Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام کان وٺي ئي اختياري ڌرين جي اکين ۾ کٽڪي ٿي. شميم صديقي


ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام کان وٺي ئي اختياري ڌرين جي اکين ۾ کٽڪي ٿي. شميم صديقي
 Posted on: 4/1/2016 1
ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام کان وٺي ئي اختياري ڌرين جي اکين ۾ کٽڪي ٿي. شميم صديقي
واشنگٽن: پهرين اپريل 2016 
                   متحده قومي موومينٽ شڪاگو چيپٽر جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جو 32 هون يوم تاسيس وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان تقريب ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي جوائنٽ سينٽرل آرگنائيزر شميم صديقي، ميمبرن جنيد فهمي، عدنان صديقي ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن ۽ پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شميم صديقي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جنهن ڏينهن کان وٺي ايم ڪيو  ايم وجود ۾ آئي آهي ته ان ڏينهن کان وٺي ئي ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جو سلسلو جاري آهي. انهن چيو ته ان مقصد جي لاءِ هر هٿڪنڊو استعمال ڪري ڏسي ورتو ويو آهي پر مظلوم قوم کي انهن جي قائد جناب الطاف حسين کان الڳ ڪري نه سگهيو ويو ۽ هر ڀيري انهن سازشي عناصر کي بري طرح سان شسڪت جو سامنو ڪرڻو پيو آهي. ان موقعي تي جنيد فهمي ۽ سابق حق پرست  ميمبر سنڌ اسيمبلي وڪيل احمد جمالي به خطاب ڪيو. ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس  جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان تجديد عهد وفا به ڪيو ويو. 
*****

5/4/2024 9:33:22 PM