Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو تازه ترين پيغام.....قوم جي نالي


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو تازه ترين پيغام.....قوم جي نالي
 Posted on: 4/18/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو تازه ترين پيغام.....قوم جي نالي
بسم الله الرحمٰن الرحيم 
      ڪلمه طيب... لا الٰه اله الله محمد رسول الله، نه آهي ڪوئي معبود سواءِ الله تعالٰي جي ۽ حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم الله جا رسول صلي الله عليه وسلم آهن.
                   مان الطاف حسين ولد نذير حسين مرحوم ان ڪلمي پاڪ جو قسم کائي ڪري سمورن مسلمانن ۽ خصوصن پاڪستانين کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ آپريشن ڪلين اپ جي نالي تي آئي ايس آئي جا ڪجھھ اعلٰي آفيسر ۽ سنڌ رينجر جا ڪجھھ اعلٰي آفيسر ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي فون ڪري پنهنجو عهدو ۽ نالو ٻڌائي ڪري ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ته توهان آئي ايس آئي جي جوڙيل ٽولي “ ڪمالو گروپ ” ۾ شامل ٿي وڃو نه ته سنگين نتيجا ڀوڳڻ، سڄي زندگي جيل ۾ سڙڻ يا موت جو مزو چڪڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو.ڪلمي شريف جو قسم کائي ڪري مان پاڪستان جي عوام کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ( ڇو ته ڪلمي شريف جو قسم کائي ڪري جيڪو ڪوڙي ڳالھائي ٿو  الله سائين ان کي ڪڏهن به ايمان سان گڏ نه ٿو کڻي، جيڪڏهن مان به قسم کائي ڪري ڪوڙ ڳالهايان ته خدا تعالٰي مون کي به ڪفر تي کڻي نه ته مون کي ايمان تي کڻي ۽ جيڪي مون تي الزام لڳائي رهيا آهن ۽ ڪوڙا دعوٰي ڪري 

رهيا آهن ۽ منهنجين ڳالهين کي رڌ ڪري رهيا آهن انهن کي به ڪفر تي کڻي. حق پرست سينيٽرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز کي سڌي ريت فون ڪري آئي ايس آئي جا ڪجھھ اعلٰي آفيسر ۽ سنڌ رينجر جا ڪجھھ اعلٰي آفيسر کليون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ته توهان ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڇڏي ڏيو، الطاف حسين جو ساٿ ڇڏي ڏيو ۽ انهن جي خريد ڪيل ضمير فروشن، احسان فراموشن، قوم فروشن ۽ غدارن سان گڏ ملي وڃو ته توهان جا سڀئي گناھ معاف نه ته پوءِ سزا ڀوڳڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو. مان پاڪستان جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف صاحب کي درخواست ڪريان ٿو ته اوهان کي به ڪلمي شريف جو قسم ته اوهان منهنجي ان قسم کڻڻ تي ايمانداري سان فيصلو ڪريو نه ته قيامت جي ڏينهن اوهان جو به مان گريبان پکڙيندس. منهنجي قوم جا حق پرست ڀائرو اوهان حق ۽ سچ جي فتح جي لاءِ دعا ڪريو. اسان ان قسم جي ڌمڪين ۾ نه پهرين آيا هئاسين ۽ نه اڄ اينداسين. الله سائين اسان کي استقامت عطا فرمائي ۽ صبر ۽ طاقت عطا فرمائي. آمين ثمه آمين. 
الله حافظ
الطاف حسين
باني اي پي ايم ايس او ، مهاجر قومي موومينٽ ۽ متحده قومي موومينٽ
18 اپريل 2016 بروز سومر
*****

4/19/2024 10:10:37 AM