Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪن ۽ سابق ٽائون ناظم لانڍي اسماعيل قريشي کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي


ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪن ۽ سابق ٽائون ناظم لانڍي اسماعيل قريشي کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي
 Posted on: 3/15/2016
ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪن ۽ سابق ٽائون ناظم لانڍي اسماعيل قريشي کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي
اسماعيل قريشي انتهائي ايماندار ۽ ديانتدار شخصيت جا مالڪ آهن، انهن تي الزام لڳائڻ وارا ڪوڙا آهن. رابطا ڪميٽي جي تحقيقاتي رپورٽ
ڪراچي: 15 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڪارڪن ۽ لانڍي جي سابق حق پرست ٽائون ناظم اسماعيل قريشي کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان ڳالھھ جو فيصلو رابطا ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اسماعيل قريشي غلط ڪم ڪرڻ وارن جي بغير ڪنهن خوف جي نشاندهي ڪندا هئا. جنهن جي ڪري انهن جي حوالي سان شڪايتن جي هڪ وڏي فائيل رابطا ڪميٽي کي موڪلي وئي هئي. شڪايتون ملڻ تي اسماعيل قريشي کي معطل ڪيو ويو هو ۽ اهو به چيو ويو هو ته الزامن جي تحقيقات ٿيڻ تائين اهي گهر ويهن. رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ گڏيل اجلاس ۾ پنهنجي ڊگهي تحقيقاتي رپورٽ کي حتمي شڪل ڏيندي پنهنجي هڪ فيصلي ۾ چيو آهي ته اسماعيل قريشي رابطا ڪميٽي جا انتهائي ايماندار ۽ ديانتدار شخصيت جا مالڪ آهن.  الحمد لله تحقيقات کان پوءِ رابطا ڪميٽي ڏٺو ته الزام لڳائڻ وارا پاڻ ڪوڙا آهن ۽ انهن مڪر و فريب ڪيو آهي. ان جي ڪري رابطا ڪميٽي گڏيل طور تي اسماعيل قريشي کي ٻيهر رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي سفارش ڪئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪندي اسماعيل قريشي کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. 
*****

5/4/2024 1:11:28 PM