Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايمانداري سان آدم شماري ڪرائي وڃي، مڪاني نمائندن کي اختيار ۽ وسيلا ڏنا وڃن ۽ ملڪ ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر فاروق ستار


ايمانداري سان آدم شماري ڪرائي وڃي، مڪاني نمائندن کي اختيار ۽ وسيلا ڏنا وڃن ۽ ملڪ ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/18/2016
ايمانداري سان آدم شماري ڪرائي وڃي، مڪاني نمائندن کي اختيار ۽ وسيلا ڏنا وڃن ۽ ملڪ ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر فاروق ستار
فڪري ۽ نظرياتي تحريڪون سڪون ۾ نه ٿيون رهن. شاهد پاشا
جناح گرائونڊ ۾ 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي اجتماع کي خطاب
ڪراچي: 18 مارچ 2016 
   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته 24 سالن کان پوءِ پاڪستان قائم نه رهي سگهيو هو ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام جا 32 مڪمل ڪري رهي آهي، اهو هڪ اشارو به آهي ته باقي بچيل پاڪستان جي بقا  و سلامتي جي ضمانت 32 سالن کان هر چينلج جو مقابلو ڪرڻ  وارو ئي ڏيئي سگهي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان جو سياسي عمل ۽ جناب الطاف حسين جو نظريو اڄ 32 سالن جو ٿي ويو آهي. انهن چيو ته اهڙيون سوين سازشون 32 سالن ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيون ويون. پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هر سازش جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو آهي.  انهن مطالبو ڪندي چيو ته ايمانداري سان آدمشماري ڪرائي وڃي، پاڪستان ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن،انهن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 140 اي جي تحت مڪاني ادارن کي اختيار ۽ وسيلا ڏنا وڃن ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ميڊيا تان پابندي هٽائي وڃي. انهن چيو ته اڄ جو ڏينهن جناب الطاف حسين سان تجديد عهد وفا جو ڏينهن به آهي ۽ اسان کي انهن جي فڪر ۽ نظريي سان وفا نڀائڻي آهي. انهن چيو ته اسان کي منزل کان هٽائڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سازشون ڪيون پيون وڃن پر اسان پنهنجي اتحاد سان انهن سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. انهن سوال ڪيو ته ڇا جناح پور کان وڏو ڪوئي الزام ٿي سگهي ٿو. جڏهن ان کي واپس ورتو ويو آهي ته هاڻي را کان فنڊن يا انڊيا سان تعلق جي الزامن کي به اسان رڌ ڪريون ٿا. انهن چيو ته اهو الزام ميڊيا ۾ لڳو آهي ته اسان جواب به ميڊيا ۾ ئي ڏيئي رهيا آهيون پر جيڪڏهن اهو الزام عدالتن ۾ ايندو ته پوءِ اسان اتي به ان جو سامنو ڪنداسين. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطاڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو ته جناب الطاف حسين پنهنجي جواني ۽ خواهشن کي حق پرستي جي خاطر ۽ اسان جي خاطر قربان ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته فڪري ۽ نظرياتي تحريڪون سڪون جي حالت ۾ نه ٿيون رهن ۽ اسان کي جناب الطاف حسين جي فڪر و  فلسفي کي هر ڏکيائي جي باوجود ڦيلائڻو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن شبير احمد قائم خاني،محترمه نسرين جليل، ڪمال ملڪ ۽ اسلم آفريدي چيو ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون پهرين ئي ڏينهن کان سازشون ڪيون پيون وڃن پر الله تعالٰي جي فضل ڪرم سان ايم ڪيو ايم اڄ به قائم آهي ۽ قيامت تائين قائم رهندي. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر هير سوهو به خطاب ڪيو. 

5/4/2024 3:33:35 PM