Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي همدردن شمائل بيگ شهيد ۽ ڪامران شهيد کي آلين اکين سان گڏ ڪورنگي نمبر 6 جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


ايم ڪيو ايم جي همدردن شمائل بيگ شهيد ۽ ڪامران شهيد کي آلين اکين سان گڏ ڪورنگي نمبر 6 جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
 Posted on: 3/20/2016
ايم ڪيو ايم جي همدردن شمائل بيگ شهيد ۽ ڪامران شهيد کي آلين اکين سان گڏ ڪورنگي نمبر 6 جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي: 20 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ ڪورنگي ٽائون جي همدردن شمائل بيگ شهيد ۽ ڪامران شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ ڪورنگي نمبر 6 جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ انهن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر محفوظ يار خان، اسيمبلي ميمبرن سيد سردار احمد، عامر معين پيرزاده، شهزاد وحيد، سي اي سي ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن ۽ شهيدن جي مٽن مائٽن  وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر  محفوظ يار خان ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي همدردن شمائل بيگ ۽ ڪامران شهيد جي شهادت ماورائي عدالت قتل آهي. جنهن جو مقصد مهاجرن جي نسل ختم ڪرڻ آهي. انهن چيو ته اسان ڪهڙي دل سان ٻڌايون ته اسان جي انهن ٻن همدردن جا جنازه هتي پيا آهن ۽ انهن جي گهر وارن جي مٿان ڇا گذرندي هوندي. انهن جا گهر وارا ڪنهن کان انصاف گهرن ۽ انهن جون پٽيشنون عدالتن ۾ به لڳل هيون. انهن سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته اهي شمائل بيگ شهيد ۽ ڪامران شهيد جي شهادت تي هڪ جوڊيشل ڪميشن بڻائين. انهن چيو ته هن علائقي ۾ خوف جي فضا قائم آهي. جو هتان نوجوانن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ پوءِ انهن جي ڪائي به خبر نه ٿي پوي. انهن شهيدن جي پونئرن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شهيد شمائل بيگ جا ٽي ٻار آهن ۽ ڪامران شهيد جا به ٻه ٻار آهن هاڻي انهن جي گهر وارن جي سار سنڀال ڪير لهندو. انهن چيو ته الله تعالٰي انهن شهيدن جي پونئرن کي انصاف فراهم ڪندو  ۽ جيڪي لاپتا آهن انهن کي به گهر وارن سان ملائيندو. انهن چيو ته اسان جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي اسان به پاڪستاني آهيون ۽ اسان جي ابن ڏاڏن هن ملڪ جي لاءِ لکن جي تعداد ۾ قربانيون ڏنيون آهن. اسان انصاف جي لاءِ عدالتن جو دروازو کڙڪائينداسين. ان موقعي تي سيد سردار احمد ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ڪورنگي ايم ڪيو ايم جو قلعو آهي. هتان جا ماڻهو  قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان پيار ڪن ٿا ۽ الطاف حسين جي لاءِ ئي هي ماڻهو قربانيون ڏيئي رهيا آهن. انهن چيو ته ڪراچي جا عوام ملڪ کي 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏين ٿا. پر ٻار به انهن جا ئي شهيد ۽ لاپتا ٿي رهيا آهن.اسان کي اميد آهي ته سنڌ حڪومت ان واقعي جي انڪوائري ڪرائيندي ۽ آئي جي سنڌ ايمانداري ۽ غير جانبداري سان ان جي تفتيش ڪندا.
*****


5/4/2024 9:29:04 PM