Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ارٿ آور ملهايو ويو


ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ارٿ آور ملهايو ويو
 Posted on: 3/19/2016
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ارٿ آور ملهايو ويو
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسٽيٽ مين آهن جيڪي پنهنجي زمين ۽ نسلن سان محبت ڪن ٿا.ڊاڪٽر فاروق ستار
ڪراچي: 19 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ارٿ آور ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ رات 30 ؛8 کان 30 ؛9 تائين نائن زيرو ۽ ٻين آفيسن جون سموريون لائيٽون بند ڪيون ويون.ان موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم واحد سياسي جماعت آهي جيڪا هر سال ارٿ آور ملهائي ٿي. ان موقعي تي WWF   پاڪستان جا  ايڊوائيزر محمد معظم خان، سينيئر آفيسر محمد شفيع الله ، محترمه مصباح  ، رابطا ڪميٽي ميمبر، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسٽيٽ مين آهن ۽ جيڪي اسٽيٽ مين هوندو آهي اهو پنهنجي زمين ۽ نسلن سان محبت ڪندو آهي. انهن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان اهڙا وڻ پوکيون جيڪي نه صرف چانوَ ڏيندڙ ، ڦر ڏيندڙ ۽ آکيرن وارا به هجن. انهن  چيو ته مستقبل جي بقا و سلامتي ۽ نسلن جي بقا و سلامتي جي لاءِ ارٿ آور  تمام ضروري آهي. انهن چيو ته حڪومت کي مڪاني ادارن کي به بااختيار بڻائڻ گهرجي. انهن چيو ته ڪراچي قومي شهر آهي. هتي ترقي ٿيندي ته پاڪستان ترقي ڪندو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي صفائي مهم به ماحولياتي آلودگي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ئي آهي ۽ اها به ارٿ آور جو ئي حصو آهي. تقريب کي ڊبليو ڊبليو ايف جي ايڊوائيزر  خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ درجنين سياسي جماعتون آهن پر ارٿ آور صرف ايم ڪيو  ايم ئي ملهائي ٿي. اهو ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي زمين ۽ ايندڙ نسلن سان پيار ڪري ٿي. 
*****

5/4/2024 10:31:51 PM