Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس ۾ ڀڃي ڊاھ ڪري ان کي باھ ڏيئي ڇڏي


لائينز  ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس ۾ ڀڃي ڊاھ ڪري ان کي باھ ڏيئي ڇڏي
 Posted on: 4/4/2016 1
لائينز  ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس ۾ ڀڃي ڊاھ ڪري ان کي باھ ڏيئي ڇڏي
اها آفيس پي ايس 115 جي چونڊ مهم جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن آفيس به آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ان واقعي جو نوٽس وٺن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 4 اپريل 2016 
                   متحده  قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لائينز ايريا ۾ ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس تي حقيقي جي دهشت گردن جي حملي، ان ۾ ٽوڙ ڦوڙ ۽ آفيس کي باھ لڳائڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي کليل دهشت گردي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته درجنين هٿياربند دهشت گردن پريڊي ٿاڻي جي علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي يوسي نمبر 9 جيڪا پي ايس 115 جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي چونڊ آفيس به آهي. جديد هٿيارن سان حقيقي جي دهشت گردن ۽ ٻين ڏوهارين ان آفيس تي حملو ڪري ڏنو ۽ ڀڃ ڊاھ ڪري ان کي باھ ڏيئي ڇڏي. جنهن جي ڪري فرنيچر، لغڙ، ايم ڪيو ايم جا جهنڊا، بينرَ  ۽ اليڪشن جو ٻيو سامان به سڙي رک ٿي ويو ۽ دهشت گردن اتي فائرنگ به ڪئي. رابطا ڪميٽي چيو ته يوسي آفيس سان گڏ بريگيڊيئر ٿاڻو به آهي پر پوليس انهن دهشت گردن جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي. بلڪه ٿاڻي جي ايس ايڇ او اڪبر غوري ۽ ٻين پوليس اهلڪارن انهن دهشت گردن جي مدد ڪندي پاڻ اتي دڪانن کي بند ڪرائي ڇڏيو ته جيئن انهن دهشت گردن کي ڪوئي به سڃاڻي نه سگهي. رابطا ڪميٽي ان واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان حقيقي جا دهشت گرد ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن. پر علائقي جي پوليس انهن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪالهوڪي جلسي ۾ به حقيقي جي دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي هڪ همدرد بزرگ 60 سالن جي محمد اسلم کي سخت مارڪٽ ڪئي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ريلي تي به حملو ڪيو ويو ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي به پڪڙي پڪڙي ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪري رهي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گردي جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي ڪاوڙ اچي وڃي ۽ صورتحال خراب ٿئي. رابطا ڪميٽي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي ڪنهن به قسم جي تاءُ ۾ نه اچن ۽ پرامن رهي ڪري پنهنجي چونڊ مهم کي جاري رکن. رابطا ڪميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته اهي ان واقعي جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرايو وڃي ۽ چونڊ مهم جي پرامن انعقاد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان علائقي ۾ جانبداري جو مظاهرو ڪندڙ پوليس اهلڪارن جي خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****

5/4/2024 10:50:08 PM