Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي يوم تاسيس جي اجتماع ۾ پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا قائم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي


ايم ڪيو ايم جي يوم تاسيس جي اجتماع ۾ پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا قائم ڪرڻ جي قرارداد  منظور ڪئي وئي
 Posted on: 3/28/2016
ايم ڪيو ايم جي يوم تاسيس جي اجتماع ۾ پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا قائم ڪرڻ جي قرارداد  منظور ڪئي وئي
قرارداد رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت پيش ڪئي. جڏهن ته حاضرين پنهنجا هٿ  مٿي کڻي ڪري قرارداد جي ڀرپور حمايت ڪئي
لنڊن: 28 مارچ 2016 
                 ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي اجتماع ۾ رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبن جي قيام جي قرارداد پيش ڪئي. اجتماع ۾ موجود حاضرين پنهنجا هٿ مٿي کڻي ڪري ان قرارداد جي ڀرپور حمايت ڪئي. نديم نصرت چيو ته حديث نبوي پاڪ صلي الله عليه وسلم آهي ته جڏهن آبادي وڌڻ لڳي ته نوان نوان شهر آباد ڪريو. پاڪستان جي آبادي به هن وقت 20 ڪروڙن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. ان جي ڪري ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. انهن چيو ته ڪراچي ايترو وڏو شهر آهي جو ان کي پاڻ ئي هڪ انتظامي يونٽ هجڻ گهرجي. انهن ته اسان صرف ڪراچي کي ئي انتظامي بنيادن تي يونٽ يا صوبو بڻائڻ جي ڳالھھ نه ٿا ڪريون. بلڪه سڄي ملڪ ۾ عوام صوبن جي قيام جو مطالبو ڪري رهيا آهن. هزاري وال، بهاولپور، پوٺهار ۽ ٻين علائقن جا عوام به صوبن جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ان جي ڪري اختياري ڌرين کي انهن مطالبن تي توجه ڏيڻ گهرجي.انهن چيو  ته اسان اهو به نه ٿا چئون ته ڪراچي جي ماڻهن کي پنجاب يا ڪي پي ڪي جي پوليس ۽ انتظاميه ۾ ڀرتي ڪيو وڃي. اسان جو چوڻ صرف اهو آهي ته ڪراچي جي پوليس ۾ ڪراچي جي ماڻهن کي ئي ڀرتي ڪيو وڃي ۽ ڪراچي کي مانسٽرانزٽ جي به سخت ضرورت آهي. 
*****

4/27/2024 7:42:47 AM