Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪارڪن َ ايم ڪيو ايم جي سڃاڻ آهن ۽ انهن جو هر سٺو عمل تحريڪي پيغام جو عڪاس آهي. رابطا ڪميٽي ميمبرَ


ڪارڪن َ ايم ڪيو ايم جي سڃاڻ آهن ۽ انهن جو هر سٺو عمل تحريڪي پيغام جو عڪاس آهي. رابطا ڪميٽي ميمبرَ
 Posted on: 3/26/2016
ڪارڪن َ ايم ڪيو ايم جي سڃاڻ آهن ۽ انهن جو هر سٺو عمل تحريڪي پيغام جو عڪاس آهي. رابطا ڪميٽي ميمبرَ
ميرپورخاص: 26 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اقبال مقدم ۽ محمد حسين چيو آهي ته ڪارڪن ايم ڪيو ايم جي سڃاڻ آهن ۽ دشمن به ايم ڪيو ايم جي نظم و ضبط جو اعتراف ڪن ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن ميرپورخاص جي جناح هال بلديه ڪمپليڪس ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جي نوجوانن ۾ اهو جذبو پيدا ڪيو جو انهن ملڪ جي سياست ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مقبوليت کان خوفزده ملڪ دشمن قوتن هر دور ۾ منفي پروفيگنڊو ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جون سازشون ڪيون آهن پر ايم ڪيو ايم جي بهادر ڪارڪنن ڪڏهن به انهن باطل قوتن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جي سياست ۾ پهريون ڀيرو سياست برائي خدمت جي جذبي کي متعارف ڪرايو آهي ۽ هميشه امن ۽ محبت جو ئي درس ڏنو آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ حق پرستي جي سفر ۾ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي شهادت به قبول ڪئي پر ظالم قوتن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو ۽ جناب الطاف حسين  ملڪ جا واحد ليڊر آهن جن ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن مائٽ کي ڪنهن به عهدي جي لاءِ نامزد نه ڪيو آهي بلڪه تحريڪي ڪارڪنن کي ئي نامزد ڪيو آهي.ان موقعي تي ميرپورخاص زون ۾ وڌيڪ 7 ساٿين جو اضافو به ڪيو ويو. جن جا نالا هي آهن. محمد عثمان، فقير محمد ميمڻ، فاروق جميل دراني، عاصم آفريدي، سعيد منصوري، سليم خان ۽ آفاق احمد شامل آهن. 
*****

4/28/2024 12:52:17 AM