Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پانامه ليڪس ۾ عمران خان جي طرفان شوڪت خانم جا فنڊَ آف شور ڪمپني ۾ لڳائڻ جي به تحقيقات ڪرائي وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


پانامه ليڪس ۾ عمران خان جي طرفان شوڪت خانم جا فنڊَ آف شور ڪمپني ۾ لڳائڻ جي به تحقيقات ڪرائي وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 4/5/2016 1
پانامه ليڪس ۾ عمران خان جي طرفان شوڪت خانم جا فنڊَ آف شور ڪمپني ۾ لڳائڻ جي به تحقيقات ڪرائي وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 5 اپريل 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي صدر پاڪستان ممنون حسين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته پانامه ليڪس جي حوالي سان پاڪستان ۾ ڪئي ويندڙ ڪنهن به تحقيقات ۾ تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي طرفان قائم ڪيل شوڪت خانم اسپتال جي فنڊن کي هڪ سمند پار ( آف شور ) ڪمپني ۾ لڳائڻ جي به تحقيقات ڪرائي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته آگسٽ 2012 جي تقريبن سمورن اخبارن ۾ اهي خبرون نمايان طور تي شايع ٿيون هيون ته عمران خان جي طرفان پنهنجي والده جي نالي تي قائم ڪيل اسپتال جا فنڊ سمنڊ پار ڪمپني ۾ منتقل ڪيا. انهن خبرن جي مطابق شوڪت خانم اسپتال لاهور جي سالانه آڊٽ رپورٽ برائي مالي سال 10 ،2009  ۾ به اها سنگين بي قائدگي سامهون آئي ته اسپتال ۾ مفت علاج جي نالي تي هر سال زڪوٰت، خيرات ۽ عوامي چندن جي مد ۾ گڏ ٿيندڙ فنڊَ سني بار انٽرنيشنل لميٽڊ نالي هڪ سمنڊ پار آف شور ڪمپني ۾ لڳايا ويا. جيڪا برطانيه جي ڪيترن ئي گمنام جزيرن تي قائم آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان اڳ تحريڪ انصاف جا باني ميمبر اڪبر ايس احمد به تحريڪ انصاف جي لاءِ ٻاهرين ملڪن کان گڏ ٿيندڙ ڪروڙين روپين جي غبن جي نشاندهي ڪري ان سنگين مالي بي قائدگي جا ثبوت عوام ، ميڊيا ۽ لاڳاپيل ادارن جي سامهون آڻي چڪا آهن، پر عمران خان جي ڪجھھ طاقتور سرپرستن جي ڪري انهن الزامن جي ڪا به تحقيقات نه ڪئي وئي. رابطا ڪميٽي چيو ته انصاف جي ان ٻٺي معيار پاڪستان کي ماضي ۾ به ناقابل تلافي نقصان پهچايو هو ۽ ان کليل منافقت جي ڪري اڄ به عوام ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي. ان جي ڪري ضرورت ان ڳالھھ جي آهي تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جي انهن سنگين مالي بدعنوانين ۽ لٽ مار جو نوٽس وٺي ڪري انهن جي خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪئي وڃي. 
*****

5/4/2024 5:55:31 PM