن ۽ پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين سان گڏ آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم مذهب، مسلڪ، عقيدي ۽ رنگ و نسل جي بنياد تي انسانن جي رهاست جي خلاف آهي. الطاف حسين مذهب ۽ فرقي جي ورهاست تي نه بلڪه انسانيت تي يقين رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان ۾ وسندڙ غير مسلم، تمام مڪاتب فڪر ۽ پاڪستان جي سمورين قومن سان تعلق رکندڙ غريب ۽ مظلوم عوام ۽ ڪارڪن ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ آهن. انهن فرمايو ته 2013 ۾ سمورين جماعتن جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم سميت سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي سربراهن ۽ نمائندن سان گڏو گڏ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، آئي ايس آئي جي چيف جنرل رضوان اختر، فوجي ادارن جي اهم عهدن تي فائز شخصيتن، وزير اعظم، وفاقي وزير داخلا، وزير دفاع ۽ ٻين وزيرن به شرڪت ڪئي هئي. ان اجلاس ۾ مذهبي انتها پسند دهشت گردن جي خلاف آپريشن جي لاءِ اتفاق رائي قائم ڪيو پيو وڃي. پر ماضي جي سخت تجربن جي روشني ۾ ايم ڪيو ايم ان آپريشن جي حوالي سان پنهنجن تحفظن جو اظهار ڪيو. ان آپريشن جي اجازت ۽ اختيارن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم کان سواءِ سمورين جماعتن رضامندي ظاهر ڪئي ۽ صحيون ڪيون ، پر ايم ڪيو ايم صحي نه ڪئي. جنهن تي فوجي ذريعن ۽ حڪومتي ميمبرن ٽيليفون جي ذريعي مون سان لنڊن رابطو ڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته اهو آپريشن ڪنهن به سياسي جماعت جي خلاف نه هوندو بلڪه اهو آپريشن صرف انهن جهادي تنظيمن ۽ انتها پسند دهشت گردن جي خلاف هوندو جيڪي مسجدن، امام بارگاهن، فوجي تنصيبات، اسڪولن ۽ بازارن ۾ خودڪش ڌماڪا ڪن ٿا. مان انهن کي چيو ته جيڪڏهن وزير اعظم ۽ آرمي چيف اسان کي اها خاطري ڪرائين ته اهو آپريشن ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف نه ٿيندو ته اسان صحي ڪنداسين. جنهن تي وزير اعظم ۽ آرمي چيف اها خاطري ڪرائي ته اهو آپريشن ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف نه هوندو. بلڪه انهن بليڪ جيٽ دهشت گردن جي خلاف هوندو  جيڪي مسجدن، امام بارگاهن، فوجي تنصيبات  ۽ بازارن ۾ بم ڌماڪا ڪن ٿا ۽ جن جي هٿان عام شهرين کان علاوه پاڪ فوج جا به هزارين آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي چڪا آهن.وزير اعظم ۽ آرمي چيف جي خاطري کان پوءِ ايم ڪيو ايم به ان آپريشن تي پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي. پر هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم سان ڌوڪو ڪيو ويو ۽ آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو. ان آپريشن جي دوران ٻه ڀيرا منهنجي گهر نائن زيرو تي ۽ منهنجي ڀيڻ جي گهر تي 
ڇاپا هنيا ويا. ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو ويو جيڪو اڄ به جاري آهي. انهن شرڪاء کان پچيو ته ڇا آپريشن جي دوران ڪنهن به سياسي جماعت جي مرڪزي آفيس يا سياسي جماعت جي اڳواڻ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو؟ جنهن تي شرڪاء چيو ته هرگز به نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻڻ تي ته ڪرپشن، ٽيڪس چوري ۽ دهشت گردي جا الزام لڳايا ويا. پر انهن مان ڪنهن به اڳواڻ  جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپو نه هنيو ويو. راجن پور ۾ ڇوٽو گينگ جي خلاف فوج آپريشن ڪري رهي آهي. ڇوٽو گينگ ڌاڙن ، اغوا برائي تاوان، لٽ مار ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي. انهن جي خلاف ضرور ڪاروائي ڪئي وڃڻ گهرجي. پر جيڪي عناصر سرڪاري خزاني جي لٽ مار ۾ ملوث آهن.سرڪاري بينڪن کان اربين ۽ کربين روپيا قرض وٺي ڪري هڙپ ڪري ويا آهن ۽ قومي خزاني کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن. انهن جي خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃڻ گهرجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 2013 کان هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جي درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ۽ لاپتا ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست جي دوران بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ انهن جون تشدد ٿيل لاشون ويران روڊن تي اڇلايون ويون. هن وقت به ايم ڪيو ايم جا سوين بي گناھ ڪارڪن قيد جون تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٻين سياسي جماعتن جا ڪارڪن کلي عام خطرناڪ هٿيارن جو آزادانه استعمال ڪندا رهيا. کلي عام گوليون هلائيندا رهيا۽ جن جون ويڊيوز به ميڊيا تي نشر ڪيون وينديون رهيون پر انهن مان ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ چونڊيل مڪاني نمائندا عوام جي خدمت ڪن ۽ صفائي مهم ۾ حصو وٺن ته انهن کي صفائي مهم جي دوران ئي گرفتار ڪيو ويو. جنهن تي اسان مجبور ٿي ڪري صفائي مهم بند ڪري ڇڏي. آخر اسان انصاف گهرون ته ڪنهن کان گهرون؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان گذريل پوين ڏينهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي خط به لکيو هو پر هن مهل تائين اسان کي انصاف نه مليو آهي. اسان انصاف صرف چاهيون ئي نه ٿا پر انصاف ٿيندو ڏسڻ به چاهيون ٿا. انهن فرمايو ته ظلم ڪرڻ وارا سويلين هجن يا فوجي اداري سان تعلق رکندڙ هجن، اجايو قتل ڪوئي سويلين ڪري يا فوجي اداري جو اهلڪار ڪري پر قتل قتل هوندو آهي.سرڪاري اداري جا اهلڪار ڪنهن به ڏوهاري کان پچا ڳاچا ڪري سگهن ٿا. پر ڏوھ ثابت نه ٿيڻ يا عدالت جي فيصلي کان اڳ حراست جي دوران ڪنهن به ڏوهاري کي قتل ڪرڻ جو عمل جائز قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين شرڪاء کي خوشخبري ڏيندي فرمايو ته پي پي عددي اڪثريت جي بنياد تي هڪ قانون پاس ڪيو هو ته ميئر ، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ شو آف هينڊ جي ذريعي ڪئي ويندي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو موقف هو ته اها چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪئي ويندي. ايم ڪيو ايم ان قانون جي خلاف سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪئي جتي ايم ڪيو ايم جو موقف تسليم ڪيو ويو. جنهن تي پي پي هائي ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪئي. الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان سپريم ڪورٽ به ايم ڪيو ايم جي حق ۾ فيصلو ڏنو. انهن وڌيڪ فرمايو ته جيڪڏهن حڪومت مڪاني ادارن کي اختيار نه ڏنا ته اسان ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪنداسين ۽ اسان کي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ ميرٽ جي بنياد تي فيصلو ڪندي. جناب الطاف حسين ٻئي خوشخبري ٻڌائيندي فرمايو ته پي ٽي وي جي بنياد وجهڻ واري چوٽي جي ڊائريڪٽر، پروڊيوسر ۽ رائيٽر حيدرامام رضوي جن جو نالو  اقوام متحده جي 25 وڏن ڊائريڪٽرن جي فهرست ۾ شامل آهي. گذريل ڏينهن انهن ۽ سابق سيشن جج محترم ڪرم چند ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي. جنهن تي مان سمورن حق پرست ڪارڪنن ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. انهن ٽئين خوشخبري ٻڌائيندي فرمايو ته آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سالانه رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ان رپورٽ ۾ صاف لکيو ويو آهي ته ايم اين اي عبدالرشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري آپريشن جي دوران ڪيترائي ڪارڪن لاپتا ڪيا ويا آهن. ڪيترائي قتل ڪيا ويا آهن ۽ ان جماعت کي اظهار رائي جي آزادي به نه پئي ڏني وڃي. انهن فرمايو ته آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سالانه ڪنٽري رپورٽ ۾ صاف چيو ويو آهي ته مئي جي مهيني ۾ پاڪستان جي ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي پيمرا ميڊيا تي عدالت ، فوج يا ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارين ايجنسين جي خلاف هر قسم جي نشريات تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي. پيمرا اهي حڪم پهرين مئي تي ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي هڪ تقرير جي رڌعمل ۾ جاري ڪيا هئا. جنهن ۾ فوج کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو. انهن فرمايو ته پيمرا پٿر جي زماني جو ڪارو قانون نافذ ڪيو آهي. انهن فرمايو ته اهو معاملو عدالت ۾ ويو پر هن مهل تائين منهنجين تقريرن ۽ بيانن تي پابندي عائد آهي. آخر ڪهڙي طاقت آهي جنهن هن مهل تائين پابندي عائد ڪري رکي آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي سياسي اڳواڻ آزادي اظهار جا چيمپيئن بڻجن ٿا. پر ڪنهن به ان پابندي جي خلاف آواز بلند نه ڪئي . انهن وڌيڪ فرمايو ته اظهار رائي جي آزادي ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ڪوئي به شهري فوجي ادارن جي غلط ڪمن ۽ عدالت جي غلط فيصلن تي تنقيد نه ٿو ڪري سگهي ۽ جيڪو اڳواڻ حق ۽ سچ ڳالهائي ته انهن تي پيمرا جي ذريعي پابندي لڳرائي ڇڏجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عدالت ۽ فوج جي حوالي سان تاريخي حقيقتون بيان ڪرڻ ڪوئي ڏوھ نه آهي. انهن تاريخي واقعن جو حوالو ڏيندي فرمايو ته 13 اپريل 1919 ۾ جنرل ڊائر جي ان وحشياڻي عمل کي پوري دنيا ۾ ڪٿي به جائز قرار نه ڏنو ويو. اهڙي طرح هٽلر يهودين جو قتل عام ڪيو هو، ان کي به سڄي دنيا ۾ جائز قرار نه نه ڏنو ويو. جڏهن ته برطانيه جي جنرل ڪرامويل جمهوريت  جو تختو اونڌو ڪري مارشلا نافذ ڪري ڇڏيو هو. ڪرامويل جي وفات کان پوءِ  جڏهن جمهوري حڪومت آئي ته جنرل ڪرامويل تي مقدمو هلايو ويو. جنرل ڪرامويل جي قبر کوٽي ڪري انهن جو ڍانچو ڪڍيو ويو ۽ ڪيترن ئي مهينن تائين لنڊن ۾ ٽنگيو ويو هو. انهن فرمايو ته پاڪستان جي فوج 1971 ۾ ڀارتي جنرل اروڙه سنگ جي سامهون جنرل نيازي جي قيادت ۾هٿيار ڦٽا ڪيا جيڪا هڪ تاريخي حقيقت آهي. ان جي ڪري ان حقيقت کي بيان ڪرڻ غير آئيني ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم دشمن عناصر مون سان ڳالھھ ڪندي ان جي ڪري ڊڄن ٿا  جو انهن کي ڄاڻ آهي ته الطاف حسين تاريخ جو علم ۽ تاريخي ڄاڻ رکي ٿو. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ حقيقتن کي سامهون اچڻ کان روڪيو ويو، پر اڄ دنيا ۾ اهي حقيقتون سامهون اچي رهيون  آهن. انهن فرمايو ته اسان به ڏسون ٿا ته اهي ڪيستائين اسان کي ماريندا. ڪيستائين اسان کي گرفتار ڪندا ۽ ڪيستائين اسان کي ظلم جو نشانو بڻائيندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڳجهين قوتن ايم ڪيو ايم کان ڏوهن، ڪرپشن ۽ ٻين ڏوهن ۾ مبتلا  هجڻ جي ڪري خارج ڪيل ماڻهن تي ٻڌل جيڪو نئون گروپ جوڙيو  آهي. ان جي طرفان ايم ڪيو ايم جي سمورن شعبن جي ذميوارن، سينيئر عورتن ۽ بزرگن، حق پرست سينيٽرن، اسيمبلي ميمبرن، يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سان فون تي رابطا ڪيا پيا وڃن ، انهن کي تحريڪ سان بي وفائي ڪرڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي بڻايل ٽولي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. انهن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر الله سائين جو ڪرم آهي ته منهنجي باوفا ساٿين پنهنجو ضمير وڪڻڻ ۽ تحريڪ سان بي وفائي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي تمام تر ڌمڪين ۽ ظلمن جي باوجود ڊنا نه آهن. بلڪه ثابت قدم آهن ۽ پنهنجي حلالي ٿيڻ جو ثبوت ڏيئي رهيا آهن. مان پنهنجن انهن ثابت قدم ساٿين کي چوان ٿو ته اوهان جو خادم اوهان کي دل جي گهرائين سان سلوٽ پيش ڪري ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته انهن ضمير فروشن ڪوڙو پروفيگنڊو ڪيو  ته الطاف حسين ذميوارن کي پوري دنيا جي سامهون ذليل ڪيو. انهن فرمايو ته مان قائد آهيان ۽ جيڪڏهن ذميوار چوري ڪندا ، ماڻهن جي گهرن ، پلاٽن ۽ زمينن تي قبضا ڪندا ۽ لٽ مار ڪندا ته مان قائد جي حيثيت سان يقينن انهن کان پچاڻو ڪندس. جڏهن مون کي اهي اطلاعون مليون ته منهنجا ذميوار چورين، زمينن تي قبضن، چائينا ڪٽنگ ۽ ٻين غلط ڪمن ۾ ملوث ٿا ويا آهن ته مان ان جي تحقيقات ڪرائي. جڏهن ثابت ٿي ويو ته مان ڳوڙن ۽ هڏڪن سان روئي ڏنو. مان ڪارڪنن جي سامهون ان کان سختي سان پچاڻو ڪيو ته اهي ڀڄي ويا. ڪالھھ تائين انهن ماڻهن جا نالا مختلف واقعن جي جي آئي ٽيز  ۾  اچي رهيا هئا. جڏهن اسان انهن کي ڪڍيو ته ڳجهين قوتن انهن کي خصوصي جهاز ۾ پاڪستان آندو ۽ خيابان سحر ۾ آڻي ڪري ويهاري ڇڏيو. انهن فرمايو ته اهي ضمير فروش چون ٿا ته انهن کي اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ حاصل نه آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته انهن وٽ  12 ڪروڙن جو بنگلو ڪٿان آيو؟ حيدرآباد واري وٽ ڪروڙن جو قيمتي بنگلو ڪٿان آيو؟ اهي وڏيون وڏيون بلٽ پروف گاڏيون ڪٿان آيون. جناب الطاف حسين فرمايو  ته ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي ايجنسين جي جاري آپريشن کي جائز ۽ درست قرار ڏيڻ جي لاءِ ٽي وي چينلن جي ڪجھھ اينڪرن ۽ تجزيه نگارن کي خوب استعمال ڪيو پيو وڃي. جيڪي روزانو ٽي وين تي ويهي ڪري ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. وقت ايندو ته الله تعالٰي انهن سڀني کان انهن جي ڪوڙ جو حساب وٺندو. انهن فرمايو ته ڪرمنلائزيشن پاليسي جي تحت ملڪ جي غريب مهاجرن، غريب پنجابين، غريب سنڌين، غريب بلوچن، غريب پختونن، غريب سرائيڪين، غريب ڪشميرين، غريب هزاري والن ۽ سمورين قومن جي غريب عوام جي حقن جي جدوجهد ڪرڻ واري جماعت ايم ڪيو ايم تي را جي اينجٽ ۽ ملڪ دشمني جا الزام لڳايا پيا وڃن. پهرين به ايم ڪيو ايم تي جناح پور ۽ انهي قسم جا ٻيا الزام لڳايا ويا هئا. انهن واضع لفظن ۾ ملڪ دشمني ۽ را سان تعلق جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي ۽ فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن جماعت هئي ۽ محب وطن جماعت آهي. جيڪا پاڪستان جي بقا و سلامتي چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ 20 صوبن جو قيام چاهي ٿي ۽ کلي ڪري اهو چوي ٿي ته هاڻي پاڪستان کي چئن صوبن سان هلائي نه ٿو سگهجي.  پاڪستان جي بقا جي لاءِ ضروري آهي ته سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا قائم ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ به هڪ صوبو چاهي ٿي. جتي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي نه بلڪه هتان جي عوام جي حڪمراني هجي. جتي پوليس ۽ رينجر مقامي هجي، جنهن کي پنهنجو انتظام هلائڻ جو اختيار هجي ، ايم ڪيو ايم اهڙو پاڪستان چاهي ٿي جتي لٽ مار، ڪرپشن ، چورن ۽ ڌاڙيلن کان آزاد هجي. جتي ڪوئي به ٽيڪس چور ۽ قرضا معاف ڪرائڻ وارو نه هجي. جتي ماڻهو پاڻي، بجلي ۽ گيس کي نه ترسن، سٺي تعليم ۽ سٺن اسپتالن جي لاءِ نه ترسن.امن و امان جي صورتحال ايتري سٺي هجي جو جيڪڏهن ڪائي ڀيڻ يا نياڻي رات جو ڪنهن مجبوري جي تحت گهر کان نڪري ته ڪوئي به ان تي ميري اک نه وجهي. انهن فرمايو ته اڄ رياستي طاقت جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ڇاپا گرفتاريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن. ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن کي گرفتار ڪري انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جي بجاءِ 90 ، 90 ڏينهن جي لاءِ قيد ڪيو پيو وڃي. انهن جا پوڙها والدين انهن جي ڳولا ۾ شهر شهر ڦري رهيا آهن. پر انهن جي فرياد ٻڌڻ وارو ڪوئي به نه آهي. اي پي ايم ايس او جي مرڪزي ڪميٽي پريس ڪانفرنس ڪري حقيقتون بيان ڪيون ته انهن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي به ڪوڙا مقدما بڻايا ويا آهن. انهن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن. انهن اي پي ايم ايس او جي ڪارڪنن کي چيو ته اهي في الحال روپوش ٿي وڃن. وقت ايندو جو جڏهن اهو ظلم جو سلسلو رڪجي ويندو. اهو امتحان، صبر ڪرڻ ۽ ثابت قدم رهڻ جو وقت آهي. ثابت قدم رهڻ وارا ئي فتح سان همڪنار ٿين ٿا. الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ واضع اشارا ڏنا آهن. انهن ان موقعي تي قرآن پاڪ جون سورتون ۽ آيتون پيش ڪيون. انهن فرمايو ته سوره العصر ۾ الله تعالٰي فرمائي ٿو ته قسم آهي زماني جي ته انسان خساري ۾ آهي. پر اهي ماڻهو نه جن ايمان آندو. جن سٺا عمل ڪيا. جيڪي حق جي تلقين ڪندا رهيا ۽ جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ تي صبر ڪندا رهيا.  اهڙي طرح الله تعالٰي سوره ڪوثر ۾ فرمائي ٿو ته اسان توهان کي ڪوثر عطا فرمائي ۽ پنهنجي رب جي رستي ۾ قرباني ڪر، بيشڪ توهان جو دشمن ئي ابتر رهندو ۽ شڪست کائيندو. الله تعالٰي جو فرمان آهي ته بي شڪ حق اچڻ جي لاءِ آهي ۽ باطل ميٽجڻ جي لاءِ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته غداري ۽ بي وفائي جو اهو عمل صرف مون سان نه ٿيو بلڪه دنيا ۾ هر سچي انقلابي سان ٿيو آهي. ايستائين جو نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جيڪي امام الانبياء آهن. انهن جي هٿ تي بيعت ڪرڻ وارن به انهن سان بي وفائي ڪئي. جڏهن منافقن جي سردار عبدالله به ابئي جيڪي پاڻ کي بظاهر مسلمانن جو همدرد قرار چوندا هئا. انهن ڏيکاءُ جي لاءِ ه مسجد به بڻائي هئي. جنهن کي مسجد ضرار چوندا هئا. الله تعالٰي انهن جي لاءِ سوره المنافقون نازل ڪئي ۽ ارشاد فرمايو ته انهن جي مسجد ۾ ۽ نمازن تي نه وڃو اهي ڏيکاءُ جي لاءِ ڪري رهيا آهن ۽ اهي حقيقت ۾ منافق آهن. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم صحابه ڪرام کي حڪم ڏنو ته  اهي ان مسجد  کي ڪيرائي ڇڏين. انهن فرمايو ته اڄ جيڪي ضمير فروشن جي بنگلي تي آهن. اهي به قوم جا همدرد نه آهن بلڪه حقيقت ۾ اهي به منافق آهن. جناب الطاف حسين ان موقعي تي اسيمبلي ميمبرن ۽ شعبن جي ذميوارن کان پچيو ته ڇا اوهان ضمير فروشن جي ڌمڪين ۾ ايندو؟ ان تي سمورن ميمبرن جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته اهي اهڙين ڌمڪين ۾ نه ڪالھھ آيا  هئا ۽ نه اڄ ايندا ۽ ڪنهن به قيمت تي تحريڪ سان بي وفائي نه ڪندا.  جناب الطاف حسين تمام تر ڏکين حالتن ، رياستي آپريشن ، چئني طرفن کان تحريڪ جي خلاف ڪئي ويندڙ سازشن جي باوجود ثابت قدم رهڻ ۽ تحريڪ سان وفاداري نڀائڻ تي سمورن حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. انهن فرمايو ته صرف ڪارڪن ئي ثابت قدمي سان انهن حالتن جو مقابلو نه ڪري رهيا آهن. بلڪه نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي، عورتون ۽ بزرگ به ڏينهن رات ڊيوٽيون ڏيئي رهيا آهن. حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٻين زونن ۾ به ساٿي ڏينهن رات جاڳي رهيا آهن. اهڙي طرح لنڊن ۾ به رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت سميت رابطا ڪميٽي ، انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جا ميمبر ۽ يوڪي جا ذميوار به ڏينهن رات ڊيوٽيون انجام ڏيئي رهيا آهن. جنهن تي مان انهن کي دل جي گهرائين سان سلام تحسين پيش ڪريان ٿو.انهن فرمايو ته اسان جا دشمن اسان جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. پر الله سائين جو ڪرم آهي ته اسان جا اهي ساٿي جيڪي گهر ويٺا هئا اهي به هاڻي آزمائش جي ان وقت ۾ تحريڪ سان گڏ اچي ويا آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي پنهنجي حبيب صلي الله عليه وسلم، اهل بيت، صحابه ڪرام، اولياء ڪرام ۽ بزرگان دين جي صدقي اسان جي غيب سان مدد فرمائي. اسان جي مشڪلاتن جو خاتمو ڪري ۽ اسان جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي. انهن تحريڪ جي شهيدن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو. انهن فرمايو ته مان پنهنجي اسير ڪارڪنن کي به انهن جي جرت ۽ ثابت قدمي تي سلام تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي منهنجي اسير ساٿين جي آزادي جا سبب پيدا ڪري. 
*****


4/19/2024 8:28:53 PM