Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مهاجر ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي اقوام متحده جي سامهون ايم ڪيو ايم جو مظاهرو


مهاجر ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي اقوام متحده جي سامهون ايم ڪيو ايم جو مظاهرو
 Posted on: 4/9/2016 1
مهاجر ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي اقوام متحده جي سامهون ايم ڪيو ايم جو مظاهرو
واشنگٽن: 9 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ آمريڪا نيويارڪ چيپٽر جي زير اهتمام ڪراچي ۾ جاري ڏوهارين ۽ دهشت گردن جي خلاف ٿيندڙ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ، ڪرمنلائيزيشن جي پاليسي جي تحت  ايم ڪيو ايم، ان جي قيادت ۽ مهاجر عوام جي خلاف ڪوڙي پروفينگنڊي، آفيسن تي ڇاپن، مهاجر ڪارڪنن تي ظلمن ۽ ماورائي عدالت قتلن سميت انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي هيڊ آفيس جي سامهون هڪ وڏو مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ سينيئر جوائنٽ سينٽرل آرگنائيزر عارف صديقي ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ پاڪستاني برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عارف صديقي خطاب ڪندي چيو ته ماضي وانگر ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ڪاروائي جي نالي تي هڪ ڀيرو ٻيهر مهاجر قوم جي خلاف آپريشن جاري آهي. اسٽيبلشمينٽ هر جائز ۽ ناجائز هٿڪنڊن جي ذريعي ايم ڪيو ايم ۽ ان جي قيادت کي ختم ڪرڻ جي پويان آهي ۽ مهاجرن جي واحد نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم سميت 5 ڪروڙ مهاجرن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. جنهن سان مهاجرن ۾ سخت مايوسي ۽ احساس محرومي ڦيلجي رهيو آهي. جيڪو ملڪ جي لاءِ ڪو سٺو سنوڻ نه آهي. انهن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو هڪ مخصوص ڌڙو پنهنجن ناجائز مقصدن ۽ قومي وسيلن تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ جي لاءِ موجوده سسٽم ۽ اسٽيٽس ڪو کي قائم رکڻ چاهي ٿو. انهي جي ڪري ايم ڪيو  ايم پهرين ئي ڏينهن کان اسٽيبلشمينٽ جي اک ۾ ڪنڊي وانگر کٽڪي ٿي. انهن چيو ته شروع ۾ ايم ڪيو ايم کي خريد ڪرڻ ۽ ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان ۾ ناڪامي کان پوءِ اهي ان جي وجود کي ئي ختم ڪرڻ جي ڪڍ پئجي ويا آهن. انهن چيو ته مهاجر قوم ۽ ان جي قيادت محب وطن پاڪستاني آهي. پر ظلم جي انتها جي به هڪ حد هوندي آهي ۽ ظلم جڏهن حد کان گذري ويندو آهي ته پوءِ الله سائين جي لٺ به حرڪت ۾ ايندي آهي ۽ پوءِ ظالمن جو سٿياناس ٿيندو آهي. ان موقعي تي اقوام متحده ۾ احتجاجي پٽيشن ۽ انساني حقن جي نمائندن کي ڪراچي ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ماورائي عدالت قتلن ۾ شهيد ٿيندڙ ڪارڪنن جون تفصيلات ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي حوالي سان دستاويز ۽ ويڊيو شاهديون به فراهم ڪيون ويون. 
*****

4/26/2024 2:52:43 PM