Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي خلاف نئون گروپ جوڙڻ جي ڪوششن جي پويان اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھھ عناصر ملوث آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ايم ڪيو ايم جي خلاف نئون گروپ جوڙڻ جي ڪوششن جي پويان اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھھ عناصر ملوث آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/17/2016
ايم ڪيو ايم جي خلاف نئون گروپ جوڙڻ جي ڪوششن جي پويان اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھھ عناصر ملوث آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
انشاء الله تعالٰي ماضي وانگر هن ڀيري به ايم ڪيو ايم جي خلاف اهي سازشون ناڪام ٿينديون
نائن زيرو تي خطاب
لنڊن: 17 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن ۽  اهي رپورٽون به ملي رهيون آهن ته ايم ڪيو ايم جي خلاف جيڪو نئون گروپ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان جي پويان اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھھ عناصر ملوث آهن. انشاء الله تعالٰي ماضي وانگر هن ڀيري به ايم ڪيو ايم جي خلاف اهي سازشون ناڪام ٿينديون. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اهي رپورٽون به ملي رهيون آهن ته جن ماڻهن کي آندو ويو آهي انهن سان هڪ سرڪاري ايجنسي جي سابق سربراھن جنرل پاشا ۽ جنرل ظهير تفصيلي ملاقات ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ انهن ماڻهن کي باقائده ذهني طور تي تيار ڪري ايم ڪيو ايم کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪراچي آندو ويو آهي ۽ انهن کي اهو ٽاسڪ به ڏنو ويو آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي قيادت تي ملڪ دشمني جا الزام لڳائن ۽ جنهن تحريڪ ۽ قيادت انهن کي نالو ۽ مقام ڏنو ان قيادت جي ڪردار ڪشي ڪن. ان مقصد جي لاءِ انهن ماڻهن کي ڪروڙين روپين جو بنگلو ڏنو ويو. انهن فرمايو ته الطاف حسين تي ته  مني لانڊرنگ ۽ پيسا وٺڻ جا ڪوڙا ۽  شرمناڪ الزام لڳايا وڃن ٿا. پر ڪوئي اهو سوال نه ٿو ڪري ته ڊفينس جي بنگلي جي لاءِ ڪروڙين روپيا ڪنهن ڏنا. پينا فليڪس جي وڏن وڏن بينرن ۽ پوسٽرن جي لاءِ پيسا ڪير ڏيئي رهيو آهي؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فرمايو ته 19 جون 1992 تي به جڏهن ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو هو ، ان وقت به ڪجھھ ماڻهن جا ضمير خريد ڪيا ويا هئا. ايم ڪيو ايم جي خلاف شروع ڪيل آپريشن کي صحي ۽ جائز قرار ڏيڻ جي لاءِ ان تي ملڪ دشمني جا الزام لڳايا ويا ۽ ان مقصد جي لاءِ جناح پور جا جعلي ۽ ڪوڙا نقشا قوم جي سامهون پيش ڪيا ويا ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم تي را سان تعلق جو ڪوڙو الزام لڳايو پيو وڃي. انهن فرمايوته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ جنرل احسان ۽ ٻين جنرلن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ٻين طاقتور ماڻهن مون سان ڳالھايو ۽ چيو ته اسان ماضي جي سمورين غلط فهمين کي دور ڪريون ٿا ۽ نئين دور جو آغاز ڪريون ٿا. پر اڄ  وري اسان تي ملڪ دشمني جا الزام لڳايا وڃن ٿا.  جناب الطاف حسين فرمايو ته مان جنرل احسان ۽ جنرل ڪياني تائين به اهو پيغام پهچائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن اسان را جا اينجٽ هئاسين ۽  جيڪڏهن اسان غدار هئاسين ته پوءِ اسان سان ٺاھ ڇو ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن اوهان سچا هيو ته پوءِ اوهان کي ميڊيا تي اچي ڪري قوم کي حقيقتن کان آگاھ ڪرڻ گهرجي ها ۽ ٻڌائڻ گهرجي ها ته الطاف حسين کي ان جي ڪري ڀت سان لڳايو پيو وڃي جو اهي ملڪ ۾ جاري اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ چاهين ٿا، اهي عدالتن کي حقيقي معنٰي ۾ آزاد ڪرائي انصاف جو نظام قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ته سمورن اختلافن ۽ مسئلن کي ڳالھھ ٻولھھ جي ذريعي ئي حل ڪرڻ چاهيان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ طرف ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن. ٻئي طرف سرڪاري ايجنسين ، وفاقي حڪومت ۽ ٻين مخالف پارٽين پنهنجين ڪوڙين رپورٽن تي ٻڌل مواد برطانيه موڪليو آهي ته جيئن ڪنهن به طرح انهن ڪوڙين رپورٽن جي بنياد تي لنڊن ۾ منهنجي خلاف ڪوئي مقدمو بڻايو وڃي. انهن فرمايو ته مون کي برطانيه جي نظام انصاف ۽ عدالتن تي يقين آهي ۽ جيڪڏهن وري ٻيهر انهن ڪوڙين رپورٽن جي بنياد تي منهنجي خلاف مقدمو بڻايو وڃي ٿو ۽ مون کي سزا ڏني وڃي ٿي ته پوءِ مان هر سزا قبول ڪري وٺندس.پر پنهنجي تحريڪ ۽ ضمير جو سودو نه ڪندس. انهن فرمايو ته مون تي ڀلي ڪهڙائي مقدما قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ، ڪوئي به الزام لڳايو وڃي. منهنجو دامن صاف ۽ ضمير مطمئن آهي.قيامت جي ڏينهن منهنجو فيصلو الله تعالٰي ڪندو ۽ اهو ئي بهتر انصاف ڪرڻ وارو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڀلي سقراط هجي، ارسطو هجي يا افلاطون هجي انهن کي حق جي ڳالھھ ڪرڻ تي ئي زهر جا پيالا پيئڻا پيا. اڄ دنيا انهن جو لکيل مڃي ٿي ۽ جيڪو ڪجھھ انهن چيو اڄ ان تي  ريسرچ ڪري رهي آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان جي خاطر اسان جي بزرگن هجرت ڪئي ، گنگا جمنا ڇڏي، تاج محل ڇڏيو، ابن ڏاڏن جون قبرون ڇڏيون. هن وطن جي خاطر هزارين سال پراڻي  زمين ۽ تاريخ ڇڏي. پر اسٽيبلشمينٽ پهرين ئي ڏينهن کان مهاجرن کي تسليم نه ڪري رهي آهي. قائد اعظم محمد علي جناح  ۽ لياقت علي خان کي شهيد ڪيو ويو. پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ واري ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي جيل ۾ وڌو ويو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي ته لڳاتار گرفتار ڪيو پيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو کلي عام چوندا پيا وتن ته اسان ايم ڪيو ايم جا ماڻهو قتل ڪيا آهن، پر انهن کي پڪڙڻ وارو ڪوئي به نه آهي.  انهن فرمايو ته انساني حقن تي يقين رکڻ وارن ماڻهن کي مهاجرن تي ڪيل ظلمن جي خلاف آواز بلند ڪرڻ گهرجي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته 1992 ۾ به تمام تر ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي باضمير ۽ وفادار ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن جي وفاداري کي اهي خريد نه ڪري سگهيا هئا. اهڙي طرح هاڻي به تمام تر سازشن، ڪوششن ۽ هٿڪنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم  جي باضمير ڪارڪنن، امڙين ۽ بزرگن تحريڪ سان بي وفائي ڪرڻ وارن کي رڌ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪوئي به سچو ڪارڪن تحريڪ سان بي وفائي ڪرڻ وارن سان وڃڻ جي لاءِ تيار نه آهي. جناب الطاف حسين سمورن ڪارڪنن کي تحريڪ سان بي لوث وفاداري تي زبردست سلام تحسين به پيش ڪيو ۽ فرمايو ته سمورا ڪارڪن تمام تر ڏکائين جي باوجود همت ۽ حوصلي سان ثابت قدمي سان ڄميل رهن. 
*****

5/4/2024 1:03:16 PM