Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اين او سي جي شرط آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي سازش آهي. ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير


اين او سي جي شرط آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي سازش آهي. ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير
 Posted on: 4/4/2016 1
اين او سي جي شرط آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي سازش آهي. ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير
ڪراچي: 4 اپريل 2016 
                   آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر  طاهر کوکر ۽ حق پرست ميمبر اسيمبلي سليم بٽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير ۾ اين او سي جي شرط کي ختم ڪرڻ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي سازش آهي. انهن چيف جسٽس آزاد ڪشمير کان سوموٽو ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اهي ان شرط تي فوري طور تي نظر ثاني ڪرائين. انهن چيو ته پي پي ۽ ن ليگ  هزارين مهاجرن کي ووٽ جي حق کان محروم ڪري آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جو رستو روڪڻ چاهين ٿيون. انهن چيو ته آزاد ڪشمير جون وڏيون سياسي جماعتون ايم ڪيو ايم جي آزاد ڪشمير ۾  مقبوليت کان خوفزده آهن. انهن چيو  ته انهن آزاد ڪشمير جي آئين جي خلاف ورزي ڪندي آزاد ڪشمير ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٽيليفونڪ خطاب تي پابندي به عائد ڪئي ۽ هاڻي اليڪشن سڌارن جي نالي تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مقيم مهاجرن کي ان ڳالھھ جو پابند ڪيو پيو وڃي ته اهي ووٽ بينڪ جي اندراج کان اڳ پنهنجي آبائي علائقن مان لاڳاپيل رجسٽريشن آفيسر کان اين او سي وٺي اچن ته اهي پنهنجي آبائي علائقن ۾ ووٽ جو اندراج ڪرائڻ نه ٿا چاهين. مهاجرن جي لاءِ اها شرط کل جوڳي آهي. ڇو ته هزارين روپين جو خرچ ڪري ۽ پنهنجو روزگار ڇڏي ڪري اهي ڪهڙي طرح ڏيڍھ 

هزار ڪلوميٽر پري پنهنجن علائقن ۾ وڃي سگهن ٿا. پر ايم ڪيو ايم دشمني ۾ انڌا ٿي ڪري پي پي ۽ ن ليگ جا اڳواڻ مهاجرن کي ووٽ بينڪ جي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ چاهين ٿا.انهن چيو ته مهاجرن جو اهو ووٽ پاڪستان جي حڪومت به تسليم ڪيو آهي ۽ اهي قومي اليڪشن ۾ به ووٽ جو حق استعمال ڪري چڪا آهن.مڪاني اليڪشن ۾ به انهن ووٽ جو حق استعمال ڪيو هو.پر هاڻي انهن کي ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ جو مقصد صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کان مهاجرن جون ٻه سيٽون ڇڻڻ آهي.جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ اسان حڪومت جي انهن سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. انهن پي پي جي قيادت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندو چيو ته هزارين مهاجرن کي ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ کان پوءِ لطيف اڪبر جيڪي پاڻ آئيني ڪميٽي جا چيئرمين به هئا. هاڻي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنسون ڪري واڳون جا ڳوڙها وهائي رهيا آهن ۽ مهاجرن کي سبز باغ ڏيکاري رهيا آهن. پر مهاجر انهن جي چڪر ۾ اچڻ جي لاءِ تيار نه آهن.انهن چيو ته پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا ماڻهو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجي لاءِ ظالمن کان نجات ڏياريندڙ سمجهن ٿا.انهن چيو ته جيڪڏهن 9 اپريل تائين حڪومت ان صورتحال جو نوٽس نه ورتو ته ٻين سياسي جماعتن جي مشاورت سان گڏجي گڏيل لائحه عمل تيار ڪيو ويندو.انهن چيف جسٽس آزاد ڪشمير کان مطالبو ڪيو ته اهي مهاجرن کي ووٽ بينڪ جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
*****


5/4/2024 4:53:22 PM