Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڀلي ڪهڙا ئي ظالمانه هٿڪنڊا اختيار ڇو نه ڪيا وڃن پر اسان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ڀلي ڪهڙا ئي ظالمانه هٿڪنڊا  اختيار ڇو نه ڪيا وڃن پر اسان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/15/2016
ڀلي ڪهڙا ئي ظالمانه هٿڪنڊا  اختيار ڇو نه ڪيا وڃن پر اسان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
اسان ڪنهن به صورت ۾ غلامي قبول نه ڪنداسين ۽ آخري ساھ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين
19 جون 1992 وانگر هن ڀيري به اسٽيبلشمينٽ هڪ نئون ٽولو ٺاهيو آهي
نائن زيرو تي ڪارڪنن کي خطاب
لنڊن: 15 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته  ايم ڪيو ايم جي خلاف ڀلي ڪيترائي ظالمانه هٿڪنڊا اختيار ڇو نه ڪيا وڃن پر اسان ڪنهن جي به اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جڏهن کان وجود ۾ آئي آهي ته ان کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان 38 سالن جي جدوجهد ۾ تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا اسان تي ظلمن جا جبل ٽوڙيا ويا. 19 جون 1992 جي فوجي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو. انهن کي معذور ڪيو ويو، انهن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ انهن جون تشدد ٿيل لاشون روڊن تي اڇلايون ويون. انهن تي سرڪاري حراست ۾ وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن کان شهر جي هر علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن، ڪارڪنن ۽ انهن جي گهرن تي حملا ڪرايا ويا. ظلم جو بازار گرم ڪيو ويو. انهن فرمايو ته 19 جون 1992 وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ هڪ نئون ٽولو ٺاهيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ قيادت جي خلاف سراسر ڪوڙو ۽ بي بنياد پروفيگنڊو ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته ڪارڪن ۽ عوام چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته مان تحريڪ کي پروان چڙهائڻ جي لاءِ گذريل 38 سالن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي. جتي تحريڪ جا هزارين ڪارڪن شهيد ٿيا ته اتي  منهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي به گرفتار ڪري انهن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪيو ويو. پر نه ته عدالتن ان ظلم جو سوموٽو نوٽس ورتو ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي ان تي ڪوئي ايڪشن ورتو. اسان جي هزارين شهيدن جي قاتلن مان ڪنهن هڪ کي به اڄ تائين ڪا سزا نه ڏني وئي آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ڪوڙا مقدما بڻايا پيا وڃن. انهن کي سزائون ڏنيون پيون وڃن. پر جن ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو انهن کي اڄ تائين سزائون ڇو نه ڏنيون ويون. سموريون سياسي ۽ مذهبي جماعتون به ان ڏاڍ ۽ ظلم تي خاموش رهيون ۽ ڪنهن اينڪر به ان جو ذڪر نه ڪيو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم تي را سان تعلق جو الزام لڳايو وڃي ٿو. الزام ته بي نظير ڀٽو تي به لڳايو ويو هو ته انهن سکن جون فهرستون انڊيا کي فراهم ڪيون. ايم ڪيو ايم تي دهشت گردي جو الزام لڳايو وڃي ٿو. پر ڪوئي اهو سوال نه ٿو اٿاري ته ڀٽي جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ پي آئي اي جو جهاز ڪنهن هائي جيڪ ڪيو هو. جهاز جي مغوي مسافرن جي عيوض جيلن کان پي پي جي ماڻهن کي ڪڍي ڪري ڪابل موڪليو ويو. ڪراچي ۾ آئل ريفائنري  تي راڪيٽن سان حملو ڪيو ويو. دهشت گردي جا ڪيترائي واقعا ٿيا. پر ڪوئي به ان جو ذڪر نه ٿو ڪري. انهن فرمايو ته 14 ڊسمبر 1986 تي سانحه علي ڳڙھ ٿيو، 30 سيپٽمبر 1988 تي حيدرآباد ۾ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو. ڪراچي ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪرايا ويا. پر ڪوئي به نام نهاد ليکڪ اهو نه ٿو ٻڌائي ته اهو قتل عام ڪنهن ڪرايو. انهن فرمايو ته مهاجرن سان زندگي جي هر شعبي ۾ ناانصافيون ڪيون پيون وڃن. انهن کي نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي. ڪرڪيٽ هجي، هاڪي هجي، رانڌين جي هر شعبي ۾ مهاجرن سان ناحق ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته هڪ طرف ته چيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم پنهنجين صفن مان غلط ماڻهن کي ڪڍي. پر جڏهن ايم ڪيو ايم تحقيق کان پوءِ غلط ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کي پارٽي مان ڪڍي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ انهن کان مدد وٺي ٿي ۽ ايم ڪيو ايم تي ظلمن جا جبل ٽوڙيا وڃن ٿا. اسان جي ڪارڪنن تي کلڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ تي به مقدما قائم ڪيا وڃن ٿا. انهن فرمايو ته اسان  اهو پڪو پھھ ڪري ورتو آهي ته ڀلي اسان تي ڪيترائي ظلم ڇو نه ڪيا وڃن پر اسان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين. غلامي قبول نه ڪنداسين ۽ آخري ساھ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. ان موقعي تي موجود ڪارڪنن زوردار نعرن سان جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته اهي ڪنهن به قيمت تي انهن جو ساٿ نه ڇڏيندا ۽ تحريڪ جي خلاف ڪئي ويندڙ سمورين سازشن کي پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيندا.
*****

5/3/2024 1:39:41 AM