Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

7اپريل جي ننڍي چونڊ ۾ انشاء الله تعالٰي حق پرست اميدوار وڏي تعداد ۾ ووٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


7اپريل جي ننڍي چونڊ ۾ انشاء الله تعالٰي حق پرست اميدوار وڏي تعداد ۾ ووٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/5/2016 1
7اپريل جي ننڍي چونڊ ۾ انشاء الله تعالٰي حق پرست اميدوار وڏي تعداد ۾ ووٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لائينز ايريا جي اليڪشن آفيس ۾ ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: 5 اپريل 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جا مخالف عوام ۽ ڪارڪنن تي ڀلي ڪيترو ئي ظلم ڪري وٺن، پر 7 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ انشاء الله تعالٰي حق پرست اميدوار ئي وڏي تعداد ۾ ووٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيندا. انهن خيالن جو اظهار انهن لائينز ايريا جي اليڪشن آفيس ۾ موجود ذميوارن، اسيمبلي ميمبرن سلمان مجاهد بلوچ، علي راشد، وقار علي شاھ ۽ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن کان ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي آهي ته ان وقت کان ئي وٺي لائينز ايريا جي عوام هر ڏکئي وقت ۾ ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏنو آهي ، گولين جي گونج، گرفتارين ۽ حقيقي جي دهشت گردن جي ظلمن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو آهي ۽ انهن ظالمن جي ظلمن جي اڳيان ڪڏهن به پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو آهي ۽ اڄ به ظلم ۽ زيادتين جي باوجود لائينز ايريا جون امڙيون، ڀينرون، بزرگ ،نوجوان ۽ ڪارڪن ننڍي چونڊ جي تيارين ۾ مصروف آهن جنهن تي مان انهن کي زبردست خراج تحسين ۽ شاباش پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين پوليس، انتظاميه ۽ سرڪاري ادارن جي اهلڪارن کي چيو ته اهي 7 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ کي پرامن بڻائڻ جي لاءِ ايمانداري سان ڪم ڪن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. انهن ايم ڪيو ايم نارٿ ناظم آباد ۽ لائينز ايريا جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي پرامن رهن ۽ ڪنهن به سازش ۾ نه اچن. جناب الطاف حسين لائينز ايريا ۾ دهشت گردن جي گرفتاري تي پوليس ۽ انتظاميه کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ فرمايو ته جيڪڏهن پوليس ۽ انتظاميه اهڙي طرح ئي ايمانداري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته ڪراچي کان هميشه هميشه جي لاءِ دهشت گردي ختم ٿي وڃي. 
*****

5/4/2024 3:59:50 PM