Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان پاڪستان جا وفادار هئاسين ۽ وفادار آهيون. ڪنوينر نديم نصرت


اسان پاڪستان جا وفادار هئاسين ۽ وفادار آهيون. ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 3/28/2016
اسان پاڪستان جا وفادار هئاسين ۽ وفادار آهيون. ڪنوينر نديم نصرت
ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي دل سان تسليم ڪيو وڃي.نديم نصرت
ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام لنڊن ۾منعقد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي خطاب
لنڊن: 28 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته اسان پاڪستان جا وفادار هئاسين ۽ وفادار آهيون. اسٽيبلشمينٽ کي ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ معاملن جي حل جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ڪرڻ گهرجي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ئي ڪروڙين ماڻهن جا قائد آهن ۽ هٿ ٺوڪيل ماڻهن کي سامهون آڻڻ ڪروڙين ماڻهن جي مينڊيٽ سان سراسر زيادتي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام لنڊن جي علائقي ايجويئر جي مقامي هال م منعقد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. نديم نصرت چيو ته ايم ڪيو ايم جا دشمن تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي بي بنياد پروفيگنڊا ڪري رهيا آهن. ڪجھھ ڏينهن اڳ ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيماري جون افواهون ڦيلايون ويون پر 18 مارچ تي يوم تاسيس جي موقعي تي عوام پاڻ ڏٺو ته الحمد لله قائد تحريڪ 

جناب الطاف حسين صحت مند ۽ ايڪٽو آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف 2013 کان ئي آپريشن جاري آهي. ان دوران ٻه ڀيرا نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ويو. پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. اهڙي طرح  هن مڪاني اليڪشن ۾ به ڪراچي، حيدرآباد،ميرپورخاص ۽ سکر ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته ڪراچي ۾ ميئر جي عهدي جي لاءِ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي جا نامزد اميدوار به ايم ڪيو ايم جي گمنام ڪارڪنن جي هٿان بري طرح شڪست کائي ويا . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ جي بجاءِ ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن چيو  ته هڪ طرف ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي عائد آهي ۽ ٻئي طرف انهن ماڻهن کي ليڊر بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري سرپرستي ۾ سامهون آندو پيو وڃي. جن جي باري ۾ پاڻ اسٽيبلشمينٽ جا ادارا انهن کي چائينا ڪٽنگ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث ٻڌائيندا هئا ۽ جن کي عوام به رڌ ڪري ڇڏيو هو. انهن چيو ته اسٽيبلشمينٽ اسان جي وجود کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ ئي تيار نه آهي. جنهن طبقي جنرل ايوب خان جي زماني ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ ۽ مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي غدار ۽ را جو ايجنٽ قرار ڏنو ۽ مهاجر آبادين تي حملا ڪرايا ۽ انهن ئي عناصر جي طرفان اسان تي ملڪ دشمني ۽ را جو ايجنٽ هجڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن. انهن چيو ته پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ اڳواڻ ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جي لاءِ انڊيا وڃي ٿو ۽ ڪامينٽري جي نالي تي چار ڪروڙ روپيا ڪمائي ٿو. پر انهن کان ڪوئي به پچڻ وارو نه آهي، هڪ پاڪستاني پنهنجي شهريت ڇڏي ڪري ڀارتي شهريت اختيار ڪري ٿو پر ان تي به ڪوئي سوال نه ٿو اٿاري، اهو ان جي ڪري جو انهن جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ اهي هن زمين جا پٽ آهن. پر جڏهن ته اسان تي ملڪ دشمني جو الزام لڳايو وڃي ٿو.انهن چيو ته جيڪڏهن اسان را جا ايجنٽ هجون ها ته 

ڀارت کان هجرت ڪري پاڪستان ڇو اچون ها ۽ پاڪستان جي قيام جي لاءِ لکين جانيون نه ڏيون ها. انهن چيو ته مسئلن کي طاقت جي زور تي حل ڪري نه ٿو سگهجي. اسٽيبلشمينٽ کي ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ معاملن جي حل جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ڪرڻ گهرجي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ئي ڪروڙين عوام جا قائد آهن ۽ هٿ ٺوڪيل ماڻهن کي سامهون آڻي ڪري ڪروڙين عوام جي مينڊيٽ سان سراسر زيادتي ڪرڻ جي برابر آهي. انهن چيو ته ڀلي ڪهڙا ئي الزام لڳايا وڃن پر مهاجرن ۽ سمورن مظلومن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجو قائد مڃي ورتو آهي ۽ ڪوئي به پروفيگنڊو اسان کي الطاف حسين ڀاءُ کان الڳ ڪري نه ٿو سگهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محمد انور خطاب ڪندي چيو ته مهاجرن کي ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو چيلنج درپيش آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر طاقت جي زور تي مهاجرن کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ انهي مقصد جي لاءِ مهاجرن تي رياستي ظلم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ برطانيه جي آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ڪري مهاجرن سان زيادتيون ۽ انهن جا حق ڇنيا پيا وڃن. شروع کان ئي مهاجرن جو قتل عام ۽ مهاجر آبادين تي حملا ڪري اندرون سنڌ کان مهاجرن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. اجتماع کي رابطا ڪميٽي ميمبر مصطفٰي عزيز آبادي، واسع جليل ۽ ٻين به خطاب ڪيو. اجتماع جي آخر ۾ يوم تاسيس جو ڪيڪ به ڪٽيو ويو. ڪيڪ ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي بيوه شمائله عمران ڪٽيو.
*****

4/27/2024 9:47:25 AM