Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان امن پسند آهيون ۽ سمورا مسئلا ڳالھھ ٻولھھ ۽ ڊائيلاگ جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


اسان امن پسند آهيون ۽ سمورا مسئلا ڳالھھ ٻولھھ ۽ ڊائيلاگ جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/28/2016
اسان امن پسند آهيون ۽ سمورا مسئلا ڳالھھ ٻولھھ ۽ ڊائيلاگ جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
اسان ڪنهن به قيمت تي پنهنجن حقن کان دستبردار نه ٿينداسين
لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب
لنڊن: 28 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان امن پسند آهيون ۽ سمورا مسئلا ڳالھھ ٻولھھ ۽ ڊائيلاگ جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا. پر اسان ڪنهن به قيمت تي پنهنجن جائز حقن کان دستبردار  نه ٿينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام ايجويئر  جي مقامي هال ۾ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ ملڪ تي ان طبقي قبضو ڪري ورتو جيڪو ننڍي کنڊ جي آزادي جي جدوجهد جي دوران انگريزن جو وفادار هو ۽ آزادي پسندن جي خلاف سرگرم هو. انهي جي بدلي ۾ ئي انهن  کي انگريزن جي طرفان وڏيون وڏيون جاگيرون عطا ڪيون ويون هيون. انهن فرمايو ته مهاجرن پاڪستان جي قيام جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون پر انهن سان ٽئين درجي جي شهري جهڙو سلوڪ ڪيو ويو. انهن جو قتل عام ڪيو ويو. جڏهن اسان 11 جون 1978 تي اي پي ايم ايس او  جي پليٽ فارم تان پنهنجن حقن جي حصول جي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ اسان جي خلاف سازشون شروع ڪري ڇڏيون. 18 مارچ 1984 تي اسان پنهنجي جدوجهد جو دائرو وڌائيندي مهاجر قومي موومينٽ قائم ڪئي ته اسان جي خلاف ظلمن ۽ سازشن جو دائرو به وڌي ويو. پاڪستان ۾ مون تي ڪيترائي قاتلانه حملا ڪيا ويا. تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو. جنهن جي دوران اسان جي هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. اسان جي ڪارڪنن تي پاڪستان جي زمين تنگ ڪئي وئي. جنهن جي ڪري هزارين ڪارڪنن کي پنهنجو وطن ڇڏي ڪري آمريڪا، برطانيه، ڪينيڊا، جرمني، آسٽريليا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۽ خليجي ملڪن ۾ پناھ وٺڻي پئي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف اڄ به آپريشن جاري آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو ماروائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي. روزانو انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. عوام با ر بار ايم ڪيو ايم جي حق ۾ مينڊيٽ ڏيئي رهيا آهن. پر ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم ئي نه ٿو ڪيو وڃي. اسان هن مڪاني اليڪشن ۾ به تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي. پر پنج مهينا گذرڻ جي باوجود هن مهل تائين ميئر ، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جا اليڪشن نه ڪرايا ويا آهن. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ آباد مهاجرن جي تعداد پنجن ڪروڙن کان وڌيڪ آهي. پر انهن سان اڄ به ٽئين درجي جي شهري ۽ هيٺين ذات جي شهرين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. انهن کي انهن جا حق ڏيڻ جي بجاءِ انهن تي ظلم ڪيا پيا وڃن. انهن برطانيه، آمريڪا، ڪينيڊا، جرمني، بيلجيئم، آسٽريليا ۽ ٻين جمهوري ملڪن ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، نوجوانن ۽ شاگردن تي زور ڏنو ته اهي قوم جي بقا جي ان جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچن. پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن سان ملاقات ڪن ۽ انهن کي مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن کان آگاھ ڪن. انهن ظلمن جي خلاف اقوام متحده ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي هيڊ آفيسن جي سامهون به احتجاجي مظاهرا ڪن ۽ انهن کي انساني حقن جي خلاف ورزين جي واقعن کان آگاھ ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته نائن اليون ،7/7  ،فرانس ۽ بيلجيئم ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جي واقعن کان پوءِ يورپي ملڪن ۾ آباد مسلمانن کي شڪ جي نگاھ سان ڏٺو پيو وڃي . ان جي ڪري اسان کي ان صورتحال کي سامهون رکندي دهشت گردي جي خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. انهن نوجوانن کي خصوصي طور تي مخاطب ٿيندي فرمايو ته قوم جو مستقبل اوهان جي هٿن ۾ آهي. ان جي ڪري اوهان تعليم جي حصول سان گڏو گڏ قوم جي حقن جي حصول ۽ عزت واري زندگي جي لاءِ به اڳتي اچو. انهن سمورن ڪارڪنن کي ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪندي برطانيه يونٽ کي اجتماع جي انعقاد تي خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ فرمايو ته اهو اجتماع تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ ۾مددگار ثابت ٿيندو. 
*****

4/28/2024 4:18:16 AM