Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پاڪ فوج ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر مان دوستي جو هٿ وڌايان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پاڪ فوج ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر مان دوستي جو هٿ وڌايان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/19/2016
آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پاڪ فوج ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر مان دوستي جو هٿ وڌايان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
پاڪستان جي بقا و سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ ماضي کي فراموش ڪيو وڃي ۽ مهاجرن کي سيني سان لڳايو وڃي
مون تي ڀارت جي ايجنسي را کان ڏوڪڙ وٺڻ جو الزام غلط آهي، جيڪڏهن مون کي ڏوڪڙ وٺڻا هجن ها ته مان پنهنجي ملڪ جي ايجنسين کان وٺان ها ۽ مون کي را وٽ وڃڻ جي ڪهڙي گهرج هئي؟ 
رينجر جي چوڪين تي دستي بم حملن ۾ نه ته ايم ڪيو ايم جو ڪوئي ڪارڪن ملوث آهي ۽ نه ئي اها ايم ڪيو ايم جي پاليسي آهي
ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي وڊيو لنڪ جي ذريعي ملڪ جي 37  هنڌن تي هڪ ئي وقت خطاب
لنڊن: 19 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پاڪ فوج ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر دوستي جو هٿ وڌائيندي پيشڪش ڪئي آهي ته پاڪستان جي بقا و سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ ماضي کي فراموش ڪيو وڃي. ۽ مهاجرن کي سيني سان لڳايو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي لنڊن ۽ پاڪستان جي 37 کان وڌيڪ هنڌن تي وڊيو لنڪ جي ذريعي  ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. يوم تاسيس جو مرڪزي اجتماع جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. جتي نه صرف پنڊال بلڪه عائشه منزل، ڪمپري هينسو اسڪول ، سنگم گرائونڊ ۽ حسين آباد تائين ماڻهن جو سمنڊ اٿليل هو. ڪراچي ، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، نواب شاھ ۽ اندرون سنڌ جي ٻين شهرن ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ منعقد ٿيندڙ اجتماعن جا شرڪاء  قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان تمام گهڻي محبت جو اظهار ڪندا رهيا ۽ وقفي وقفي سان جناب الطاف حسين جي حق ۾ نعرا هڻندا رهيا. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي 32 هين يوم تاسيس جي دلي مبارڪباد ڏيندي فرمايو ته اڄ جناح گرائونڊ ۽ آس پاس جي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ جيستائين به نظر پئجي سگهي ٿي اوستائين ماڻهن جو سمنڊ نظر اچي رهيو آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن سمنڊ مان ڪجھھ گندا قطرا نڪري وڃن ته سمنڊ تي ڪوئي به فرق نه ٿو پوي. انهن ميڊيا جي ايڊيٽرن ۽ مالڪن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان ڀلي الطاف حسين جي تصوير ۽ تقرير شايع ۽ نشر نه ڪريو پر ايم ڪيو ايم ملڪ جي چوٿين وڏي جماعت آهي جنهن  جا 8 سينيٽر، 24 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 51 سنڌ اسيمبلي جا ميمبر آهن. صحافتي اصولن جو تقاضا آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ کي ميڊيا تي انهن جو جائز حق ڏنو وڃي ۽ انهن سان ناانصافي نه ڪئي وڃي. انهن وڌيڪ فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن ۽ جمهوري جدوجهد تي يقين رکي ٿي. جيڪڏهن پاڪستان جي آئين ،قانون ۽ اقوام متحده جي چارٽر جي مطابق ايم ڪيو ايم کي ميڊيا تي ان جو جائز حق نه ڏنو ويو ته پوءِ ان ناانصافي جي خلاف ايم ڪيو ايم پرامن احتجاج جو حق رکي ٿي. جناب الطاف حسين ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجر جي چوڪين تي دستي بم حملن جي مذمت ڪندي فرمايو ته ان قسم جي ڪاروائين ۾ نه ته ايم ڪيو ايم جو ڪوئي ڪارڪن ملوث آهي ۽ نه ئي اها ايم ڪيو ايم جي پاليسي آهي. انهن ڊي جي رينجر ۽ ٻين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ثبوتن ۽ شاهدين جي روشني ۾ جيڪو به ماڻهو ان قسم جي ڪاروائي ۾ ملوث پاتو وڃي ته ان کي آئين ۽ قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن به واقعي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪوئي به ماڻهو ملوث پاتو ويو ته ايم ڪيو ايم ائين ڪرڻ واري جي آزادي جي لاءِ ڪائي به درخواست نه ڪندي. پر اسان جي اپيل آهي ته ڪنهن به بي گناھ کي سزا نه ڏني وڃي ۽ ڪنهن به بي گناھ سان ظلم ۽ ناانصافي نه ڪئي وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي چور  ۽ لٽيرا ايم ڪيو ايم جي صفن مان ڪڍيا ويا هئا ۽ جن جا نالا JIT  ۾ موجود آهن ۽ وزير اعلٰي سنڌ به انهن جو  نالو وٺن ٿا، پر اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ مهانگن علائقن جي بنگلن ۾ رکڻ سراسر ناانصافي آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ 19 جون 1992 ۽ ان  کان پوءِ به اهڙي طرح جون سازشون ڪيون ويون  جيڪي ناڪام ٿيون. پر الله تعالٰي جي فضل و ڪرم ۽ عوام جي اتحاد سان ايم ڪيو ايم اڄ به قائم ۽ دائم آهي، پر اهڙيون ئي سازشون اڄ به ڪيون پيون وڃن ۽ اهي به ناڪام ٿينديون. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي معلوم ڪن ته جن ماڻهن جا نالا JIT  ۾ اچي رهيا هئا. انهن جي سرپرستي ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڪير انهن جا پوسٽر لڳرائي رهيو آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته هڪ طرف ته اوهان دهشت گردن جي خلاف ضرب عضب شروع ڪري رکي آهي. پر جڏهن ته ٻئي طرف ڪجھھ عناصر جي طرفان دهشت گردن کي ڊفينس جي بنگلن ۾ رهايو پيو وڃي. جنرل راحيل شريف صاحب! مان وڏي ادب سان اوهان کي اپيل ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي مظلومن تي ظلم ختم ۽ ڏوهارين جي سرپرستي جو سلسلو بند ڪرايو وڃي. ان کان اڳ جنرل آصف نواز، جنرل اسلم بيگ ۽ جنرل حميد گل به ان قسم جون ڪوششون ڪري چڪا آهن. بريگيڊيئر امتياز به اڃان زنده آهن. اوهان انهن کي گهرائي ڪري پچو ته جنرل حميد گل انهن کي نوٽن سان ڀريل بريف ڪيس ڏيئي ڪري مون وٽ موڪليو هو ۽ بريگيڊيئر امتياز ٽيليويزن تي اعتراف به ڪيو هو ته اهي نوٽن سان ڀريل بريف ڪيس کڻي ڪري الطاف حسين وٽ ويا هئا. پر انهن اهي پيسا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون تي ڀارت جي ايجنسي را کان ڏوڪڙ وٺڻ جو الزام سراسر غلط آهي. جيڪڏهن مون کي ڏوڪڙ وٺڻا هجن ها ته مان پنهنجي ملڪ جي ايجنسين کان وٺان ها، مون کي را وٽ وڃڻ جي ڪهڙي گهرج هئي؟ اڄ مون تي را کان ڏوڪڙ وٺڻ جو الزام لڳايو وڃي ٿو پر جڏهن ته الطاف حسين جي گهر نوٽن سان ڀريل بريف ڪيس اچي رهيا هئا ته پوءِ انهن کي ڇڏي ڪري الطاف حسين را وٽ ڇو ويندو؟ ڇا ڪوئي ايتري به ڳالھھ سمجهي نه ٿو سگهي. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم تي جناح پور جي سازش جو الزام لڳايو ويو هو ۽ 17 سالن  کان پوءِ  بريگيڊيئر امتياز قوم کي سچائي کان آگاھ ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي آفيس کان جناح پور جو ڪوئي به نقشو نه مليو  هو ۽ اهي نقشا بريگيڊيئر آصف هارون پاڻ ڇپرايا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل راحيل شريف ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا الزام هڻڻ وارن سان گڏو گڏ ان جي به تحقيقات ڪرائين ته منهنجي 66 سالن جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي کان ڪواليفائيڊ انجنيئر 28 سالن جي عارف حسين کي گرفتار ڪري ٽن ڏينهن تائين وحشياڻو تشدد ڪرڻ کان پوءِ قتل ڪرڻ وارا ڪير آهن. ايم ڪيو ايم جي هزارين بي گناھ ڪارڪنن کي ڪنهن شهيد ڪيو. جيڪڏهن اسان تي ڏوھ ثابت ٿي وڃي ته اسان کي آئين ۽ قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي. پر انصاف ، ديانت، امانت ۽ اصول جو تقاضا اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جي شهيدن جي قاتلن کي به سزا ڏني وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪ فوج جو اڄ به احترام ڪري ٿي ۽ اسان ماضي جي ڳالهين کي هڪ پاسي رکي ڪري ۽ هڪ ٻئي کي معاف ڪري پاڪ فوج ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ٻئي جا دوست ڇو نه ٿا بڻجي وڃن. ايم ڪيو ايم افغانستان، ڀارت، ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي دوستانه تعلقات جي حمايت ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن ڪوئي پاڙيسري ملڪ ڏاڍائي ڪري ته پاڪ فوج ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي گڏجي ڪري پاڪستان جو دفاع ڪندا. جناب الطاف حسين جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته چيو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم تعصب ڦيلائي رهي آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم مهاجرن سان تعصب ۽ ناانصافي جو رڌعمل آهي. 1964 ۾ ٿيندڙ صدارتي اليڪشن ۾ ڪراچي جي عوام جنرل ايوب خان جي مقابلي ۾ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو هو جنهن جي ڏوھ ۾ گوهر ايوب جي سربراهي ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪيا ويا. بي گناھ شهرين کي قتل ڪيو ويو ۽ انهن جي ملڪيتن کي ساڙيو ويو. ان وقت ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين نه هو. 1972 ۾ مهاجرن جو سياسي، معاشي ۽ تعليمي قتل عام ڪرڻ جي لاءِ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ ٻهراڙي ۽ شهري جي بنياد تي تفريق ڪئي وئي. 1973 ۾ پي پي لساني بل پاس ڪري اردو زبان سان نفرت جو جهنڊو بلند ڪيو ، ممتاز ڀٽو جي سرپرستي ۾ اندرون سنڌ ۾ رهڻ وارن مهاجرن جي گهرن تي حملا ڪرايا ويا. انهن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا ۽ مهاجرن کان اندرون سنڌ خالي ڪرايو ويو. ان وقت ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين سياست جي ميدان ۾ نه هئا. ايوب خان، يحيٰي خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومتن ۾ مهاجر بيوروڪريٽن کي هڪ ئي جهٽڪي ۾  قلم جي مار ڏيئي ڪري نوڪرين مان ڪڍيو ويو. نيشنلائيزيشن جي پاليسي جي نالي تي مهاجرن جي بينڪن، صنعتن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ انشورنس ڪمپنين کي قبضي ۾ ورتو ويو ۽ جڏهن نيشنلائيزيشن جي پاليسي واپس ورتي وئي ته مهاجرن کي انهن جون ملڪيتون واپس نه ڪيون ويون. اندرون سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مهاجر شاگردن کي داخلائون نه ڏنيون  وينديون هيون ۽ مهاجرن کي اعلٰي تعليم کان محروم ڪيو ويو هو. ان وقت ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين موجود نه هئا. ان جي ڪري اهو چوڻ سراسر غلط آهي ته ايم ڪيو ايم تعصب ڦيلائي ٿي. انهن فرمايو ته اڄ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي مان هڪ ڀيرو ٻيهر جنرل راحيل شريف ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايان ٿو ۽ انهن کي دوستي جي پيشڪش ڪري مهاجرن جو مقدمو انهن جي سامهون رکان ٿو ته پاڪستان جي بقا و سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ ماضي کي فراموش ڪيو وڃي. مهاجرن کي سيني سان لڳايو وڃي. انهن وڌيڪ فرمايو ته جنرل راحيل شريف کي چوان ٿو ته ايم ڪيو ايم کي صرف مظلوم عوام جا حق ۽ انصاف گهرجي. ايم ڪيو ايم ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام ۽ اسٽيٽس ڪو جو خاتمو چاهي ٿي ۽ چاهي ٿي ته پاڪستان ۾ به سچو ۽ جمهوري نظام قائم ٿئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پنهنجو مقدمو جنرل راحيل شريف جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي اميد آهي ته اهي انصاف ڪندا. انهن فرمايو ته گذريل ڪجھھ ڏينهن جي دوران منهنجي باري ۾ طرح طرح جون افواهون ڦيلايون ويون. ڪنهن چيو ته الطاف حسين سخت بيمار آهن. ڪنهن چيو ته آئي سي يو ۾ آهن. ڪنهن چيو ته الطاف حسين گهمي ڦري نه ٿا سگهن، اهي اليڪٽرانڪ اسڪوٽر تي هلي رهيا آهن. هڪ ٽي  وي چينل تي ته اها خبر به اچي وئي ته الطاف حسين جو انتقال ٿي ويو. انهن فرمايو ته جن منهنجي باري ۾ افواهون ڦيلايون. منهنجي موت جون خبرون ڏنيون. مان انهن جي لاءِ بددعا نه ڪندس بلڪه دعا ڪندس ته الله تعالٰي انهن جي والدين جي وڏي عمر ڪري ۽ جيڪڏهن اهي بيمار آهن ته انهن کي صحت عطا فرمائي. جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي يوم تاسيس جي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ تمام تر مشڪلاتن جي باوجود ثابت قدمي سان تحريڪي ڪم جاري رکڻ تي يونٽن، سيڪٽرن، زونن جي سمورن ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين صفائي مهم ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺڻ تي سمورن ڪارڪنن، نامزد ميئر ، يوسي چيئرمينن، ڪائونسلرن ۽ عوام کي به شاباش پيش ڪئي. انهن ليبرڊويزن کي به انهن جي سالانه ڪنوينشن تي مبارڪباد پيش ڪئي. جناب الطاف حسين تحريڪ جي لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارن شهيدن ۽ اسير ڪارڪنن کي بيهي ڪري سلوٽ به پيش ڪيو ۽ انهن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو. انهن دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي به سلوٽ پيش ڪيو. 
*****


5/4/2024 9:53:00 PM