Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لاهور جي علائقي گلشن اقبال پارڪ ۾ بم ڌماڪو دهشت گردي ۽ ظلم جو هڪ وڏو واقعو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


لاهور جي علائقي گلشن اقبال پارڪ ۾ بم ڌماڪو دهشت گردي ۽ ظلم جو هڪ وڏو واقعو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/27/2016
لاهور جي علائقي گلشن اقبال پارڪ ۾ بم ڌماڪو دهشت گردي ۽ ظلم جو هڪ وڏو واقعو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 27 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور جي علائقي گلشن اقبال پارڪ ۾ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان دهشت گردي جي واقعي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو دهشت گردي ۽ ظلم جو هڪ انتهائي وڏو واقعو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ۽ منهنجا سمورا ڪارڪن ان واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن بم ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي  جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****

4/27/2024 3:03:58 PM