Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪورنگي ڪراسنگ کان ٻن مهاجر نوجوانن شمائل بيگ ۽ ڪامران جون لاشون ملڻ ماورائي عدالت قتل جو واقعو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ڪورنگي ڪراسنگ کان ٻن مهاجر نوجوانن شمائل بيگ ۽ ڪامران جون لاشون ملڻ ماورائي عدالت قتل جو واقعو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 3/19/2016
ڪورنگي ڪراسنگ کان ٻن مهاجر نوجوانن شمائل بيگ ۽ ڪامران جون لاشون ملڻ ماورائي عدالت قتل جو واقعو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 20 مارچ 2016 
                   متحده قومي  موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪورنگي ڪراسنگ جي علائقي مان ٻن مهاجر نوجوانن شمائل بيگ ۽ ڪامران جي قتل جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم پنجابي سرائيڪي آرگنائيزنگ ڪميٽي ڪورنگي ٽائون جي ڪارڪن يامين علي جي صاحبزادي عمران علي کي 18 نومبر 2015 تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن گرفتار ڪيو هو. ڪجھھ ڏينهن کان پوءِ قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جي ٻٽ ٻڌل اهلڪارن ڪورنگي يوسي 26 کان پنج مهاجر نوجوانن عمران احمد خان، سيد حامد، ڪامران، زوهيب ۽ شمائل کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪيو . انهن گرفتار ٿيلن مان عمران احمد خان کي 2 ڊسمبر تي ڇڏي ڏنو ويو ۽ 23 فيبروري 2016 تي سيد حامد کي هڪ جعلي مقابلي ۾ ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. باقي رهجي ويل چئن ڄڻڻ مان ٻه ڄڻڻ شمائل بيگ ۽ ڪامران جون تشدد ٿيل لاشون اڄ ڪورنگي ڪراسنگ جي علائقي مان مليون آهن. جڏهن ته عمران علي ولد يامين ۽ زوهيب ولد سهيل تاج هن مهل تائين لاپتا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اهو کليل ماورائي عدالت قتل آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن انهن مهاجر نوجوانن تي ڪوئي الزام هو ته انهن کي قانون جي مطابق عدالت ۾ پيش ڪيو وڃڻ گهرجي ها ۽ انصاف جا تقاضا پورا ڪندي انهن جي گهر وارن کي به عدالت سان رجوع ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها. پر انهن کي جهڙي طرح تشدد ڪري ماريو ويو آهي. اهو انصاف ۽ قانون جو کليل قتل آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ جهڙي طرح گرفتار ٿيلن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو پيو وڃي ان سان ڪراچي ۾ جاري آپريشن تي سوال اٿي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي اپيل ڪئي ته اهي ماورائي عدالت قتلن جي واقعن تي سوموٽو ايڪشن وٺن ۽ انهن واقعن ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪرائين. رابطا ڪميٽي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي به اپيل ڪئي ته اهي به ڪراچي ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي هٿان ماورائي عدالت قتلن جو نوٽس وٺن ڇو ته اهڙي طرح جا واقعا قانون نافذ وارن ادارن جي ساک کي نقصان پهچائي رهيا آهن. انهن مطالبو ڪيو ته عمران علي ۽ زوهيب جيڪي هن مهل تائين لاپتا آهن انهن کي بازياب ڪرايو وڃي. رابطا ڪميٽي ماورائي عدالت قتل ڪيل شمائل بيگ ۽ ڪامران جي گهر وارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.
*****

5/5/2024 1:39:56 AM