Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

2 اپريل کان اها ئي سازش ٿي رهي آهي ته اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ کي سواليه بڻايو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار


2 اپريل کان اها ئي سازش ٿي رهي آهي ته اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ کي سواليه بڻايو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 4/5/2016 1
2 اپريل کان اها ئي سازش ٿي رهي آهي ته اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ کي سواليه بڻايو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار
اهي ٻئي تڪَ ڪيترن ئي سالن کان ايم ڪيو ايم جا ڳڙھ رهيا آهن
وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اليڪشن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ جي لاءِ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪن
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 5 اپريل 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جا تڪ ڪيترن ئي سالن کان ايم ڪيو ايم جا ڳڙھ رهندا پيا اچن پر 2 اپريل کان اها سازش ٿي رهي آهي ته ڪنهن به طرح ان اليڪشن کي سواليه بڻايو وڃي ۽ انهي جي ڪري مخالفن جي طرفان سازشون ۽ فساد ڦيلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ته اهي ٻئي تڪ ڪيترن ئي سالن کان کٽندي پئي اچي ته پوءِ ايم ڪيو ايم کي شرپسندي ڪرڻ جي ڪهڙي گهرج آهي؟ انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اين اي 245 جا اميدوار محمد ڪمال ۽ پي ايس 115 جا اميدوار فيصل رفيق به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جا تڪ  30  سالن کان ايم ڪيو ايم جا ڳڙھ رهندا پيا اچن ۽ اهي ٻئي تڪ اسان جي ئي اميدوارن جا خالي ڪيل آهن.ڇو ته اسان جي اميدوارن انهن سيٽن تان استعيفائون ڏنيون آهن.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم سڀني کان وڌيڪ انهن تڪن ۾ ڪارنر ميٽنگن جو انعقاد ڪيو آهي ۽ لڳاتار ڪيترن ئي ڏينهن کان امڙيون، ڀينرون ۽ ڪارڪن انهن تڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.پر ان جي ابتڙ اسان جي مخالفن نه ته اتي ڪا ريلي ڪڍي آهي ۽ نه ئي ڪا ڪارنر ميٽنگ ڪئي آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جا مخالف به ذهني طور تي تسليم ڪري چڪا آهن ته اهي تڪ ايم ڪيو ايم جا آهن. انهن چيو ته 2 اپريل کان اڳ هتي صورتحال نارمل هئي ۽ ڪٿي به ڪا بدامني نه هئي. پر 2 اپريل کان پوءِ هتي پي ٽي آئي جي شرپسندن ۽ حقيقي جي دهشت گردن اسان جي ريلين ۽ آفيسن تي حملا ڪيا ته جيئن ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي کي مشڪوڪ بڻائي سگهجي. پر مخالفن جي شرپسندين جي باوجود به اسان جا ڪارڪن پرامن آهن. انهن چيو ته تشدد ۽ شرپسندي جي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسان کي تعليم ئي نه ڏني آهي. ان جي ڪري اسان جي ڪارڪنن ميرپورخاص ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ به ڪائي شرپسندي نه ڪئي حالانڪه اسان جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون اتي وڏيون گرفتاريون ٿيون آهن. انهن چيو ته ڪٿي ائين ته نه آهي جو عوام کي خوفزده ڪيو پيو وڃي ته جيئن عوام اليڪشن واري ڏينهن پنهنجن گهرن کان ئي نه نڪرن ۽ ٽرن آئوٽ تمام گهٽ ڏيکاريو وڃي ۽ اسان جا مخالف به پولنگ اسٽيشنن تي قبضا ڪري آرام سان ٽپا هڻڻ. انهن چيو ته 2 اپريل تي نارٿ ناظم آباد ۾ اسان جي ريلي تي حملو ٿيڻ کان اڳ انهي ڏينهن پي ٽي آئي جي ايم پي اي ٽوئيٽ ڪيو ۽ اسان کي شڪ ٿيو ته ڪجھھ ٿيڻ وارو آهي ۽ انهي شام جو  اسان جي ڪيمپ تي حملو ٿيو. انهن چيو ته اسان جو سوال اهو آهي ته منجهند جو اهو ٽوئيٽ ڪيئن ٿيو. انهن چيو ته 3 اپريل تي يوسي 9 لائينز ايريا ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس تي حملو ٿيو ۽ مخالفن گهرن ۾ گهري ڪري اسان جي امڙين ۽ ڀينرن کي مارڪٽ ڪئي ۽ ٻارن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي گار نه ڏيڻ تي انهن جا مٿا ڦاڙيا ويا. انهن چيو ته لائينز ايريا واقعي جي ايف آئي آر ۾ نامزد ماڻهن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته ٽن ڏينهن ۾ اسان جي 60 کان وڌيڪ ڪارڪنن، امڙين ۽ ڀينرن کي زخمي ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته هڪ سازشي منصوبي جي تحت خوف جي فضا قائم ڪئي پئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي ڊيڄاريو وڃي ته جيئن اهي گهرن کان نه نڪرن ۽ اسان جا مخالف پنهنجي مرضي سان پنهنجيون من مانيون ڪن. انهن چيو ته ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن وفاقي ،سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته اهي اليڪشن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ جي لاءِ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪن ۽ دهشت گردي جي جن واقعن ڏانهن اسان توجه ڇڪرائي آهي انهن ۾ ملوث دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اڻ ڌري تحقيقات ڪرائي وڃي. 
*****

5/4/2024 3:50:19 PM