Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پريس ڪلب تي جاگ ٽي وي جي ڊي ايس اين جي ۽ اسٽاف تي حملو آزادي صحافت تي حملو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


پريس ڪلب تي جاگ ٽي وي جي ڊي ايس اين جي ۽ اسٽاف تي حملو آزادي صحافت تي حملو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 3/27/2016
پريس ڪلب تي جاگ ٽي وي جي ڊي ايس اين جي ۽ اسٽاف تي حملو آزادي صحافت تي حملو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 27 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي پريس جي ٻاهران جاگ ٽي وي جي ڊي ايس اين جي ۽ اسٽاف تي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي کي آزادي صحافت تي حملو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جاگ ٽي وي جو اسٽاف  پريس ڪلب جي ٻاهران پنهنجيون صحافتي ذميواريون انجام ڏيئي رهيو هو ته ڪن شر پسندن انهن تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس اين جي کي سخت نقصان پهتو ۽ اسٽاف به سخت زخمي ٿي پيو. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ميڊيا هائوسز ، صحافين ۽ انهن جي سامان جي حفاظت جي ذميواري حڪومت ۽ انتطاميه جي آهي پر ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت ۽ انتظاميه پنهنجيون ذميواريون پوريون نه ڪري رهيون آهن. جنهن جي ڪري صحافين ۾ وڏي مايوسي پاتي وڃي ٿي. رابطا ڪميٽي زخمي ٿيندڙ اسٽاف سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها ان حملي جو سخت نوٽس وٺي ۽ ان واقعي جي  تحقيقات ڪري ذميوارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. 


4/28/2024 5:38:05 AM