Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم دشمني ۾ انڌا ٿي ڪري پي پي ۽ ن ليگ جا اڳواڻ مهاجرن کي ووٽ جي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ چاهين ٿا. طاهر کوکر


ايم ڪيو ايم دشمني ۾ انڌا ٿي ڪري پي پي ۽ ن ليگ جا اڳواڻ مهاجرن کي ووٽ جي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ چاهين ٿا. طاهر کوکر
 Posted on: 4/8/2016 1
ايم ڪيو ايم دشمني ۾ انڌا ٿي ڪري پي پي ۽ ن ليگ جا اڳواڻ مهاجرن کي ووٽ جي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ چاهين ٿا. طاهر کوکر
آزاد ڪشمير سينٽرل پريس ڪلب مظفر آباد ۾ پريس ڪانفرنس
مظفر آباد: 8 اپريل 2016 
                 آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر آزاد ڪشمير مظفر آباد سينٽرل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مهاجرن جي لاءِ ووٽر رجسٽريشن ۾ صرف هڪ ڏينهن باقي آهي. جڏهن ته هن مهل تائين صرف 10 سيڪڙو ووٽرن جي رجسٽريشن ٿي سگهي آهي. انهن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا 90 سيڪڙو ووٽر قانوني مونجهارن جي ڪري پنهنجو ووٽ داخل نه ڪرائي سگهيا آهن. جڏهن ته ٻئي طرف ن ليگ پنجاب ۾ پنهنجن اسيمبلي ميمبرن ۽ مڪاني عهديدارن کي بوگس ڪاغذن تي وڌ کان وڌ ووٽ داخل ڪرائڻ جو ٽاسڪ ڏيئي ڇڏيو آهي ته جيئن ن ليگ جي لاءِ رستو صاف ٿي سگهي. جنهن جي اهي ڀرپور مذمت ڪن ٿا ۽ اهي اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪن ٿا ته اين او سي جي شرط نرم ڪرڻ کان علاوه ووٽر رجسٽريشن جي تاريخ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن جو اضافو ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ بلچستان ۾ رهندڙ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجو ووٽ داخل ڪرائي سگهن. انهن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جا 90 سيڪڙو ووٽر پنهنجي ووٽ وجهڻ کان محروم رهجي ويا ته پوءِ ان اليڪشن تي سواليه نشان اچي ويندو جيڪي ڪنهن جي لاءِ به قابل قبول نه هوندا. انهن چيو ته مهاجرن جي مرضي کان سواءِ ووٽ منتقل ڪيا پيا وڃن ۽ اين او سي جي شرط به مهاجرن جي لاءِ کل جوڳي ڳالھھ آهي ڇو ته هزارين روپيا خرچ ڪري ۽ پنهنجو روزگار ڇڏي ڪري اهي ڪهڙي طرح تصديق جي لاءِ ڏيڍھ هزار ڪلوميٽر پري کان پنهنجن اباڻڻ ڳوٺن ۾ اچن. پر ايم ڪيو ايم دشمني ۾ انڌا ٿي ڪري پي پي ۽ ن ليگ جا اڳواڻ مهاجرن کي ووٽ جي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ جي  پويان آهن.انهن چيو ته ان سڄي ڪاروائي جو مقصد صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کان مهاجرن جون ٻه سيٽون کسڻ آهي جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا . انهن چيو ته آزاد ڪشمير جا عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجي لاءِ ظالمن کان نجات ڏياريندڙ سمجهن ٿا ۽ اهي به ان سازش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. انهن اين او سي جي شرط جي خاتمي ۽ ووٽر رجسٽريشن جي لاءِ 10 ڏينهن جي توسيع جو مطالبو ڪندي چيو ته اهو ٻين سياسي جماعتن جو به مطالبو آهي ، ان جي ڪري ان تي غور ڪيو وڃي.
*****

4/26/2024 9:56:00 AM