Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آزادي جي لاءِ لکين قربانيون ڏيڻ وارن جون نسلون ڪنهن به صورت ۾ غلامي جي زندگي گذاري نه ٿيون سگهن. رابطا ڪميٽي ميمبرَ محمد حسين ۽ اقبال مقدم


آزادي جي لاءِ لکين قربانيون ڏيڻ وارن جون نسلون ڪنهن به صورت ۾ غلامي جي زندگي گذاري نه ٿيون سگهن. رابطا ڪميٽي ميمبرَ محمد حسين ۽ اقبال مقدم
 Posted on: 3/16/2016
آزادي جي لاءِ لکين قربانيون ڏيڻ وارن جون نسلون ڪنهن به صورت ۾ غلامي جي زندگي گذاري نه ٿيون سگهن. رابطا ڪميٽي ميمبرَ محمد حسين ۽ اقبال مقدم
حيدرآباد ۾ تربيتي نشستن کي خطاب
حيدرآباد: 16 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد حسين ۽ اقبال مقدم چيو آهي ته قوم کي غلام رکڻ جي لاءِ ضمير فروشن جو ٽولو موروثي حڪمرانن جي اشارن تي ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي. انهن چيو ته آزادي جي لاءِ لکين قربانيون ڏيڻ وارن جون نسلون غلامي جي زندگي گذاري نه ٿيون سگهن.  انهن خيالن جو اظهار انهن سيڪٽر آئي ۽ سيڪٽر ڪينٽ ۾ الڳ الڳ تربيتي نشستن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا.  انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين مظلوم قومن جي حقن جي لاءِ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي جانين جي قرباني به ڏني ۽ اڄ انهن کان قرباني گهرڻ وارا ٻڌائين ته انهن پنهنجن گهرن مان مظلوم قوم جي لاءِ ڇا قربان ڪيو آهي. انهن چيو  ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ مظلوم قوم جو رشتو روح ۽ جسم وانگر آهي. جنهن کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. انهن چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪارڪن پنهنجي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ۽ دشمنن جي لاءِ استعمال ٿيندڙ انشاء الله تعالٰي خوار ٿيندا. تربيتي نشستن کي سنڌ تنظيمي  ڪميٽي جي ميمبرن ۽ سيڪٽر انچارجن به خطاب ڪيو. 
*****

5/4/2024 5:46:55 PM