Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني چونڊ کي ٿئي پنج مهينا گذري چڪا آهن پر هن مهل تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


مڪاني چونڊ کي ٿئي پنج مهينا گذري چڪا آهن پر هن مهل تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/2/2016 1
مڪاني چونڊ کي ٿئي پنج مهينا گذري چڪا آهن پر هن مهل تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
اسٽيبلشمينٽ عوام کي انهن جا حق ڏيئي ۽ ملڪ کي سٺي نموني سان هلائڻ جي لاءِ 20 صوبا بڻايا وڃن ۽ اسان کي به اسان جو صوبو ڏنو وڃي
قومي اسيمبلي جي تڪ 245 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ 115 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ لائينز ايريا ۽ حيدري مارڪيٽ  نارٿ ناظم آباد ۾ ٿيندڙ اجتماعن کي خطاب
لنڊن: 3 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مڪاني چونڊ کي ٿئي پنج مهينا گذري چڪا آهن پر هن مهل تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي ۽ نه ئي عوام جي چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار ڏنا ويا آهن. ان ناانصافي واري رويي جي ڪري اردو ڳالهائڻ وارن ۾ موجود احساس محرومي ۾ وڏي تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. انهن فرمايو ته اختياري ڌرين کي ان ڳالھھ کي سمجهڻ گهرجي ۽ عالمي برادري جي نمائندن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي به سوچڻ گهرجي ته انهن ناانصافين ۽ لڳاتار زيادتين جي ڪري ڇا مهاجرن ۾ احساس محرومي پيدا نه ٿيندو؟ انهن خيالن جو اظهار انهن قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر 245 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 115 جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ لائينز ايريا ۽ حيدري مارڪيٽ نارٿ ناظم آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اجتماعن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو.جن ۾ عوام هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. شرڪاء جي تعداد جي لحاظ کان اهي ڪارنر ميٽنگون عوامي جلسن جو منظر پيش ڪري رهيون هيون. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ڏينهن اسٽيبلشمينٽ جي بڻايل ٽولي جي اشتعال انگيزين ۽ پرتشدد ڪاروائين جي خلاف پرامن عوام احتجاج ڪيو ته پوليس شرپسند عناصر جي بجاءِ ميرپورخاص ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيسن تي ڇاپا هنيا ۽ زونل ڪميٽي جي ميمبرن ۽ پرامن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. انهن ڇاپن ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي فرمايو ته مان ان سلسلي ۾ ٻه ڀيرا وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ سان ڳالھھ ڪرڻ جي لاءِ سي ايم هائوس ۾ فون ڪيو پر منهنجو انهن سان رابطو نه ٿي سگهيو. مان قائم علي شاھ صاحب جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جو انهن مون کي ڪال ڪرڻ جي به زحمت نه ڪئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي ۾ پرتشدد ڪاروائيون ۽ اشتعال انگيزيون ڪرڻ وارن جي بجاءِ غريب ڪارڪنن کي ئي گرفتار ڪيو وڃي؟ اهو عمل اسٽيبلشمينٽ ، حڪومت ۽ پوليس جي طرفان سراسر ظلم آهي. اختياري ڌرين کي حضرت علي عليه السلام جو اهو قول مبارڪ ياد رکڻ گهرجي ته ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت قائم رهي نه ٿي سگهي. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين کان پوءِ  ايم ڪيو ايم جي زونل آفيسن جا انتظام سنڀالڻ تي ميرپورخاص ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام جي عورتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف تمام تر سازشن ۽ منفي پروفيگنڊن جي باوجود اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جا عوام به ميرپورخاص ، حيدرآباد، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام جي عوام وانگر ڄميل آهن. جنهن تي مان انهن کي شاباش پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي ۾ بڻايل ٽولي ۽ ٻين جماعتن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف غلط زبان استعمال ڪئي پئي وڃي. جنهن کي ٽي وي چينلن تي ايڊيٽ ڪرڻ کان سواءِ ئي نشر ڪيو پيو وڃي. جيڪو صحافتي اصولن ۽ آداب جي بلڪل خلاف آهي. انهن فرمايو ته اسٽيبلشمينٽ ضمير فروش عناصر کي خريد ڪري ڀلي هڪ لک جماعتون بڻائي وٺي اسان کي ان تي ڪوئي به اعتراض نه آهي. پر اسٽيبلشمينٽ کي گهرجي ته اها انهن ضمير فروشن کي ڳالهائڻ جو ادب ۽ تهذيب به سيکاري. انهن فرمايو ته اسٽيبلشمينٽ جي بڻايل ٽولي ۾ شامل ماڻهن پنهنجين وزارتن جي دوران چورين ۽ ڪرپشن جي ذريعي ڪمايل دولت سان دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ جائيدادون بڻايون آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪالھھ تائين جيڪي ماڻهو ٻن ڪمرن جي مسواڙ جي فليٽ ۾ رهندا هئا  اڄ اهي ڪروڙن ۾ کيڏي رهيا آهن. ڪروڙن جي گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا ۽ ڪروڙن جي بنگلن ۾ رهن ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ان کان اڳ به آرمي چيف جنرل راحيل شريف ، ڊي جي رينجر بلال اڪبر ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي نويد مختيار کي مخاطب ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن انهن کي ايم ڪيو ايم ۾ ڪوئي اهڙو ماڻهو نظر اچي ٿو جيڪو قانون کي گهربل هجي ته اهي اسان کي ٻڌائين. اسان پاڻ ان کي پيش ڪنداسين. پر اسان سان اهو واعدو ڪيو وڃي ته انصاف جا تقاضا پورا ڪندي تفتيش ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي به ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو نه بڻايو ويندو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ته پاڻ ملڪ کان دهشت گردي ۽ ڏوهن جو خاتمو چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي نمائنده جماعت آهي. جيڪا ملڪ کان ڪرپشن، رشوت، چوري ۽ لٽ مار جو خاتمو چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ اعلٰي معيار جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي مرضي سان گڏيل تعليمي ادارن يا الڳ الڳ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي چاهي ٿي. سڄي ملڪ ۾ اسپتالن، ميٽرنٽي هومز، ننڍن ننڍن ڪارخانن ۽ ڪاٽيج انڊسٽرين جو ڄار وڇائڻ چاهي ٿي ته جيئن ماڻهن کي عزت وارو روزگار ملي سگهي ۽ ملڪ ۾ ڪوئي به بيرزوگار نه رهي ۽ سڀني کي تعليم ملي سگهي. ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ مردن جي برابر حق ملن، نوڪرين ۾ عورتن کي 50 سيڪڙو حصو ملي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اهڙو معاشرو قائم ڪرڻ چاهي ٿي. جتي عورتن کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي. عورتون اسڪول، ڪاليج يا نوڪري جي لاءِ  پنهنجن گهرن کان نڪرن ته انهن کي اشارا ڪرڻ وارو ڪوئي به نه هجي ۽ جيڪڏهن ڪوئي انهن کي اشارا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته انهن جي خلاف فوري طور تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ عورتن سان ٻئي درجي جي شهري جهڙو سلوڪ به نه ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ وسندڙ هندن، عيسائين، سکن، پارسين، بوهرين ۽ احمدين کي به پاڪستان جو برابر جو شهري سمجهي ٿي ۽ چاهي ٿي ته غير مسلم پاڪستانين جي حقن جو به احترام ڪيو وڃي. انهن سان منصفانه سلوڪ ڪيو وڃي ۽ عدالتون سڀني سان انصاف ڪن. ايم ڪيو ايم آزاد عدالت ۽ ايماندار ججن جي حامي آهي ته جيئن عوام کي فوري طور تي سستو انصاف ملي سگهي. انهن فرمايو ته مڪاني اليڪشن کي ٿئي پنج مهينا ٿي چڪا آهن. پر هن مهل  تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي ۽ نه ئي انهن کي اختيار ڏنا ويا آهن. ان ناانصافي واري رويي جي ڪري اردو ڳالهائڻ وارن جي احساس محرومي ۾ وڏي تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. انهن فرمايو ته عالمي برادري جي نمائندن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي به سوچڻ گهرجي ته انهن ناانصافين ۽ لڳاتار زيادتين جي ڪري ڇا مهاجرن ۾ احساس محرومي پيدا نه ٿيندو؟ انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجن نمائندن کي موڪلين ۽ ڏسن ته مهاجرن تي ڪهڙو ظلم ٿي رهيو آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام مان گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف قائم ڪيل ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن. انهن فرمايو ته اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ امڙين، ڀينرن بزرگن ۽ نوجوانن جنهن جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو هو ان جي ڪائي به مثال نه ٿي ملي. 90 ، 90 سالن جي بزرگ امڙين وهيل چيئر تي اچي ڪري ووٽ وڌا هئا  ۽ انهي جذبي جي اڄ به ضرورت آهي. 7 اپريل تي عوام ۽ ڪارڪن اهو سوچي ڪري نه ويهي رهن ته اسان کٽي وينداسين بلڪه صبح جو ئي گهرن کان نڪرن ۽ پنهنجو ووٽ وجهن.ان جي لاءِ انهن کي ڀلي پنهنجي نوڪري تان موڪل ئي ڇو نه وٺڻي پوي. انهن فرمايو ته جڏهن ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ ٿي ويندي ۽ اهي حلف کڻي وٺندا ته عوام پاڻ ڏسندا ته ايم ڪيو ايم جو ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمين ڪيئن جان لڳائي ڪري ڪم ڪن ٿا.سيوريج، صفائي سٿرائي ۽ ٽرانسپورٽ جي سسٽم کي ڪيئن صحيح ڪن ٿا ۽ ٻين مسئلن کي به ڪيئن حل ڪن ٿا. انهن فرمايو ته اسٽيبلشمينٽ کي گهرجي ته اها عوام کي انهن جا جائز حق ڏيئي. ملڪ کي بهتر انداز ۾ هلائڻ جي لاءِ 20 صوبا بڻايا وڃن ۽ اسان کي به اسان جو صوبو ڏنو وڃي. انهن ايم ڪيو ايم جي خلاف عمران خان جي چڙ ڏياريندڙ بيان تي تبصرو ڪندي فرمايو ته غنڊا ايم ڪيو ايم ۾ نه بلڪه  پي ٽي آئي ۾ آهن. عمران خان کي گهرجي ته اهي سياست کي ڪرڪيٽ نه سمجهن ۽ سياست کي سياسي ۽ جمهوري طريقي سان ڪن. انهن فرمايو ته ڪجھھ ڏينهن اڳ عمران خان انڊيا جي دوري تي ويا ته ڪنهن به اهو نه چيو ته اهي را سان ملڻ ويا آهن،پر جڏهن مان انڊيا ۾ عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ويس ته مون تي طرح طرح جا الزام لڳايا ويا. انهن فرمايو ته ان انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ مون سان برطانيه جا سابق وزير اعظم جان ميجر، آمريڪا جا سابق وزير خارجه هينري ڪسنجر، سريلنڪا جا صدر بندرائيڪي ۽ ٻيا اڳواڻ به هڪ ميز تي ويٺا هئا. جڏهن ته عمران خان پري الڳ ويٺا هئا. عمران خان انهي ڏينهن کان وٺي ايم ڪيو ايم کان سڙي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ۾ صرف مهاجر ئي نه بلڪه هاڻي پختون، پنجابي، سنڌي، سرائيڪي، ڪشميري، هزاري وال ۽ سموريون زبانون ڳالهائڻ وارا ماڻهو شامل آهن.انهن عوام کي چيو ته اهي ايم ڪيو ايم تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي انساني حقن جي تنظيمن کي خط به لکن.
*****

5/4/2024 6:03:25 PM