Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي پوليس جو ڇاپو، ايم ڪيو ايم جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن محمد عثمان، شاهد عباسي ۽ زونل انچارج مجيب الحق جي ٻن پٽن ۽ ڀاءُ سميت ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. نديم نصرت


ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي پوليس جو ڇاپو، ايم ڪيو ايم جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن محمد عثمان، شاهد عباسي ۽ زونل انچارج مجيب الحق جي ٻن پٽن ۽ ڀاءُ سميت ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. نديم نصرت
 Posted on: 4/1/2016 1
ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي پوليس جو ڇاپو، ايم ڪيو ايم جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن محمد عثمان، شاهد عباسي ۽ زونل انچارج مجيب الحق جي ٻن پٽن ۽ ڀاءُ سميت ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. نديم نصرت
لنڊن: پهرين اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت ايم ڪيو ايم ميرپورخاص جي زون آفيس تي پوليس جي ڇاپي، زونل ڪميٽي جي ميمبرن، زونل انچارج مجيب الحق جي ٻن پٽن ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته ميرپورخاص ۾ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن پنهنجيون وفاداريون تبديل ڪرڻ ۽ ضمير فروشن جي هٿان وڪامجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اسٽيبلشمينٽ هاڻي انهن ڪريل حرڪتن تي لهي آئي آهي. جمعي جي رات پوليس جي وڏي نفري ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي ڇاپو هنيو ۽ اتي موجود زونل ڪميٽي جي ميمبر شاهد عباسي ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇاپن جي دوران پوليس اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ميمبر سنڌ اسيمبلي ڊاڪٽر ظفر ڪمالي سان به بدتميزي ڪئي. ان کان اڳ زونل ڪميٽي جي ميمبر محمد عثمان جيڪي زونل آفيس جي ويجهو مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ ويا ويا هئا ته انهن کي به ساده لباس ۾ ملبوس 

اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو.اهڙي طرح ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن سيٽلائٽ ٽائون ۾ايم ڪيو ايم جي زونل انچارج مجيب الحق جي گهر تي ڇاپو هنيو، مجيب الحق گهر تي موجود نه هئا ته سرڪاري اهلڪارن انهن جي ٻن پٽن 14 سالن جي منيب الحق ۽ 13 سالن جي حسيب الحق کي گرفتار ڪري ورتو. مجيب الحق جو ڀاءُ ڪاشف مستقيم انهن کي ڇڏرائڻ جي لاءِ سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي ويا ته پوليس انهن کي به گرفتار ڪري ورتو.ان کان علاوه اڃان به ميرپورخاص ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن. نديم نصرت چيو ته ڇاپن ۽ گرفتارين مان صاف ظاهر آهي ته ان ضمير فروش ٽولي کي اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل سرپرستي حاصل آهي. ان ٽولي جي خوشنودي جي لاءِ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين کان پوءِ هاڻي ميرپورخاص ۾ به ايم ڪيو ايم جي عهديدارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ان ظلم مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ضمير فروش ٽولي کي عوام جي مٿان مسلط ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح رياستي طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ پنهنجين ڪوششن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي. نديم نصرت مطالبو ڪيو ته گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ گرفتار ڪيل عهديدارن ، ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي آزاد ڪيو  وڃي.
*****

5/4/2024 9:07:27 PM