Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ضمير فروشن جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف لڳاتار نامناسب زبان جو استعمال قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ضمير فروشن جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف لڳاتار نامناسب زبان جو استعمال قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 4/1/2016 1
ضمير فروشن جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف لڳاتار نامناسب زبان جو استعمال قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: پهرين اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ضمير فروشن جي نام نهاد ٽولي جي اڳواڻ جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف لڳاتار نامناسب زبان استعمال ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ان لڳاتار ڪئي ويندڙ بيهودگي ۽ اشتعال انگيزي جو نوٽس ورتو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل چئن هفتن کان بدعنواني، لٽ مار، چائينا ڪٽنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث سماج دشمن عناصر کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت عوام تي مسلط ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف نامناسب زبان به استعمال ڪرائي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته هر سياسي ٽولي کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو جمهوري حق حاصل آهي پر بيهوده ۽ اشتعال انگيز زبان جو استعمال جمهوريت جي ڪنهن به ضابطي ، اخلاق ۽ آئين جي مطابق نه آهي بلڪه اهو سراسر شر انگيزي جي زمري ۾ اچي ٿو. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم ان تمام تر بيهودگي ۽ اشتعال انگيزي جي جواب ۾ مثالي صبر و تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڪارڪنن ۽ عوام کي به صبر ۽ تحمل جو درس ڏنو آهي ۽ ايم ڪيو ايم هاڻي به هر قيمت تي پرامن رهڻ ۽ تحمل جو درس ڏيئي رهي آهي پر انهن ضمير فروشن جي طرفان لڳاتار قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف لڳاتار اشتعال انگيز ۽ بيهوده زبان استعمال ڪئي پئي وڃي. جنهن سان انهن جي چاهڻ وارن ڪروڙين ماڻهن ۾ سخت تاءُ پاتو وڃي ٿو. رابطا ڪميٽي حڪومت کي خبردار ڪيو ته اها ان اشتعال انگيزي کي روڪرائي ۽ نامناسب ۽ بيهوده زبان استعمال ڪرڻ وارن جي خلاف شر انگيزي ڦيلائڻ جو مقدمو درج ڪري ۽ انهن جي خلاف ايڪشن به وٺي ڇو ته جيڪڏهن ان لڳاتار اشتعال انگيزي ۽ يبهودگي جي ڪري عوام جي طرفان ڪنهن به قسم جو احتجاج ڪيو ويو ته ان جي ذميواري انهن ضمير فروشن ۽ حڪومت تي عائد ٿيندي.
*****

5/4/2024 6:57:11 PM