Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وحيد الزمان چائينا ڪٽنگ جي بادشاھ وسيم آفتاب جي سرپرستي ۾ زميني خدا بڻيل هئا. اي پي ايم ايس او چيئرمين سرفراز احمد صديقي


وحيد الزمان چائينا ڪٽنگ جي بادشاھ وسيم آفتاب جي سرپرستي ۾ زميني خدا بڻيل هئا. اي پي ايم ايس او چيئرمين سرفراز احمد صديقي
 Posted on: 4/13/2016
وحيد الزمان چائينا ڪٽنگ جي بادشاھ وسيم آفتاب جي سرپرستي ۾ زميني خدا بڻيل هئا. اي پي ايم ايس او چيئرمين سرفراز احمد صديقي
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 13 اپريل 2016 
                   اي پي ايم ايس او جي چيئرمين سرفراز احمد صديقي واضع لفظن ۾ چيو آهي ته اسان ڪنهن به قسم جي ڌمڪين ۽ سازشن ۾ اچي ڪري پنهنجيون وفاداريون تبديل نه ڪنداسين ۽ مرڻ گهڙي تائين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان وفاداري نڀائينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ اي پي ايم ايس اي جي وائيس چيئرپرسن وجيھھ رئوف ۽ مرڪزي ڪابينا سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سرفراز احمد صديقي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ اي پي ايم ايس او جا سابق چيئرمين وحيد الزمان ڪمال اينڊ ڪمپني سان گڏجي ويا ۽ پريس ڪانفرنس ۾ انهن جهڙي طرح بکواس ڪئي آهي ان بکواس جي حقيقت ۽ انهن جي شخصيت جي باري ۾ قوم کي ٻڌائڻ تمام ضروري آهي. انهن چيو ته وحيد الزمان چائينا ڪٽنگ جي بادشاھ وسيم آفتاب جي سرپرستي ۾ اي پي ايم ايس او جا زميني خدا بڻيل هئا. جڏهن اهي پنهنجي حيثيت کان وڌي ڪري پنهنجين ذميوارين جو ناجائز فائدو کڻڻ لڳا ته انهن کي پوري اي پي ايم ايس او جي ڪابينا سميت هٽايو ويو هو. انهن چيو ته اي پي ايم ايس او تعليم جي ميدان ۾ ڊاڪٽرَ ، انجنيئر ۽ ٻيا ماهر پيدا 

ڪيا آهن. انجنيئرنگ فورم۽ ميڊيڪل فورم جوڙيا آهن. انهن چيو ته اي پي ايم ايس او هر ميدان ۾ ڀلي اهو تعليم جو ميدان هجي يا رانڌين جو ميدان هجي نوجوانن کي پنهنجيون صلاحيتون ڏيکارڻ جو ڀرپور موقع ڏنو آهي ۽ اڄ نوجوان زندگي جي هر شعبي ۾ ملڪ و قوم جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته وحيد الزمان وسيم آفتاب جي سرپرستي ۾ تعليم دشمن ماڻهن سان ملي ڪري تعليمي ادارن جو ماحول خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي هئي ۽ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي سان اي پي ايم ايس او ۾ ميرٽ جو قتل عام به ڪيو. انهن چيو ته وحيد الزمان کان پچيو وڃي ته توهان جو ضمير ان وقت ڪٿي سٿل هو جڏهن توهان هڪ ڇوڪريءِ جي لڄ لٽي هئي. انهن چيو ته اڄ اهو انسانيت کان ڪريل شخص پريس ڪانفرنسون ڪري بخواس ڪري رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم وارن نوجوانن کي را جو اينجٽ بڻائي ڇڏيو آهي. انهن چيو ته انهن کان ڪوئي اهو پچي ته نوجوانن کي اسيمبلين ۾ ڪنهن پهچايو آهي ۽ انهن کان اهو به سوال ڪري ته جڏهن انهن ڪي پي ٽي ۾ 18 گريڊ جي نوڪري ڪئي هئي، جيڪا انهن کي ايم ڪيو ايم ئي وٺي ڏني هئي ته ان وقت انهن جو ضمير ڪٿي سٿل هو.انهن چيو ته وحيد الزمان جي جعلي ڊگري ڪيس ۾ انهن جي اها نوڪري به هلي وئي. انهن چيو ته ڊاڪٽر  صغير کان به ڪوئي اهو پچي ته ڪرن نعمان ڪري آهي؟ شادي کان سواءِ ٻه ٻار ڪنهن جا آهن؟ رضا هارون ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڇوڪرين جا انٽرويو ڪندا هئا.انهن جي انهن حرڪتن جي ڪري انهن کي سزا به ملي هئي. انهن چيو ته وحيد الزمان جنهن ٽولي ۾ ويا آهن. اتي انهن کي گهڻو ڪجھھ ئي مليو هوندو  پر سواءِ عزت جي. انهن چيو ته اي پي ايم ايس او جي ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان آخري ساھ تائين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ آهيون ۽ پنهنجي وفاداري نڀائينداسين.
*****

4/26/2024 3:31:01 PM