Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خصوصي پيغا


ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خصوصي پيغا
 Posted on: 3/17/2016
ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خصوصي پيغا
ايم ڪيو ايم جي 32 ساله جدوجهد جي دوران ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ تمام گهڻيون سازشون ڪيون ويون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن:  17 مارچ 2016 
                 قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جو مقصد ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام، ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ موروثي سياست جو خاتمو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ڪاميابي ماڻيندي ۽ سڄي ملڪ ۾ غريبن جي حڪمراني قائم ٿيندي. ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ڪنهن هڪ طبقي جي نه بلڪه سڄي ملڪ جي مظلومن جي حقن جي حصول جي جدوجهد ڪرڻ واري واحد ۽ سچي تحريڪ آهي، جيڪا پاڪستان ۾ اهڙي سماج جي قيام جي لاءِ  جدوجهد ڪري رهي آهي. جتي  هر شهري کي بغير ڪنهن رنگ و نسل، زبان، قوم، مسلڪ ، عقيدي ۽ مذهب جي فرق ڪرڻ کان سواءِ حق حاصل  ٿي سگهن ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿئي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي 32 ساله جدوجهد جي دوران ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ تمام گهڻيون سازشون ڪيون ويون. ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪوڙن مقدمن ۾ ڦاسايو ويو ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ان کان علاوه ڪارڪنن تي زندگي ايتري تنگ ڪئي وئي جو اهي دربدري جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا. پر ظلم ۽ ڏاڍ جو ڪوئي به هٿڪنڊو انهن کي جهڪائي نه سگهيو. انهن فرمايو ته حق پرستي جي هن تحريڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ حق پرست شهيدن، اسيرن، لاپتا ۽ ثابت قدم ڪارڪنن ۽ انهن جي گهر وارن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون ۽ ملڪ کان جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام ۽ اسٽيٽس ڪو جو خاتمو ٿيندو ۽ ملڪ تي غريبن جي حڪمراني قائم ٿيندي. جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته اهي همت ۽ جرت سان ڪم وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ماضي وانگر هن ڀيري به يڪجهتي ۽ بهادري جو مظاهرو ڪن. انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿيندڙ سموريون سازشون ناڪام ٿي وينديون. انهن تحريڪ جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو ته حق پرست شهيدن جي صدقي ئي ايم ڪيو ايم پنهنجي منزل تي ضرور پهچندي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشون ڪندڙ پاڻ ئي ختم ٿي ويندا ۽ ايم ڪيو ايم قائم و دائم رهندي. 
*****

5/4/2024 6:15:51 PM